مدھو بالا کي ايندڙ مهيني سفاري پارڪ منتقل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي زو جي انتظاميا ۽ ڪي ايم سي عملدارن جو چوڻ آهي ته هاٿي ماڌو بالا کي سفاري پارڪ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪرڻ بعد مدو بالا کي ايندڙ مهيني سفاري پارڪ منتقل ڪيو ويندو.ڪراچي زو جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته مدھوبالا هاٿي جي ڪنٽينر ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي ٽريننگ مڪمل ڪئي وئي آهي، مدھوبالا ڏينهن ۾ 3 کان 4 ڀيرا ڪنٽينر ۾ ايندي آهي.ڪي ايم سي اختيارين جو چوڻ آهي ته ماڌو بالا هاٿي جي منتقلي لاءِ ڪنٽينر پناهه گاهه ۾ ئي رکيا ويا آهن، سفاري پارڪ ۾ ماڌو بالا سينڪچري کي فور پانز جي سهڪار سان ٺاهيو پيو وڃي.سفاري پارڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته فور پاو آرگنائيزيشن پاران مقرر ڪيل آرڪيٽيڪٽ سفاري پارڪ ۾ مدھو بالا جي مقدس جاءِ کي تيار ڪري رهيا آهن، 15 کان 20 ڏينهن اندر سفاري پارڪ ۾ مدھو بالا جي مقدس جاءِ تيار ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو