ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ليکڪ خليل الرحمان قمر جو چوڻ آهي ته هو اداڪارا ماهره خان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو.هڪ انٽرويو ۾ ليکڪ خليل الرحمان اداڪارا ماهره خان بابت واضح ڪندي چيو ته مان ماهرا خان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس.خليل الرحمان قمر چيو ته الله اهو وقت نه آڻيندو جڏهن مون کي ماهره خان کي معاف ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن مان ماهره خان سان ڪٿي مليس ۽ کيس سلام ڪندس ته جواب ڏيندس پر معاف نه ڪندس.هن اداڪاره بابت وڌيڪ چيو ته مون کي ماهره خان جي ٽوئيٽ سمجهه ۾ نه آئي. ماهرا خان کي پنهنجي ڊرامي ۾ مقدس ڪردار ڏيڻ وڏي غلطي هئي. مان ماهره خان جي تعريف ڪرڻ نٿي چاهيان.ٻئي طرف اداڪارا ماهره خان جو چوڻ آهي ته خليل الرحمان قمر خلاف پنهنجي موقف تي کيس ڪو به افسوس ناهي، جنهن سبب سندن وچ ۾ فاصلا پيدا ٿيا ۽ مستقبل ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جا امڪان ختم ٿي ويا.










