ڪراچي(پريس ريليز)ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب واٽر ڪارپوريشن جي شيرين جناح سيوريج پمپنگ اسٽيشن ۽ حبيب بئنڪ بوسٽنگ پمپنگ اسٽيشن پاڪ ڪالوني جو دورو ڪري بحالي واري ڪم جو معائنو ڪيو دوري جي دوران سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ترجمان ميئر ڪراچي برائي سياسي امور ڪرم الله وقاصي چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو سميت ٻيا اعليٰ عملدار ۽ يوسيز چيئرمين ساڻس گڏ هئا ان موقعي تي يوسيز چيئرمين ميئر ڪراچي کي حبيب بئنڪ بوسٽنگ پمپنگ اسٽيشن پاڪ ڪالوني کي اپ گريڊ ڪرڻ جي درخواست ڪئي ميئر ڪراچي موقعي تي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن کي پمپنگ اسٽيشن کي اپ گريڊ ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ان موقعي تي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو تہ شيرين جناح پمپنگ اسٽيشن ۾ سيوريج جا مسئلا ھئا انڪري سيوريج اسٽيشن جي سار سنڀال ۽ مرمت هتان جي رهواسين جو پراڻو مطالبو هو جڏهن تہ شيرين جناح سيوريج پمپنگ اسٽيشن جي بحالي سان پاڻي جي نيڪالي جو عمل بهتر ٿيندو هن چيو تہ اسين شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون ان ڏس ۾ اولڊ سٽي ايريا ۾ سيوريج جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ جميلا پمپنگ اسٽيشن کي فعال ڪيو ويو آهي ۽ ٽي پي ٿري ماڙي پور ۾ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ ۾ لڳايو ويو آھي ميئر ڪراچي چيو تہ اسان جو ويزن پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ آهي انڪري ڪراچي جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جڏهن تہ حب مان نئين ڪئنال مڪمل ٿيڻ بعد ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي ويندو هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ شهري انتظاميا مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات مصروف آهي ڇاڪاڻ تہ اسان جو مقصد صرف شهر کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ روڊ رستن جي سار سنڀال انفراسٽرڪچر جي بهتري سميت پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي.










