ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بطور قوم اسان جون ترجيحات تبديل ٿينديون پيون وڃن، حادثن جي سبب انسان پنهنجي جان گنوائي ويٺا آهن، ڪجهه معذوري جو شڪار ٿين ٿا، اسان جي ترجيح اها هجڻ گهرجي ته ڪنهن طرح انسان ذات جي خدمت ڪئي وڃي، روڊ سيفٽي جهڙو منفرد خيال انسان ذات جي خدمت سان واقف ذهني ۾ اچي ٿو، ٽريفڪ قوانين جي پاسداري لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ ڪنزيومر ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪنزيومر روڊ سيفٽي ايوارڊ جي تقريب ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنزيومر روڊ سيفٽي ايوارڊ جي ڪامياب تقريب تي سڀني منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو، هي تنظيم هڪ تمام شاندار ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد انسانن جي زندگيون بچائڻ آهي. هن چيو ته اسان کي ٽريفڪ قوانين جو احترام ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻارن کي ٽريفڪ قوانين بابت پڙهائڻ گهرجي، عوام کي آگاهي جي به ضرورت آهي، چند لمحن جي جلدبازي جي سبب ماڻهو پنهنجي زندگي خراب ڪن ٿا ۽ ٻين لاءِ به پريشاني جو سبب بڻجن ٿا. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ننڍا ٻار گاڏي هلائيندا آهن ته اها انهن جي والدين جي لاپرواهي ۽ غلطي آهي.ٽريفڪ قانونن جي بابت آگاهي لاءِ ميڊيا ڪردار ادا ڪري، صرف ٽريفڪ قاعدن جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي آهي پر ٻيا به ڪيترائي منفي نتيجن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ اسان ڏٺو ته ڪراچي ۾ ٽرئفڪ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻائي ڪري ان کي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي، پر انهن اڃا تائين همت ناهي هاري، ٽرئفڪ پوليس جا جوان ڪڙي اُس ۽ شديد گرمي جيتوڻيڪ ٿڌ ڇونه هجي اهي ڪيترائي ڪلاڪ بيهي ڪري ڪم ڪندا آهن، جيڪڏهن ٽرئفڪ پوليس توهان کي روڪيندي آهي ته اهي توهان جي حفاظت لاءِ روڪيندا آهن، ٽرئفڪ جا سپاهي اسان جا قومي هيرو آهن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير جون واضح هدايتون آهن ته ماس ٽرانزٽ کي وڌايو وڃي، ماحولياتي آلودگي به اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، سنڌ حڪومت عوام لاءِ ماحول دوست اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن سان ماحول ۽ ملڪ ٻنهي کي فائدو پهچندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.










