مريم نواز جي سيلفين تي جج ڪاوڙجي پيو، رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ

لاهور (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز شريف کي اربعد ڏهاڙي احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن مريم نواز سان سيلفيون ڪڍڻ شروع ڪيون. جنهن تي عدالت جو جج جواد الحسن ڪاوڙجي پيو ۽ هن عدالت اندر موجود سمورن ماڻهن کي موبائل فون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. احتساب عدالت جي جج پيشيءَ جي موقعي تي مريم نواز ۽ يوسف عباس کي روسٽرم تي طلب ڪيو پر رش سبب مريم نواز کي سيٽ تي ئي ويهڻ جي هدايت ڪئي وئي. جڏهن ته وڪيلن پاران ملاقات جي درخواست قبول ڪندي عدالت کين حڪم ڏنو ته صرف لاڳاپيل وڪيل ئي مريم نواز سان نويڪلائيءَ ۾ ملاقات ڪري سگهندا. بعد ۾ عدالت مريم نواز ۽ يوسف عباس جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ جو فيصلو ٻڌايو.

پهنجو تبصرو موڪليو