معاشرتي بگاڙ طرف  وڌندڙ نسل کي ڪيئن بچائجي ؟

معاشرتي بگاڙ طرف وڌندڙ نسل کي ڪيئن بچائجي ؟

شاهد راڄپر
وڏڙا چوندا هئا ۽ چوندا آھن تہ دنيا گول آھي ۽ جتان شروع ٿئي ٿي اتي ئي ختم ٿئي ٿي ان جو سنئون سڌو مطلب اهوئي آھي گهمي ڦري اتي دنيا ختم ٿئي ٿي جتان سفر شروع ٿيو ، هي لکڻي لکڻ جو مقصد منهنجي ذاتي راء آھي ۽ مون جيڪو ڏٺو ۽ وائٺو آھي صرف ان جي ئي بنياد تي لکي رهيو آھيان ۽ ٿي سگهي ٿو جيڪو مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آھي هر هنڌ ائين نہ ٿيندو هجي پر ائين ٿيندو بہ رهيو آھي “ ڪنهن ڪنهن ماڻهونء منجھ اچي بوء بهار جي´´ مطابق سڀ هڪ جهڙا بہ ناهن، ڏٺو وڃي تہ هن معاشري کي ڄڻ بگاڙ طرف ڌڪيو پيو وڃي ۽ معاشرتي بگاڙ ۾ ڪيترائي قسم آھن پر هتي صرف هڪ بگاڙ جي باري ۾ لکي رهيو آھيان ڪجھ سالن کان اسان وٽ پريمي جوڙن جو رجعان وڌي رهيو آھي پيار گناھ ناهي پيار محبت هڪ پاڪ پاڪيزه جذبو آھي ۽ محبت اهو واحد رستو آھي جنهن سان هن ڌرتي تي امن سان رهي سگهجي ٿو پيار پريم رڳو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جو فلسفو يا ناول نہ آھي پيار پنهنجي ڌرتي سان ڪيو ويندو آھي پيار پنهنجي ملڪ سان ڪيو ويندو آھي پيار پنهنجي شھر ۽ ڳوٺ سان ڪيو ويندو آھي ، مذھب سان ۽ ماء پيء سان پيار ڄمڻ کان شروع ٿيندو آھي جيڪو مرڻ گهڙي تائين جاري هوندو ۽ رهندو آھي ، جڏهن انسان سمجھ لائق ٿيندو آھي جنهن کي الهڙ جواني پڻ چيو ويندو آھي جيڪو انسان لاء نهايت ئي نازڪ ۽ انتهائي حساس دور هوندو آھي ۽ اهو دور سورهن سالن کان ارڙھن کان ويهن سالن جو تائين جو هوندو آھي جتي انسان ڀٽڪڻ ۾ بهڪڻ ۾ دير ناهي ڪندو ۽ جيڪو ان دور ۾ ڀٽڪيو نہ ۽ بهڪيو نہ اهو هڪ ڪامل ۽ ڪامياب انسان بڻجي ويندو آھي ۽ جيڪو ڀٽڪي يا بهڪي پيو اهو پنهنجي منزل نہ ماڻي سگهندو ۽ اهو سڄي زندگي پنهنجي پاڻ کي ۽ والدين ۽ نصيبن کي پٽيندو رهندو تہ منهنجا والدين هينئن ڪن هان تہ ائين ٿئي هان ۽ پنهنجا سوال ٺاهي پنهنجا ئي جواب رکندو ۽ هميشہ صرف معجزن ۽ ڪرامتن جي آسري ويهي رهيل عمر بہ ڪوڙن عاملن جي ور چڙھي تباھ ڪري ڇڏيندو ۽ ڏوھ سجو يا بهتان نصيب ۽ والدين تي ٺوڪي ڇڏيندو ۽ ان ڳالھ طرف ڌيان نہ ڌريندو آھي اهي ئي والدين آھن جن هن کي نپايو آگر وٺي هلڻ سيکاريو ٻاتا ٻول ٻولي ٻولڻ سيکاريو ۽ ان کي ديني توڙي دنياوي تعليم درسگاهن موڪلي اڃ بک ڪاٽي انهن جا اخراجات پورا ڪيا هر خواهش پوري ڪئي ۽ جيسين حياتي هوندي والدين جي سو نڀائيندا ، پر جن جي غلط صحبت ۽ سنگت سبب ڀٽڪي ويو بهڪي ويو ۽ ناڪام ٿي ويو ان جو الزام ڪڏهن بہ پنهنجي ماء پيء والدين يا نصيب تي مڙھڻ بجائي پنهنجي صحبت، پنهجي عملن، ڪردار ۽ منافق رشتن تي ٺوڪڻ گهرجي جن جي صحبت ۽ ڳالهين ۾ اچي پنهنجي الهڙ جواني وڃائي ڇڏي پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ واري ۽ ڪاميابي ماڻڻ واري عمر ۾ منافق رشتن ۾ الجهي ناڪامي ۽ بربادي پنهنجو مقدر بڻائي ڇڏيئي ۽ وري خدا نہ خواستہ اگر ڪنهن سٺي صلاح ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي تہ ان کي اهو چئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ تہ جيڪو نصيب ۾ ھوندو اهو ٿيندو اهو سراسر غلط آھي ڇاڪاڻ تہ نصيب جو هٿ سان بگاڙ ڪري وري مالڪ ڪائنات سان شڪايت ڪرڻ تہ ڪرڻ تہ مالڪ تو مونکي سڌي راه نہ ڏيکاري ۽ مونکي منافق رشتن کان نہ بچايو ، پر ان شڪايت کان پهرين اهو سوچڻ گهرجي تہ مالڪ مونڏي قادر يا نادر ، رحيم يا رحمان ذريعي ڄاڻ ڏياري پئي موڪلي تہ اي بدبخت اهو رستو نہ وٺ اهو رستو وٺڻ سان ناڪامي ۽ بربادي تنهنجو مقدر بڻجي ويندو ۽ تو انهن کي منافن جي بهڪاوي ۾ اچي غلط ڪرين ، تہ پوء ان جو ازالو تہ ڪرڻو پوندو آھي ڇاڪاڻ سڌو رستو هوندو ڪاميابي جو ضامن آھي پر هلڻ مشڪل هوندو آھي ۽ خراب رستو ڏاڍو حسين هوندو آھي پر هوندو عارضي آھي،
اسان جي معاشري کي بگاڙ طرف وٺي وڃڻ جو رستو هڪ هٿ ٺوڪيا پريمي جوڙا بہ آھن هٿ ٺوڪيا پريمي جوڙا چوڻ جو مقصد صرف اهي پريمي جوڙا آھن جن کي ڳنڍڻ وارو الله پاڪ يا قسمت نہ پر منافق رشتيدار ۽ همعثر آھن جيڪي پنهنجي خصيص مفاد خاطر ڪوڙي انا خاطر هڪ حسين زندگيء جو قتلام ڪري ٿا ڇڏين ۽ جڏهن اهوئي جڏهن انهن کي معيار ڏيندو منهنجا عزيز تنهنجي چوڻ تي مون ائين ڪيو هاڻي منهنجو وقت برو گذري رهيو آھي تہ اهوئي عزيز ان کي چوندو اڙي تنهنجو ساھ پيو وڃي اسان تہ ائين نہ پيا چاهيون پر تنهنجي ڪري اسان خاموش رهياسين توکي ڪيترن سمجهايو ڪا ڳالھ سمجهين پيو ؟!!. ۽ سڄو ملبو ان مٿان ڪيرائي ڇڏيندا تہ پير تنهنجا پنهنجا خراب هئا ۽ الزام وري اسان مٿان ٿو مڙھين اسان توکي چئون کڏ ۾ ڪر تہ ڇا تون کڏ ۾ ڪرندين ،
اهي انهن منافقن جا لفظ هوندا ، ڏٺو وڃي تہ ڪڏهن بہ اگر ڪنهن افيئر شروع پاڻهئي نہ ٿيو آ ۽ ان ۾ وچ واري ڌر جو ڪردار ضرور هوندو آ اهڙن واقعن يا عملن ۾ گهڻو ڪري ڪردار وڏن جون رنجشون ، ٻي شادي ۽ ملڪيتن جا مامرا يا سوتيلا “نڳا´´ رشتا ئي سبب رهيا آھن ۽ اهڙا عمل ڪرڻ ۾ آڳاٽي دور ۾ مشڪلائون پيش اينديون هئيون تہ ٻن جي سيٽنگ ڪيئن ڪرايون ۽ اڪثر ڪري ناڪام ويندا هئا پر موجوده دور ٽيڪنيڪي ۽ جديد دور آھي موبائيل ڪال واٽس ايپ چيٽنگ ۽ فيسبڪ يا ميسينجر تي ڪافي سهولتون پيدا ڪري ڇڏيون آھن اهڙن دوگلن فردن لاء جيڪي پنهنجيون مڪاريون استعمال ڪندي گهڻن جي احساسن سان کيڏن ٿا ۽ انهن جي ذھن ۾ پيار محبت جو ٺڳيء سان ظھر ڀري پنهنجو مفاد حاصل ڪن ٿا تمام آساني سان ۽ ان ڳالھ ۾ اهڙو مڪاري سان لفظن جو ڄار وڇائي معصومن کي الجهائي ڇڏين ٿا جو اڳئين ماڻهون کي سمجھڻ جو موقعو ئي نٿو ملي هنن جي سازش آھي يا همدردي !!!!!
۽جيسين تائين ان کي ان جي سمجھ اچي ٿي تيسين ڪافي دير ٿي چڪي هوندي آھي ۽ ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ وارا ماء پيء سڳا ڀائر ڀينر پري ٿي وڃن ٿا ۽ هو منافقن جي صحبت ۽ پنهنجي ڪيئي سبب اڪيلو رهجي ويندو آھي پوء چاهي عورت هجي يا مرد ، عورت اگر اهڙن ماڻهن جي بهڪائي ۾ اچي پنهنجي سڳن رشتن سان دوري اختيار ڪري ٿي ۽ پسند جو پرڻو ڪري ٿي تہ ان جي اولاد کي ڪڏهن بہ ان جي مڙس جا مائٽ عزت جي نگاھ سان ناهن ڏسندا اڪثر ڪري منهنجي ذاتي اندازي مطابق اهڙن پرڻن مان %99.99 سيڪڙو پرڻا ڪي تہ ڪجھ ڏينهن ۾ ٽٽي ويندا آهن تہ ڪجھ مهينن ۾ تہ ڪي وري ڪجھ سالن ۾ ۽ اهي ساڳيون پريميڪائون پنهنجي پريمين جا گهر ڇڏي پنهنجي مائٽن وٽ واپس موٽي اينديون آھن ڪي خودڪشي ڪرڻ کي ترجيح ڏينديو ۽ باقي %01. پنهجي پريمي مڙسن جي گهرن ۾ موجود رهن ٿيون پر ان قرباني باوجود بہ انهن کي اها حيثيت نہ ملندي آھي جيڪا ان کي ملڻ گهرجي پريمي مڙس ۽ ان جي مائٽن جي ڪري پنهنجي رت جي رشتن کي ٺڪرائي ڪورٽن ۽ ميڊيا وسيلي بيان ڏئي پنهنجي سڳن رشتن کان علهدي اختيار ڪري ويٺل کي مڙس بہ پنهنجي زندگي ۾ ڪا اهم حيثيت ناهي ڏيندو ۽ جڏهن اها عورت پنهنجو حق گهرڻ لاء آواز اٿاريندي آھي تہ ڪجھ پريمي مڙس ان عورت کي اهو چئي خاموش ڪري ڇڏيندو آھي تہ خبر آھي تنهنجي پنهنجي پيء ماء ۽ ڀائرن جي عزت رسوا ڪري ڇڏيئي هاڻي منهنجي وري ڪهڙي رکندين ،؟ ۽ اهڙو لفظ ان عورت ۽ سندس ٻچن لاء عذاب برابر هوندو آھي برادري م اهڙي عورت کان سندس ڌيء جو رشتو وٺڻ بہ خراب سمجهندا آھن ۽ ان جي پٽن کي ساڳي عزت گهٽ ملندي آھي ۽ ڪٿي ڪٿي تہ پيار پرڻو ڪندڙ مرد کي بہ سٺي نگاه سان ناهي ڏٺو ويندو ۽ ان جي پٽ کي بہ برادري توڙي راڄ ۾ اهو مقام ناهي ملندو جيڪو ملڻ گهرجي ۽ ان جي پٽ کي اهڙا لفظ بہ ٻڌا پوندا آھن پڻس بہ ڪننهن جي عزت ڀڄائي آھي سندا ڇورو بہ ساڳيو ڪم ڪندو،
ھڪ ڳوٺ جي ڳالھ ڪندا آھن هڪ شخص ٻي شادي ڪئي جڏهن تہ پهرين گهرواري مان ڪجھ اولاد بہ هئس ٻي گهرواري گهر وٺي اچڻ بعد ان جي پهرين گهرواري ۽ ان جي اولاد کي سٺو نہ لڳو ۽ گهر ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻجي ويا ۽ ننڍي گهرواري تي مڙس جي غيرموجدگي ۾ تشدد جا واقعا ٿيڻ لڳا پوء ڪجھ ٽائيم کان پوء ان جي ٻين گهراواري سور سختيون عذاب ڀوڳي وفات ڪري وئي ۽ پوء ان جي اولاد سان پلاند جو چڪر شروع ڪيو ويو پهرين گهرواري جو اولاد اهو وچن ڪري ويهي رهيو تہ ٻي گهرواري جي اولاد کي سک جو ساھ ناهي کڻائڻو ۽ وقتن بہ وقت ڊراما ٺهندا رهيا ۽ ڊھندا رهيا ۽ ناٺ وڃي جديد دور جو فائدو وٺندي سوتيلن پنهنجو پاڻ کي سڳو ثابت ڪرڻ لاء ھڪ معصوم ڀيڻ کي پنهنجي نشاني تي آھي غيرمردن سان موبائيل ڪال تي ڳالهرائڻ شروع ڪيو تہ ڪجھ ڪونہ ٿيندو تون ڳالهاء ائين هڪ سان ڳالهرائڻ کان پوء ٻئي سان وري ٽئين سان ۽ نيٺ ان جو دماغ واش ڪري سڳن ڀائرن ڀينرن ۽ پيء جي سامهون آڻي بدتميز ڪري ڇڏيو جيڪا پنهنجي ننڍي ڀاء سان بہ زور سان ڳالهائڻ جي جرئت نہ رکندي هئي ان کي والد جي سامهون بهاري ڇڏيو ۽ اهڙي نافرماني ڏسي والد رات جو اڪيلي ۾ زارو قطار روئڻ لڳو پر ڪنهن کي بہ ان جا ڳوڙھا نظر نہ آيا ۽ آخر پيء پنهنجي عزت خاطر خاموشي اختيار ڪري ويهي رهيو ۽ منافق ڪاميابي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ڪجھ ڏينهن کان پوء هو پنهنجي پريمي سان پرڻجي وئي جن منافقن ان جو پرڻو ڪرايو پريمي اهڙو تہ مڪار نڪتو جو انهن منافقن کي مات ڏئي ويو ڇوڪري سان ڀائر تہ هونء ئي رٺل هئا والد بہ سائيڊ تي ٿي ويو هو ۽ مڪار مڙس پنهنجي گهرواري جو منافقن ڏي وڃڻ اهو چئي بند ڪيو تہ اهي ڪردار جا ايترا ڪريل آھن جو توکي اگر مونسان ڳالهرائي سگهن ٿا تہ ٻين سان بہ ڳالهرائيندا ، سس اهو ۽ ڏير اهو چئي تشدد ڪندا رهيا تہ ڪير بہ هن جو ساٿ ڏيڻ وارو ناهي جنهن پنهنجي سڳن رشتن جو قدر نہ ڪيو تہ اسان جو ڪهڙو ڪندي ۽ اهو نہ کٽندڙ سلسلو جاري ٿي ويو ۽ ان عورت خط لکيو تہ
منهنجا پيارا بابا!!!!
منهنجا پيارا ڀائرو!!!!
منهنجي پياري ڀينرو!!!!
مان تمام گهڻي شرمنده آھيان پنهنجي کنيل قدم تي مان هنن جي چوڻ ۾ اچي ايتري تہ خوغرض ٿي وئي هئس جو اهو وساري ويٺي هئس تہ بابا جو سڀن اولاد ۾ ساھ سمايل آھي بابا راتين جا اوجاڳا ڪري پري پري جا سفر ڪري ڪمائي اسان کي نپايو پڙھايو ۽ اسان جا ناز نخرا کنيان ، اسان جون جائز ناجائز خواهشون پوريون ڪيون ، دنيا جو هر سک ڏنو ۽ پاڻ ھميشہ بکيو اڃيو رهي اسان کي ڍئوو تي کارايو سٺا ڪپڙا پهرايا مان تہ ڇا پر دنيان جو ڪو بہ اولاد پيء جو قرض لاهي نٿو سگهي ۽ امان لاء مون وٽ لفظ نہ آھن ڇاڪاڻ تہ اها منهنجي سمجھ ٿيڻ جي لائق ٿيڻ کان اڳ ئي دنيا ڇڏي وئي هئي پر مان هاڻي سمجهي وئي آھيان تہ منهنجي ماء جون سڀ اداوتون محبتون منهنجي بابا ۽ وڏي ڀيڻ ۾ موجود آھن منهنجي وڏي ڀيڻ تون رڳو منهنجي وڏي ڀيڻ نہ پر سڀن ڀائرن ۽ ڀينرن جي امان آھين تنهنجو سڀاء تنهنجو پيار تنهنجو سمجهائڻ ائين آ ڄڻ امان پنهنجي ڌيئرن کي سمجهائيندي هجي تہ ٻچا انهن ماڻهن جي چئي تي هرگز نہ لڳو جيڪي توهانکي غلط رستو ڏيکارين اهي ڪڏهن بہ سڄڻ نہ ٿيندا آھن جيڪي سڳن رشتن ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪن اگر امان زنده هجي هان تہ سفا توجهڙي هجي ، منهنجا ڀائرو مان شرمنده آھيان اوهانجي اڳيان جو اوهان جو ڀرم رکي نہ سگهيس ڀيڻ تہ ڀائرن جي عزت وڌائيندي آھي پر آء تہ ٻين جي اڳيان اوهان عزت ڪيرائڻ ۾ ڪا ڪثر نہ ڇڏي آ،
بس !!!!!
اگر ٿي سگهي تہ معاف ڪري ڇڏجو !! مان کي هاڻي خبر پئي آھي تہ سڳن ۽ سوتيلن رشتن ۾ ڪيڏو نہ فرق آھي پنهنجا ڪڏهن بہ برباد ٿيڻ جو گس ناهن ٻڌائيندا ۽ ڌاريا برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر ناهن ڇڏيندا، اوهانکي مان اهو ضرور ٻڌائينديس تہ شادي کانپوء اها خبر پئي آھي تہ نخرا بابا ۽ ادا کانسواء ٻيو ڪير بہ ناهن کڻندا سڪون جي ننڊ جيڪا بابا جي گهر ۾ ايندي هئي اها هن گهر ۾ ناهي ايندي هتي تہ صبح ٿئي ٿو تہ ڄڻ ڪو قيدي سينٽرل جيل ۾ اٿيو ، مڙس ڏير ۽ سس جيلر بڻيا پيا آھن جيڪي داد رسي ڪندا هئا اهي ويجهو هوندين بہ ڪونهين ڏور لڳا پيا آھن ، ڏير جي وحشي نظرون ڪٿي لڪڻ نٿيون ڏين سس جا مهڻا ماريون ٿا ڇڏين مڙس وٽ ڪائي عزت ناهي جن هتي پڄايو اهي خوش ويٺا آھن ۽ مان تہ نصيب کي بہ معيار نٿي ڏئي سگهان ڇاڪاڻ تہ اھو نصيب مون پنهنجو پاڻ ٺاهيو آھي ۽ بس منهنجا بابا هي منهنجو خط آخري خط آھي ۽ جيسيائين هي خط اوهان جي هٿن تائين پهچندو تيسين منهنجو سفر ختم ٿي چڪو هوندو ۽ پنهنجي مزل تي پڄي چڪي هوندس.
ڏٺو وڃي روزبروز خودڪشين جو رجعان وڌي رهيو آھي ۽ اڪثريت ان ۾ جوان طبقي جي آھي ۽ ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ اسان کي ايندڙ نسلن لاء لاڀائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آھي والدين ، استادن ۽ سڄاڻ ڌرين کي گهرجي اهڙو ماحول يا پروگرام جوڙڻ گهرجن جيئن نوجوان طبقي کي پنهنجو ۽ پرائو سمجهڻ جي توفيق هجڻ گهرجي ۽ پنهنجي نفعي يا نقصان جو ان کي اندازو هجڻ گهرجي ۽ سندس مستقبل روشن هجي جيئن پنهنجي ڌرتي پنهنجي قوم پنهنجي ماء پيء ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي

پهنجو تبصرو موڪليو