مشرقِ وسطيٰ ۾ سعودي قيادت ۾ نئون اتحاد، پاڪستان به شامل

مشرقِ وسطيٰ ۾ سعودي قيادت ۾ نئون اتحاد، پاڪستان به شامل

رياض (ويب ڊيسڪ) مشرقِ وسطيٰ ۾ سعودي عرب جي قيادت ۾ هڪ نئون اتحاد قائم ٿيو آهي، جنهن ۾ قطر، ترڪي، مصر ۽ پاڪستان شامل آهن. آمريڪي رسالي “فارن پاليسي” موجب، مشرقِ وسطيٰ ۾ ايران سان جنگ خليجي رياستن کي سخت نقصان پهچايو، جنهن سان سندن برآمدات ۽ سلامتيءَ جو احساس متاثر ٿيو.خليج تعاون ڪائونسل (GCC) کان ٻاهر هڪ نئون گروپ تشڪيل ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سعودي عرب، قطر ۽ غير خليجي ملڪ مصر، پاڪستان ۽ ترڪي شامل آهن. اسرائيلي رپورٽون هن اتحاد کي هڪ وڌندڙ “اسلامڪ نيٽو” قرار ڏئي رهيون آهن، جيڪو خليجي تعاون ڪائونسل جي دائري کان ٻاهر قائم ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف، سعودي بلاڪ جي هن نئين صفبنديءَ ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) واضح طور تي الڳ ٿلڳ آهي ۽ اتحاد ۾ يو اي اي جي غير موجودگي نمايان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو