تحرير: جوکيو عبدالقدير ڪوھستاني
ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني پٽي جي مرڪزي ۽ تاريخي ڳوٺ مالماڙي جي قديم شاعرن، سگھڙن، اديبن ۽ عالمن ھر صنف نوع تي نثر خواھ نظم ۾ پيار ٻاٻوھ ۽ پريت جو سدا ملوڪ زندہ ۽ جاويد سبق ڏنو ۽ صوفين جي سنڌ جي اھم سڃاڻپ يعني ”محبت جي پيغام“ کي عام ڪيو. سندن نثر ۾ پکڙيل موتي آھن ته نظم ۾ پرويل موتين جي مالھا آھي. جيڪڏھن تاريخي تناظر ۾، ھن ماٿريءَ جي، اوائلي تاريخ ڏسبي ته خبر پوندي ته ھن خطي ۾ علم و دانش جو سلسلو تمام پراڻي وقت کان ھلي پيو. ارڙھين صديءَ جي آخر ۽ اوڻويھين صديءَ جي شروع ۾ ئي، ھتي جامع مسجد جو پھريون ٻانگو ۽ بنياد رکندڙ به حاجي حيدر جوکيو ھو، جيڪو کروٿ واري مسجد جو بنياد وجھي، پيرين پنڌ حج ادا ڪرڻ ويو ۽ واپس ڪونه آيو. ان ڏينھن کان اھا جامع مسجد، ھتي جو علمي ۽ ادبي مرڪز بڻي جتان نيڪ نمازي ڏاھا بنجي پنھنجي وس آھر علم و عمل جي ميدان ۾ اڳتي وڌندا رھيا. علم جي کوٽ ته نه ھئي پر علم جي اڃ، ھتي جي بزرگن جي عاشق ماڻھن کي گھر ۾ ويھڻ ڪونه ڏنو. مالماڙي جا ان زماني ۾ وسنداڻي پاڙي جا ھاڻوڪي جلالجي ڳوٺ جا بزرگ به علم جي تلاش ۾ پري تائين ويا. الھداد اول ۽ محمد عثمان سان گڏ وسند خان ۽ پوءِ محمد سليمان ۽ جھان خان جا نالا ان ڏس ۾ قابل ذڪر آھن. سائين جھان خان ھن خطي جو رڪارڊ مؤجب پھريون سرڪاري استاد مقرر ٿيو، جڏھن ته پھريون برک اديب فاضل ۽ استاد سائين عبدالعزيز جوکيو ھو. پاڻ نھايت سنجيدہ ھئا ۽ نثر ۾ ساراھ جوڳو ڪم ڪيائين. کانئس وڏو ڀاءُ، جنھن کي پاڻ سموري سنڌ ۾ مشھوري ڏياريائين، اھو ھو؛ شاعر ڪوھستان باغ محمد ”بيشڪ“ جوکيو، جيڪو ھتي جو ھڪ پختو ۽ مشھور سگھڙ ھو. سندس قلمي ڪتاب ”ڪليات باغ“ به عنقريب ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آھي. راقم الحروف سندن خاندان جو ھڪ ننڍڙو طالب علم ۽ سندن دعائن جي طفيل، ھڪ فرد جي صورت ۾ تخليق آھي. مالماڙي جا قديم عالمن ۾، مفتي عبدالرحمان جوکيو ڪونڪرائي جو دوست قاضي محمد اسماعيل جوکيو ۽ علامه ضياء الدين جوکيو ھئا، جن به علم جي روشني ۽ درس و تدريس جي ذريعي محبت جو پيغام ڏنو. ھتي جي بزرگن ۾، حاجي عبدالستار جوکيو ذڪرالله جا حلقا ڪرائيندو ھو ۽ سندس معتقدن جو سلسلو پري پري تائين پکڙيل ھو. ڪوھستان مالماڙي ۾ ڪيترا ئي شاعر، سگھڙ ۽ راوي ھئا. مضمون جي طوالت سبب انھن جا نالا ذڪر ڪري نٿو سگھان. چند راوين ۽ سگھڙن جا نالا اعزاز طور ھتي ذڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. راوي اشرف الدين جوکيو، راوي علي محمد جوکيو، فقير عيسٰي جوکيو جن روايتن ۽ سگھڙاڻي فن کي اجاگر ڪيو. ھتي لوڪ ادب ۾ قديم صنفون بيت، وايون ۽ ڪافيون آھن. انھن ۾ صفت ساراھ واحد جي واکاڻ، ميلاد شريف جا مولود ۽ سلف صالحين جو ذڪر يا منقبت ھوندو آھي.انھن جي ڪلام ۾ آرٽ جي عڪاسي، محنت ڪش ماڻھن جو ذڪر، ناياب شاھڪارن، ناياب زيورن جي پرچار ھوندي آھي.ڪوھستاني سگھڙن سورمي سسئي ۽ ماروي کي گھڻو داد ڏنو آھي. ڪوھستاني شاعرن، ۽ سگھڙن ۾ شادين مرادين ۽ مچ ڪچھرين ۾ پنھنجي ڪلام ذريعي ماڻھن کي وندرائڻ جو رواج قديم آھي. ڪوھستاني ماڻھو پروليون، ڏور، ڏوھيڙا، تنبوري تي مورا ۽ چنگ تي جھونگارون جھونگاريندا ھئا. لوڪ ادب جو وايو منڊل من کي موھيندڙ آھي ڇوته اھو ھتي جي ماٿريءَ ۾ صدين کان وٺي رائج ۽ نسل در نسل ھلندڙ ورثو آھي. ڪوھستان ۾ ھر ھنڌ علم و ادب اڄ به قائم آھي، خاص ڪري ھر سال وس دؤران واھ جا نظارا ڏسڻ ۾ ايندا آھن، جن کي ڏسي اندر ٺريو پوي ۽ سنڌ جي سونھن تي وڌيڪ يقين پئدا ٿيو پوي.










