معاشي بدحالي، محروميون ۽ مديني جي رياست جو خواب!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

هن وقت سڄي ملڪ ۾ واضح طور تي اهو نظر اچي رهيو آهي ته هڪ طبقو حڪمرانن ۽ شاهوڪارن جو آهي ۽ ٻيو طبقو غريبن ۽ غلامن جو آهي، امير طبقي لاءِ زندگي جون سموريون آسائشيون موجود آهن ۽ غريب طبقي جي ماڻهن کي هڪ ويلي جي ماني به ميسر ناهي ۽ سندن مقدر ۾ محروميون آهن. ڇا هي سلسلو هڪ فرسوده ۽ مڪروهه نظام جي عڪاسي نٿو ڪري!؟ سوچو ته جيڪڏهن هن انتها درجي تي پهتل غربت جو رُخ شاهوڪار طبقي ڏانهن ٿي وڃي ته سندن ڪهڙو حشر ٿيندو؟ آئون ته سمجهان ٿو ته ماڻهن کي غريب ۽ اميري ۾ ورهائيندڙ هي نظام ظالم سامراج جو پيدا ڪيل آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي ظالم آهن ته ٻئي پاسي مظلوم پنهنجي زندگي ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذاري رهيا آهن.

اصل ۾ ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻي تائين پهچائڻ ۽ عوام کي معاشي بدحالين ۾ مبتلا ڪرڻ واري هي سڄي راند هڪ خطرناڪ طريقي سان کيڏي پئي وڃي، جنهن ۾ حقيقت تي پردو وڌو ويو آهي. پاڪستان ته ڪنهن هڪڙي طبقي جي ذاتي جاگير ناهي، بلڪه هي سڀني 22 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، جيڪي هن ڌرتيءَ جا ڄاوا آهن. مون کي ته حيرت ان ڳالهه تي ٿئي ٿي ته جيڪي سياستدانن پاڻ اهو چوندا آهن ته استحصالي واري نظام کي تبديل نه ڪيو ويو ته خوني انقلاب برپا ٿيندو پر هتي آخر ڪيستائين ماڻهو پنهنجا ٻچا درياهن ۾ اڇلائي پنهنجن ڏکن ۽ اهنجن کان ڇوٽڪاري جا ائين ئي گس ڳوليندا رهندا؟ اقتدار ڌڻين کي شايد ان ڳالهه جو احساس ناهي ته معاشري ۾ جڏهن غربت انتها درجي تي پهچندي آهي ته بغاوت جنم وٺندي آهي، منهنجي هيءَ ڳالهه ڪو افسانو ناهي بلڪه حقيقت آهي، دنيا ۾ کوڙ سارا ان جا مثال موجود آهن، پوءِ تخريبڪار به ٿيندي ته دهشتگردي جا گس به ڳوليا ويندا آهن ته ڪٿي منشيات جهڙي غيرقانوني ڪاروبار به هلڻ لڳندا آهن.

گذريل گهڻي عرصي کان ملڪ اندر غربت سبب موت لامارا هڻي رهيو آهي، ڪيئي قيمتي جانيون بک، بدحالي، بيروزگاري سبب خودڪشي جي واقعن سبب موت جي منهن ۾ وڃي چڪيون آهن، جنهن ۾ نه رڳو مرد نوجوان پر گڏوگڏ ڪيتريون ئي عورتون به شامل آهن. حالت اها آهي جو موجوده تبديلي سرڪار، جيڪا هن ملڪ کي مديني جهڙي رياست بنائڻ جي خواهش رکي ٿي، پر سندس ئي پاليسين سبب سڄي ملڪ مان بُک، بدحالي، بيروزگاري ۽ غربت جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، ايستائين جو غريب ۽ بيروزگار پڙهيل لکيل نياڻيون پنهنجن ٻچن کي بُک وچان دانهون ڪندي دلبرادشته ٿي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون. هتي انتهائي افسوسناڪ صورتحال درپيش آهي، قتل رتوڇاڻ هجي، اغوا، ڦرون، چوريون، غريب بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر هجي، انهن بي واجبين جي ڪا کوٽ نه آهي، صورتحال اهڙي نهج تي پهچي وئي آهي جو هتي اسان جي معاشري ۾ شل نه ڪو غريب هجي يعنيٰ ڏوهه ڪرڻ گناهه ناهي رهيو پر غريب هجڻ وڏو گناهه تصور ڪيو ٿو وڃي، ڏاڍ اڳيان شل نه ڪنهن سفيد پوشاڪ غريب جو ڪو غرض نڪري پئي، پوءِ اهو غريب ئي پنهنجي غربت کي پِٽي ٿو، بس هن دنيا جا عجيب نظارا ڏسڻ وٽان آهن. اڄ هي جيڪو ڪجهه خودڪشين جي واقعن جو رجحان وڌي رهيو آهي، انهي پٺيان اڪثر ڪري بيروزگاري، غربت ۽ فاقه ڪشي ئي آهي، وفاقي حڪومت هجي يا صوبائي حڪومتون هجن، اهڙا واقعا ٿيڻ کانپوءِ اڄ سوڌو ڪنهن به چونڊيل نمائندي جي وات مان پاڻ اظهارِ افسوس به ڪونه ٻُڌو آهي. هاڻ ته موجوده حڪمران غربت جو خاتمو به غريبن جي خاتمي سان ڪرڻ ٿا چاهين! هي چوٿون سال آهي ته وفاق اندر پي ٽي آئي جي حڪومت اقتدار ۾ آهي، نه رڳو بيروزگاري پر گڏوگڏ مهانگائي جو جيڪو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، تنهن گذريل حڪومت جو رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ جي مڙني صوبن اندر جيڪا مهانگائي، بک ۽ بدحالي آئي آهي، تنهن جو ته ڪو تاريخ ۾ مثال ئي نٿو ملي، پر پوءِ به تنهن هوندي عمران خان چوي ٿو ته ملڪ بهتري جي رستي تي هلي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ اندر جيتريون به خودڪشيون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ نه رڳو سنڌ حڪومت کي قصوروار قرار ڏبو پر گڏوگڏ وفاقي حڪومت به ان ڏوهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي.

هي سڄي افسوسناڪ صورتحال اڄ جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن لاءِ سواليه نشان بڻيل آهي ته آخر ڪڏهن هن سنڌ جي ماڻهن کي ميرٽ جي بنياد تي حق ڏنا ويندا ۽ خودڪشين جي رجحان ۾ گهٽتائي ايندي!؟ ساڳي ريت اهو سوال به اُٿي ٿو ته اها ڪهڙي مديني واري رياست چئبي، جتي جي اڪثر آبادي غربت جي چڪيءَ ۾ مسلسل پيسجي رهي آهي، والدين وٽ پئسا نه هجڻ ڪري سندن ٻار ۽ ٻيا ڀاتي بُکن تي ويٺا هجن!؟ تعجب ان ڳالهه تي به آهي ته موجوده تبديلي سرڪار جي ئي رڳو ٽن سالن اندر هزارين ارب رپين جا قرض کنيا ويا آهن، پر سوال آهي ته ايترو وڏو پئسو قرضن جي مد ۾ حاصل ڪرڻ جي باوجود آخر ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي؟ اهو پڻ ٻڌايو وڃي ٿو ته موجوده حڪومت بجيٽ جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ کربين رپين جو قرض ورتو، مڃون ٿا ته قرض ملڪي معيشت لاءِ نقصانڪار هوندا آهن پر حڪومت قرضن وسيلي ملڪي نظام آخر ڪيستائين هلائيندي رهندي، ڇا هن ملڪ کي اڃا به قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويندو؟ موجوده حڪومت ملڪي تاريخ ۾ ٿوري عرصي دوران تمام گهڻا قرض کنيا آهن، جيڪا حڪومت قرضن جي خلاف هئي، اها ئي يوٽرن وٺي ملڪ تي قرضن جو بار وڌائي رهي آهي. هن وقت سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بجيٽ خسارو، گردشي قرض ۽ عالمي مالياتي ادارن جا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي يا وري نوان قرض کنيا ويندا؟ ان ڳالهه تي افسوس ٿئي ٿو ته موجوده حڪومت به پنهنجي دعوائن جي ابتڙ اڳوڻين حڪومتن جيان قرض لاهڻ لاءِ وري قرض کڻڻ تي ڀاڙي رهي آهي، ڇا قرض وٺڻ جو اهو عمل اسان جي ملڪي معيشت هلائڻ لاءِ روايت بنائي وئي آهي، اڳ ئي ملڪ ۾ اٽي، کنڊ ۽ پيٽرول جا بحران پيدا ڪيا ٿا وڃن، مٿان وري بجلي، گئس، پيٽروليم مصنوعات، اٽي، گيهه، کاڄري تيل سميت عام واهپي جي استعمال ۾ ايندڙ شين ۾ اگهن ۾ واڌ ڪري مهانگائي جي طوفان کي هٿ سان دعوت ڏني وئي آهي، جيڪو مختلف وقتن تي برپا ٿي عوام جو سڀ ڪجهه لوڙهي ٿو وڃي، آخر هن اقتصادي بحران جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟ موجوده حڪمران ته ان جي سڄي ذميواري اڳوڻين حڪومتن ۽ عالمي وبا ڪورونا وائرس کي قرار ڏي ٿي، پر معاشي صورتحال ته گهڻي وقت کان خراب هئي ۽ جڏهن به نئين حڪومت اقتدار سنڀاليندي آهي ته معاشي صورتحال ويتر اڳ کان به خراب ٿي ويندي آهي، جيڪا اسان وٽ هڪ فرسوده روايت بڻجي چڪي آهي.

حقيقت اها اهي ته تبديلي سرڪار جي ڪوڙن واعدا عوام کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، نئون پاڪستان ته نه ٺھي سگھيو پر پراڻو ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويو آهي، اندازو لڳايو ته ملڪ ۾ ڊالر 177 رپين تائين پهچڻ سان قومي معيشت جي حالت ڪهڙي خوفناڪ ٿي وئي، تازو وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو به ان ئي حوالي سان هو ته جيئن اُتان کان ڪجهه مدد حاصل ڪري سگهجي، سندس دوري تان واپسي کانپوءِ اهي خبرون رپورٽ ٿيون ته سعودي عرب پاڪستان کي قومي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ٽي کان چار ارب ڊالر اوڌر تي ڏئي رهيو آهي، گڏوگڏ اوڌر تي تيل جي فراهمي بابت پڻ ڳالهايو ويو. اها سٺي ڳالهه آهي پر وري به اهي قدم عارضي ٿيا، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب ڪهڙي به وقت پنهنجي اها رقم واپس ورتي ۽ اوڌر تي تيل ڏيڻ واريون رهتون ورتيون ته پوءِ اچانڪ ملڪي معيشت کي هڪ خطرناڪ جهٽڪو لڳي سگهي ٿو، تنهن ڪري حڪمرانن کي ملڪي معيشت کي سگهارو بنائڻ لاءِ مستقل حل ئي ڳولڻو پوندو. ملڪ ھڪ ته مھانگائي ٻيو وري بيروزگاري جي ڪري سماج ۾ اڻ سھپ ۽ اخلاقي قدرن جو به مان نه رھيو آھي، ھر ماڻھو ھڪٻئي مان تنگ آھي، ھن مھانگائي جي طوفان ۾ ڦرون، ڌاڙا، چوريون ۽ ٻيا ڏوهه به وڌي ويا آهن، حالت اها آهي جو مزدور کي مزدوري نٿي ملي، ان حوالي سان سرڪار جي طرفان ڪابه سھولت فراهم نٿي ڪئي وڃي، جنھن رفتار سان مھانگائي وڌي رهي آهي، جيڪڏهن اهو سلسلو اڳتي به جاري رهيو ته ماڻهن جو جيئن ئي مشڪل ٿي ويندو، خبر ناهي ته هي حڪمران ملڪ ۾ ڪهڙي تبديلي آڻڻ چاهين ٿا، باقي ايتري ته پڪ آهي ته اها تبديلي مديني جي رياست بنائڻ لاءِ ناهي! بهرحال، حڪمرانن کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ته اوهان جي حڪمراني تيستائين ڪامياب قرار نٿي ڏئي سگهجي، جيستائين اوهان ملڪ جي ماڻهن کي خودڪشين لاءِ مجبور ڪرڻ بجاءِ غربت جو خاتمو نه آڻيندو.

advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو