اسلام آباد/ ڪراچي(نمائيندن وٽان)ڀارت کي سبق سيکارڻ بعد هن سال 14 آگسٽ جي رات کان معرڪه حق جشن آزادي جون تقريبون ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شروع ڪيون ويون. مرڪزي تقريب اربع ۽ خميس جي وچ واري رات اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ سينيئر سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي. جناح اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿيندڙ هن تقريب ۾ موجود اهم شخصيتن ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير، خاتون اول آصفه ڀٽو-زرداري، ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوهان، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ پرڏيهي مهمان شامل هئا. هٿياربند ٽنهي فوجن جي مختلف شعبن پاران پريڊ ڪئي وئي. پريڊ ۾ ترڪي ۽ آذربائيجان جي فوجي دستن خصوصي طور شرڪت ڪئي. هڪ جنگي جهاز اسلام آباد ۾ فلائي پاسٽ ڪندي نظر آيو. جنهن آسمان ۾ فليئرز ڇڏيا. پريڊ جي شرڪت ڪندڙن اهڙيون شڪليون ٺاهيون جن ۾ “آزادي” ۽ “معرڪهِ حق” لکيل هو، ۽ قومي جهنڊي جي شڪل پڻ بڻائي وئي.وزيراعظم شهباز شريف تقريب دوران “معرڪهِ حق” يادگار جو افتتاح به ڪيو. گذريل مهيني منصوبابندي واري وزير احسن اقبال چيو هو ته هن سال جي آزاديءَ جو ڏينهن “معرڪوءِ حق” جي عنوان هيٺ ملهايو ويندو، جنهن جو مقصد قوم جي همت، ترقي ۽ فخر کي اجاگر ڪرڻ آهي. پاڪ فوج هن سال مئي ۾ اعلان ڪيو هو ته ڀارت سان هلندڙ تڪرار، جيڪو 22 اپريل جي پهلگام حملي کان 10 مئي تي آپريشن “بنيانم مرصوص” جي پڄاڻي تائين جاري رهيو، کي “معرڪهِ حق” جو نالو ڏنو هو. ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هي فوجي مقابلو تڏهن شروع ٿيو جڏهن ڀارت بنا ثبوت جي 22 اپريل جي پهلگام حملي جو ذميوار اسلام آباد کي قرار ڏنو. 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت پاڪستان تي هوائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ شهري جانيون ضايع ٿيون. ان کان پوءِ ٻنهي ملڪن هڪ هفتي تائين هڪٻئي تي ميزائل فائر ڪيا. آخرڪار آمريڪي ڪوششن سان جنگبندي ٿي هئي. ٻئي پاسي ڪراچي جي نيشنل اسٽديم ۾ هزارين ماڻهو تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتا، پهرين اچو پهرين رجسٽر ٿيو جي بنياد تي عام عوام کي شرڪت جو موقعو ڏنو ويو. تقريب کي رات ساڍي ڏهين بعد خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن سال عوام جو جوش ۽ جذبو وڌيڪ آهي ڇو ته پاڪ فوج اڳرائي ڪندڙ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. سنڌ حڪومت پاران منعقد ڪيل گرينڊ ميوزيڪل شو جي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته هن سال جشنِ آزادي جو جوش منفرد آهي ڇو ته مئي ۾ ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو پر سڄي قوم ۽ مسلح فوجن گڏجي بهادري سان دشمن کي موثر جواب ڏنو. هن موجب آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس قومي اميدن تي پورو لهي دشمن کي چند ڏينهن ۾ جنگبندي جي درخواست ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ جيڪڏهن چاهي ها ته جنگ جاري رکي ڀارت کي وڌيڪ جواب ڏئي سگهجي پيو پر عالمي برادري جي اپيل تي سيز فائر قبول ڪيو ويو۔ هن چيو ته پاڪستان ٺاهيندڙ سنڌ صوبو آهي ۽ هي صوبو جشنِ آزادي جي تقريبن ۾ به سدائين اڳواڻ رهيو آهي. وڏي وزير اسپانسرز ۽ منتظمين جو شڪريو ادا ڪيو جن ۾ ٽويوٽا انڊس موٽرز ڪمپني، عارف حبيب گروپ، سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ آرٽس ڪائونسل شامل آهن، ۽ احمد شاهه سميت سموري انتظامي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو۔ هن جشن ۾ مشهور گلوڪار راحت فتح علي خان، عاطف اسلم ۽ سجاد علي پرفارم ڪيو ۽ عوام سندن گيتن تي جهمومي پيو. رات ٻارهين وڳي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. وڏي وزير “پاڪستان زنده باد” جا نعرا هڻايا ۽ چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي آزادي جو هميشه قدر ڪندي ۽ متحد ٿي هر مشڪل جو مقابلو ڪري سگهي ٿي.










