”مريم نواز“ وٽان موبائل هٿ اهم معلومات حاصل،شيخ رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد دعويٰ ڪئي آهي ته لاهور جي جيل ۾ قيد هڪ صاحبزادي وٽان پڪڙيل موبائل فون مان زبردست معلومات حاصل ٿي آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مون کي اطلاع هئا ته مولانا فضل الرحمان احتجاج نه ڪرڻ تي راضي هو، 24 ڪلاڪن ۾ خبر ناهي ڇا ٿيو سمجهه ۾ نه ٿو اچي، هن چيو ته ڪرپٽ سياستدانن ملڪ کي ڦريو ۽ لٽيو آهي، عمران خان هن ملڪ کي ٻڏڻ کان بچايو آهي، شيخ رشيد چيو ته کيس پوري اميد آهي ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو، عمران خان جي قيادت ۾ حالتون ۽ معيشت بهتر ٿيندي، هن چيو ته صرف 5 ماڻهن کي اين آر او ڏيڻ جو معاملو آهي، جهڙي ڏينهن اين آر او مليو ته سڀ تحريڪون ختم ٿي وينديون، هن مريم نواز جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته لاهور جيل ۾ هڪ صاحبزادي وٽان موبائل پڪڙي وئي آهي، عورت وٽان پڪڙيل موبائل مان زبردست انفارميشن حاصل ٿي آهي، جيڪي ماڻهو رابطي ۾ هئا سڀني ماڻهن متعلق موبائل فون ۾ رڪارڊ موجود آهي. وفاقي وزير چيو ته اڄ بلاول ۽ زرداري جي سياست مختلف ۽ نواز شريف ۽ شهباز جي سياست مختلف آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو