مسلمانن سان امتيازي سلوڪ تي مبني بل جي منظوري خلاف احتجاج

دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مودي جي انتهاپسند حڪومت مسلمانن سان امتيازي سلوڪ تي مبني شهريت جي متنازع بل منظور ڪري ورتو آهي جنهن خلاف ڀارت ۾ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ شديد احتجاج جاري آهي. ڀارتي پارليامينٽ لوڪ سڀا ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙن کي شهريت ڏيڻ جو متنازع بل ڪثرت راءِ سان منظور ڪيو ويو جنهن تحت مسلمانن کان سواءِ 6 مذهبن جي غير قانوني پرڏيهه ۾ رهندڙن کي ڀارتي شهريت ڏني ويندي. بل جي منظوري خلاف ڀارت ۾ شهرين طرفان مظاهرا جاري آهن، آسام، اروناچل پرديش، ميزورام، ناگالينڊ، تري پورا سميت مختلف رياستن ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ ماڻهن روڊن تي نڪري شديد احتجاج ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي طرف ڪانگريس جي اڳواڻ راهل گانڌي ٽويٽ ڪندي چيو آهي ته شهريت جو بل ڀارتي آئين تي حملو آهي جيڪو شخص ان جي حمايت ڪندو اهو اسان جي قوم جي بنياد کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آمريڪي ڪميشن براءِ عالمي مذهبي آزادي به بل تي تشويش جو اظهار ڪندي ٽرمپ انتظاميه تي ڀارتي وزير داخلا اميت شاهه تي پابنديون لڳائڻ تي زور ڀريو آهي. آمريڪا جي فيڊرل ڪميشن براءِ مذهبي آزادي چيو آهي ته ترميمي بل غلط سمت ۾ خطرناڪ قدم آهي جنهن ۾ مذهب جي بنياد تي مسلمانن کي شامل ناهي ڪيو ويو. ڀارتي وزيرداخلا اميت شاهه حزب اختلاف جي شديد احتجاج باوجود متنازع بل پيش ڪيو جنهن جي حق ۾ 311 ۽ مخالفت ۾ 80 ووٽ پيا. بل تحت پاڪستان، افغانستان ۽ بنگلاديش جي هندوئن سميت ٻين اقليتن کي ڀارتي شهريت ڏني ويندي. اميت شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان، بنگلاديش ۽ افغانستان مسلمان ملڪ آهن جتي هو رهي سگهن ٿا، ان ڪري ان بل جو ڪو فائدو انهن کي نه ملندو. ڪانگريس بل تي شديد نڪته چيني ڪندي چيو آهي ته مودي ۽ بي جي پي ڀارت کي مذهبي بنيادن تي تقسيم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ان معاملي تي وزيراعظم عمران خان به هڪ ٽوئيٽ ڪيو آهي جنهن ۾ لکيو آهي ته اسان لوڪ سڀا ۾ متنازع شهريت متعلق قانون سازي جي شديد مذڪت ڪيون ٿا جنهن ۾ انساني حقوق جي سڀني قانونن ۽ پاڪستان سان ٻه طرفه معاهدن جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اها توسيع پسندي دراصل آر ايس ايس جي هندو راشٽر ڊيزائن جو هڪ حصو آهي جنهن کي فاشسٽ مودي سرڪار پرپيگنڊا طور تي استعمال ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو