مريم نواز جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ نيب جي درخواست

مريم نواز جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ نيب جي درخواست

لاهور (ويب ڊيسڪ)  قومي احتساب بيورو نيب مريم نواز جي درخواست رد ڪرائڻ جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي.نيب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اپنايو آهي ته مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ  مان چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي پر هو پنهنجي ضمانت جو ناجائز فائدو کڻي رهي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز کي طلب ڪرڻو آهي پر هو پيش ناهي ٿي.مريم نواز جي خلاف چوڌري شوگرملز سميت ٻين ڪيسز ۾ جاچ جاري آهي. نيب عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته عدالت مريم نواز جي چوڌري شوگرمل ڪيس ۾ ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي. ڪجهه ڏينهن اڳ نيب اثاثن واري ڪيس ۾ مريم نواز کي به  جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڪيپٽن(ر) محمد صفدر جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.نيب ذريعن موجب مريم نواز جي ڪيپٽن(ر) صفدر جي بي ناميدار هجڻ جون شاهديون مليون آهن. مريم نواز جي نالي تي ڪيپٽن(ر) صفدر سندر ۾ 109 ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي. دستاويزن موجب موضوع مال ۾ زمين مريم نواز جي نالي سان خريد ڪئي وئي آهي. موضع بدوڪي ۾ 62 ڪئنال 2 مرلن جي زمين به مريم نواز جي نالي سان خريد ڪئي وئي.نيب دستاويزن موجب 14 ڪئنال هڪ مرلا جي زمين رائيونڊ روڊ تي مريم نواز جي نالي سان ٺاهي رکي آهي. مريم نواز تعلقي رائيونڊ ۾ 200 ايڪڙ جي ايراضي جي بي ناميدار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو