مري، آزاد ڪشمير ۽ سوات ۾ برفباري، سياحن کي حيران ڪري ڇڏيو

مري، آزاد ڪشمير ۽ سوات ۾ برفباري، سياحن کي حيران ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آسمان مان لهندڙ سفيد موتي، هر طرف سفيد رنگ، خوشگوار موسم ۽ موڪلون، راڻي ڪوهسار مري، آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۽ سوات جي سياحتي جڳهن جي خوبصورتي سياحن کي موهي ڇڏيو.ملڪي ڪوهسار مري سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ڪيترن ئي هنڌن تي مواصلاتي رستا بند ٿي ويا.ملڪا ڪوهسار مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي، سخت سردي سبب مقامي ماڻهو گهرن ۾ محصور ٿي ويا آهن، گرمي پد 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي.مري ۾ سياحت جو سلسلو بحال ٿي ويو آهي، مختلف علائقن جا سياح رات دير تائين روڊن تي موسم جو مزو وٺندا رهيا. وقفي کانپوءِ صبح جو ٻيهر برفباري شروع ٿي وئي، جنهن ڪري سياح هوٽلن مان نڪري ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو