محسن بيگ جسماني رمانڊ رد، ٻن هفتن لاءِ جيل حوالي

محسن بيگ جسماني رمانڊ رد، ٻن هفتن لاءِ جيل حوالي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سينيئر صحافي محسن بيگ جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي پوليس جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سنگين ڏوهن ۾ گرفتار جوابدار محسن بيگ کي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي محمد علي وڙائچ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جج پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار خلاف جاچ بابت ڪهڙي وڊيو ٺاهي، پولو گرافڪس ٽيسٽ ٿي آهي يا نه، جنهن تي پوليس جاچ جي تصديق ڪندي جوابدار جي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت ۾ موجود جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪمن باوجود پوليس ٿاڻي ۾ سندس موڪل سان ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي. وڪيل چيو ته ڪيس ۾ رڳو پستول جو ذڪر ڪيو ويو هو، هاڻي وڊيو کي بهاني طور استعمال ڪيو پيو وڃي، منظر 100 ميٽر پري آهي ۽ پوليس اڃا به چئي رهي آهي ته وڊيو قبضي ۾ ورتي وڃي ۽ باڪس حوالي ڪيو وڃي. اهي باڪس پوليس کڻي وئي آهي. محسن بيگ جي رمانڊ تي سندس وڪيل استدعا ڪئي ته وڌيڪ رمانڊ نه ڏنو وڃي. عدالت ۾ پيش ٿيل جوابدار محسن بيگ چيو ته پوليس ميڊيڪل رپورٽ تبديل ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان جي گهرواري منهنجي بيعزتي ڪرائي رهي آهي، مان دهشتگرد ناهيان، مون کي خوار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پوليس منهنجي گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ 8 ڏينهن اندر مون کي بي دردي سان ماريو ويو. محسن بيگ چيو ته عمران خان ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي، هو ماڻهن کي ٿو چوي ته نه گھٻرايو، هو پاڻ نروس آهي. عدالت محسن بيگ خلاف ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جنهن بعد پوليس جي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي جوابدار کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جوابدار محسن بيگ کي 8 مارچ تي ٻيهر پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو