مصطفيٰ عامر قتل ڪيس، ارمغان جي پيءُ کان  جاچ جي هدايت

مصطفيٰ عامر قتل ڪيس، ارمغان جي پيءُ کان جاچ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مصطفيٰ امير جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ ملزم ارمغان ۽ سندس ٽولي خلاف گهيرو سخت ڪيو ويو آهي. پوليس پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ کي جاچ لاءِ هڪ اهم ڪم سونپيو ويو آهي. ڪيس جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پوليس لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن. مصطفيٰ امير جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پاران جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته مکيه ملزم ارمغان جي قبضي مان مليل سڀئي شيون بنا ڪنهن دير جي فارنزڪ جاچ لاءِ موڪليون وڃن ۽ ارمغان جي ويجهن ماڻهن جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيا وڃن.هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني سرگرمين بابت تفصيل ڊي ايڇ اي سيڪيورٽي چيف ۽ زميندار کان پڻ حاصل ڪيا وڃن. هدايت نامي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڊي ايڇ اي ۽ زميندار کان تفصيل حاصل ڪيا وڃن ته انهن ملزم ارمغان جي غير قانوني سرگرمين بابت هاڻي تائين ڪهڙا قدم کنيا آهن.پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جوابدار ارمغان بابت گزري ۽ درخشان پوليس اسٽيشنن جي مقامي انٽيليجنس يونٽ کان معلومات حاصل ڪئي وڃي ۽ تفصيل حاصل ڪيا وڃن ته جوابدار ارمغان ڪيتري عرصي کان اهي سرگرميون ڪري رهيو هو.اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ملزم ارمغان جي پيءُ کان جاچ ڪئي وڃي ۽ سندس ڪرمنل رڪارڊ به چيڪ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو