صالح ميمڻ
پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي ۽ بگڙندڙ بنيادي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي حڪومت دوران 1994ع ۾ وزيراعظم پروگرام جي نالي هيٺ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڀرتي ڪرائي هئي، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هزارين ڇوڪرين ۽ عورتن کي نوڪرين ذريعي گھر ويٺي روزگار به ڏنو ويو ۽ انهن کانسواءِ سوشل ڊولپمينٽ جو ڪم به وٺڻ شروع ڪيو. ان طرح اھو اعزاز شھيد راڻي بينظير کي حاصل آھي ته ان ھڪ اھڙو منصوبو ڏنو جنھن سان خلق جي خدمت به ٿئي ۽ ھزارين عورتن کي گھر ويٺي روزگار به ملندو رھي ۽ اھي سماج ۾ پنھنجين صلاحيتن جي ڪارائيتي استعمال حي اھل به ٿي پون، ان وقت ليڊي ھيلٿ ورڪرس جو پگهارر هڪ هزار کان وڌيڪ نه هو. بينظير ڀٽو صاحبه ليڊي هيلٿ ورڪرن کي (چون ٿا پر رڪارڊ تي نظر نه آيو آھي) ٽن سالن اندر ريگيولر ڪرڻ جو واعدو به ڪيو ھو، مگر ان واعدي پوري ٿيئڻ کان اڳ پ پ جي 1993ع واري حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ نواز ليگ کي سرسري حاصل ٿي.نواز شريف بينظير جي ان ليڊي ھيلٿ ورڪرس واري “وزير اعظم پروگرام“ کي ان جي اهميت ۽ افاديت جي ڪري جاري رکيو ۽ ان جو نالو وزيراعظم پروگرام مان بدلائي نيشنل پروگرام براءِ خانداني منصوبا بندي ۽ بنيادي رکيو. پروز مشرف ۽ ان طرفان آندل جهموري حڪومتن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جون نيون ڀرتيون به ٿينديون رهيون، وزيراعظم شوڪت عزيز پهريون وزيراعظم هو جنهن ليڊي هيلٿ ورڪرن جو ٻه ڀيرا 5- 5 سئو پگهار وڌائي، انهن جو پگهار 2004ع دوُران 1500 مان وڌائي 25 سئو تائين پهچايو. جڏهن ته 2003ع ۾ ڀرتي ٿيل ليڊي هيلٿ ورڪرن جو پگهار 1450 روپيه هو ان ۾ ساليانو ڪو به اضافو نه اچي رهيو هو. اھو فڪس پگھا ليڊي ھيلٿ ورڪرس کي 6- 6 مھينن بعد ملندو ھو.
عبدالمجيد ڇٽو صاحب جيڪو بعد ۾ سنڌ ۾ هيپاٽائٽس کان بچاءُ واري پراجيڪٽ جو ڊاريڪٽر ٿيو، جڏهن نيشنل پروگرام جو صوبائي ڪو آرڊينيٽر هو، تڏهن ان جي ڪوشش سان ليڊي هيلٿ ورڪرن جي پگهار ۾ ساليانو 100 روپيه اضافو آندو ويو ۽ ان اضافي کي سالياني انڪريمينٽ جو درجو ڏئي هر سال ليڊي هيلٿ ورڪرن کي سندن پگهارن ۾ ڏنو ويو. ان طرح ليڊي ھيلٿ ورڪرس جي پگھارن ۾ ساليانو 100 رپين جي واڌاري جي ھڪ نئين ۽ پھرين شروعات ٿي. 2007ع جي آخر ۾ (ق) ليگ جي حڪومت، پوليو خلاف قومي مهمن ۾ اثرائيتو ۽ بنيادي صحت جو ڪارائيتو ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ اعلان ڪيو ته سال 2008ع کي ليڊي هيلٿ ورڪرز جو سال ڪري ملهايو ويندو، جڏھن ته (ق) ليگ کي پڪ به نه ھئي ته اھا وري اقتدار ۾ ايندي، اعلان (ق) ليگ جي حڪومت ۾ ٿيو ۽ ان جي سيليبريشن پ پ جي حڪومت ۾ ٿي، (ق) ليگ وارن کي پوري طرح اندازو ھو ته 2008ع واري اليڪشن ۾ ھو ڪامياب ٿي نه سگھندا ان ڪري 2008ع کي ليڊي ھيلٿ ورڪرس جو سال ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪري ويا، اخبارن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ڪارڪردگي بابت وڏا اشتهار شايع ڪري انهن جي ڪمن جي ساراھ به ڪئي وئي. اهڙا اشتهار ٽي وي چينلن ۽ خاص طور تي پي ٽي وي تان 2008ع واري سڄي سال دوُران هلندا رهيا هئا ۽ اخبارن ۾ به شايع ٿيندا رھيا.
1994ع کان 2008ع جي آخر تائين جڏهن اِي پي آءِ ۽ مليريا پروگرام جا هزارين ملازم پڪا ٿي چڪا هئا، تڏهن به ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجي پگهار وڌائڻ ۽ ريگيولر ڪرڻ واري حق لاءِ ڪو به احتجاج يا مطالبو نه ڪيو، ان جو پگهار 2007ع۾ 2890 روپيه، 2008ع ۾ 2990 روپيه، 2009ع ۾ 3090 ۽ 2010ع ۾ سيپٽمبر جي مھيني تائين 3190 رهيو ۽ انهن جو ڪم هزار آباد ۾ هر ماڻهو جي صحت جو خيال رکڻ، اهل جوڙن کي خانداني منصوبابندي جي طريقن بابت آگاهي ڏئي انھن طريقن تي عمل ڪرائڻ جي ترغيب ڏيئڻ، ماءّ ۽ ٻار جي صحت جو پوري طرح خيال رکڻ، ھر بيمار کي طبي امداد ڏئي اسپتال وڃڻ جو مشورو ڏيئڻ، ٻارن کي خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ لاءِ انھن جي ويڪينيشن ڪرڻ يا ڪرائڻ واڌو ٻيا ڪم رھندا آيا، جيڪي هڪ ٽيچر جي ڪم جي مقابلي ۾ ڏهوڻا وڏا ڪم تصور ڪيا ويندا رهيا آهن.پ پ جي حڪومت ايندي ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سرهائي محسوس ٿي ۽ منجهن اميد پيدا ٿي ته شهيد سنڌ راڻي جي نالي ۽ قرباني تي قائم ٿيندڙ حڪومت ۾ هنن کي ٻين سرڪاري ملازمن وانگر سٺا پگهار ملندا ۽ کين نوڪري جو تحفظ به ملندو، ان خاص موقعي تي ھنن پھريون ڀيرو ريگيولر نوڪري بابت سوچيو.پ پ حڪومت ايندي ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي شهيد راڻي بينظير ڀٽو صاحبه جي ڇڏيل نشاني به قرار ڏنو ويو ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني اسيمبلي جي پھرين ئي خطاب ۾ انهن جي پروگرام کي وڌائڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته هڪ لک ليڊي هيلٿ ورڪرن کي وڌائي 2 لک ڪيو ويندو ۽ انھن جون پگھار ٻين ملازمن وانگر وڌائي 6 ھزار 5 سئو رپيه گھٽ ۾ گھٽ ڪيو ويندو، مگر پ پ سرڪار بعد ۾ ٻين مسئلن ۾ الجهي وئي ۽ ان کان اھو سڀ ڪجھ وسري ويو.
وزير اعظم قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي پهرين خطاب ۾ هر ملازم جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار 6500 ڪرڻ جو اعلان به ڪيو پر ان اعلان جو فائدو گهٽ ۾ گهٽ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سرڪار طرفان نه پهتو. پ پ پنھنجن پنجن سالن جي حڪومت ۾ پاڻ مرادو ليڊي هيلٿ ورڪرز جو پگهار هڪ روپيو به نه وڌايو.ليڊي هيلٿ ورڪرز پ پ حڪومت ۾ هڪ سال تائين انتظار ڪيو ۽ هڪڙي( پهرين) بجيٽ (سال 2008ع) ۾ جڏهن انهن ڏٺو ته اعلانن ۽ واعدن باوجود انهن جو پگهار نه وڌايو ويو آهي، تڏهن هنن احتجاج وارو گس اختيار ڪرڻ شروع ڪيو، اهڙن احتجاجن جي دادو، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻي، ٽنڊوالهيار، خيرپور ۽ ٻين ضلعن جي شهرن کان شروعات ٿي بعد ۾ اھڙن احتجاجن جو دائرو ڪراچي اسلام آباد ۽ لاهور تائين وڌيو. سنڌ ۾ 2009ع جي شروعاتي مهينن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن پهريون باضابطه احتجاج حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان ڪيو. جنهن ۾ پگهار هر مهيني ڏيڻ، پگهار وڌائڻ ۽ ريگيولر ڪرڻ جا مطالبا واضح طور تي رکيا ويا. ان بعد ليڊي هيلٿ ورڪرن شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي مزار تي 2 ڀيرا احتجاج ڪيو ۽ ان طرح 2 ڀيرا ملڪ گير احتجاج به ڪيو، جيڪب آباد ضلعي جي ليڊي ھيلٿ سپر وائيزر محترمه بشرا آرائين پنجاب، فاٽا خيبرپختونخواه، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگلت تائين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي منظم ڪرڻ لاءِ تاريخي دورا ڪيا ۽ شهر شهر وڃي احتجاج ڪرايا ۽ مهمون هلايون، 13 جنوري 2010ع تي پهريون ملڪ گير احتجاج ڪرايو جنھن احتجاج دئوران هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر فوت به ٿي، جنھن کي ھن اھم تحريڪ جي پھرين شھادت قرار ڏئي سگھجي ٿو. 8 فيبروري تي شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي احتجاج کانپوءِ ۽ پهريون ڀيرو ميڊيا ليڊي هيلٿ ورڪرز جي احتجاج کي صحيح معني ۾ سمجھڻ جي شروعات ڪئي ۽ ڀرپور ڪوريج سان نوازيو، نتيجي ۾ 9 فيبروري 2010ع تي سنڌ اسمبلي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي مسئلي کي کنيو ويو. (ق) ليگ جي محترمه نذهت پٺاڻ ان جي پهل ڪئي، اسلام آباد ۾ احتجاج دوران ليڊي هيلٿ ورڪرن تي پوليس لاٺي چارج به ڪئي، انھن کي لاڪ اپ به ڪيو ويو، جنھن ۾ ڪيتريون ئي ورڪرون زخمي به ٿيون. ميڊيا تي معاملي اچڻ ۽ مختلف اخبارن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي اشو تي آرٽيڪل شايع ٿيڻ جي نتيجي ۽ ميڊم بشرا آرائين جي باقاعده درخواست جي بنياد تي چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جسٽس چودري افتخار صاحب نوٽيس وٺندي ٻڌڻين ۽ ضروري ڪاروائين بعد 7 سپٽمبر 2010ع تي ليڊي هيلٿ ورڪرز جو پگهار ليبر پاليسي 2010ع تحت گهٽ ۾ گهٽ 7 هزار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. اھا ليبر پاليسي وزير اعظم جناب يوسف رضا گيلاني مزدورن جي عالمي ڏينھن يومِ مئي 2010ع تي انائونس ڪئي ھئي، جنھن ۾ ھر پورھيت جو پگھار گھٽ ۾ گھٽ 7000 ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو. جڏهن ته ان کان اڳ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو پگهار صرف 3190 روپيه هو. مئي کان 3 مھينا گذري چڪا ھئا ۽ ليڊي ھيلٿ ورڪرس کي گھٽ ۾ گھٽ 7000 رپيه پگھار نه ڏنو ويو ھو، ان طرح سابق وزير اعظم يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي ۾ پھرين خطاب دئوران 2008ع ۾ ھر ملازم جو گھٽ ۾ گھٽ پگھار 6500 رپيه ڪرڻ جو جيڪو اعلان ڪيو ھو ان جو فائدو به ليڊي ھيلٿ ورڪرس کي پھتل نه ھو.
ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس اڳيان 10 ڪلاڪن جي احتجاجي ڌرڻي جي ٻئي ڏينهن تي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي 6 رڪني وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ وزيراعليٰ سيد قائم علي شاھ سان ملاقات ڪري کيس ليڊي ھيلٿ ورڪرس جي مسئلن کان آگاھ ڪيو. ان ملاقات جي سرڪاري خبر ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي عهديدارن جي پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهين جو وڏو تضاد به سامهون آيو. 23 مارچ 2011ع تي سنڌ پنجاب سرحد تي تاريخي ڌرڻي کان پوء سنڌ اسيمبلي 30 مارچ 2011ع تي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ريگيولر ڪرڻ جي قرارداد به پاس ڪئي. جنهن ۾ اهو واضع لکيو ويو ته هنن کي بينظير ڀٽو صاحبه 1994ع ۾ ڀرتي ڪيو ۽ انهن جو صحت جي شعبي ۾ نهايت موثر ڪم آهي. ان کان ھڪڙو ڏينھن مخالف ڌر جي ميمبرن نذھت پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ اھڙي قرارداد پيش ڪرڻ چاھي ته انھن کي روڪيو ويو ھو.ليڊي هيلٿ ورڪرز جي نالي ۽ چندي تي تنظيم به ٺاهي ويئي، جنهن جو پهريون اجلاس ڪراچي ۾ سڏائي 12 رڪني باڊي جوڙي وئي. 23 مارچ 2011ع تي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي آرگنائيزيشن جي فيصلي مطابق سنڌ ،پنجاب سرحد تي 24 ڪلاڪن تائين ڊگهو احتجاجي ڌرڻو هڻي مين شاهراھ 24 ڪلاڪن تائين بند ڪيو ويو، ان ڌرڻي دوران ڪجھ ناڪاري ڪردارن ملڪ جي مک سياستدانن ۽ اختيارين خلاب نازيبا نعريبازي پڻ ڪئي نتيجي ۾ پوليس کي ڪاروائي ڪرڻي پئي، رات جي انڌاري ۾ پوليس وارن ڌرڻي ۾ ويٺل مان 100 جي لڳ ڀڳ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ٻنين ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي، وارن مان جهلي گرفتار ڪيو، 29 ورڪرن تي دهشتگردي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو، اهي جيل به ويون، ان ڌرڻي دوران ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تنظيم جي پوري قيادت موجود هئي پر گرفتاريون رڳو ورڪرز جون ٿيون، جن مان بعد ۾ ڪن کي سندن مڙسن طلاق به ڏئي ڇڏي، اهو سوال ان وقت کان هن وقت تائين اهم رهيو آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تنظيم جي عهديدارن مان هڪ به گرفتار ڇو نه ٿي يا انهن گرفتاري ڇو نه ڏني؟ يوم پاڪستان جي ڏهاڙي تي هنيل تاريخي ڌرڻي کانپوءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز تنظيم جا عهديدار ٻن واضع ڌڙن ۾ به ورهائيجي ويا ۽ هڪ ٻئي خلاف ڳالهائڻ لڳا هڪ ڌڙو سرڪاري گود ۾ ويهي رهيو ۽ سرڪاري ٻولي ۾ ڳالهائڻ لڳو. سرڪار سڳوري اهو به نه سوچيو ته جن ڪردارن 23 مارچ واري ڌرڻي ۾ ملڪ جي مک حڪمرانن خلاف اخلاق سوز نعريبازي ڪرائي سرڪار وري انهن کي ئي نوازڻ شروع ڪيو. جنهن ڪردار جو گهوٽڪي جي صحافي نالو کڻي چيو ته ڌرڻي دوران ان ڪردار حڪمرانن خلاف نعريبازي ڪرائي ۽ ان نعري بازي ۾ انتهائي خراب زبان جو استعمال ڪيو ويو. سرڪاري ايجنسين جي رڪارڊ تي اها ڳالھ اڃان به هوندي ته ان ڌرڻي ۾ ڪهڙا سخت نعرا لڳا ۽ ڪهڙن ڪردارن اهي نعرا هڻائي سرڪار خلاف پنهنجي ذاتي سياسي باھ ظاهر ڪئي هئي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ قرارداد پاس ٿيڻ باوجود هڪ وفاقي وزير سکر ۾ واضع چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪڏهن به ريگيولر نه ٿي سگهنديون. 12 اپريل 2011ع تي سامهون آيل اهڙي سرڪاري موقوف جي نه ترديد ٿي ۽ نه ئي وري وضاحت، سنڌ اسيمبلي 30 مارچ تي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ريگيولر ڪرڻ جي قرارداد پاس ڪئي ۽ ٺيڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ وفاقي وزير جو مٿيون بيان غير اهم سمجهي نظر انداز ڪيو ويو. وفاقي وزير جي ان بيان کان صرف هڪڙو ڏينهن اڳ وزيراعليٰ جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر سينئر پ پ اڳواڻ تاج حيدر (جنهن ڪجھ ڏينهن اڳ چيو هو ته سرڪار ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ريگيولر ڪرڻ چاهي ٿي پر بيروڪريسي ان عمل ۾ رڪاوٽ آهي). دادو ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي وفد سان رٿيل ملاقات ۾ ھن چيو ته هو ليڊي هيلٿ ورڪرز واري اشو تي انهن سان ڳالهائڻ نٿو چاهي، ليڊي هيلٿ ورڪرز صحت واري صوبائي سيڪريٽري سان وڃي ملن. 15 اپريل تي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تنظيم جي هڪ ڌڙي جڏهن لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو سڏ ڏنو ته ٻئي ڌڙي ان جي سڌي مخالفت شروع ڪري ڏني ۽ چيو ته وزيراعظم مسئلي جي حل جي خاطري ڪرائي آهي ان ڪري لانگ مارچ وارو فيصلو اجايو آهي، هو ان ۾ حصو نه وٺندا.شڪارپور ۾ ڪوٺايل ليڊي هيلٿ ورڪرز جي گڏجاڻي عورتن جي اُلرن ۽ الزام بازين جي ڪري ناڪام ٿي، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڀٽ شاھ ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تنظيم جي نئين باڊي تشڪيل ڏني ويئي، وري به 12 عهدن تي 6 مرد ۽ 6 عورتون کنيون ويون جن ۾ 3 اڪاوُنٽ سپروائيزرس، 3 ڊرائيور، 2 ايڊيسيز ۽ 4 سپروائيزون عهدن تي آنديون ويو، ان باڊي ان سال 24 جولائي تي بدين ۾ عهدن جو حلف به کنيو. ليڊي هيلٿ ورڪرز واري تنظيم ۾ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر ۽ مردن جي گهڻائي واري معاملي تي بشرا آرائين سميت ڪجھ سنجيده ڌرين حقيقت کي تسليم ڪندي مڃيو ته عهديدار چونڊڻ وقت ليڊي هيلٿ ورڪرز کي عهدن تي نه آڻڻ وارو معاملو غلطي آهي. پر ڪجھ ناڪاري ڪردارن اهو چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ان قابل نه آهن جو انهن کي مرڪزي باڊي ۾ آڻجي، اهي ضلعن تائين محدود رهنديون. اهو به چيو ويو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کانسواءِ ٻيا ملازم به پروگرام جو حصو آهن، مردن تي تنقيد اجائي آهي.حقيقتون هي آهن ته سنڌ ۾ نيشنل پروگرام جا جيڪڏهن 24 هزار ملازم آهن ته انهن ۾ ليڊِ هيلٿ ورڪرز جو تعداد 23 هزار آهي سوال اهو آهي ته انهن 23 هزار ملازمائن مان هڪ به قابل نه هئي، جنهن کي صوبي سطح جي باڊي ۾ کنيو وڃي ها؟ جڏھن ته چندو، افرادي قوت، جدوجھد، بنيادي ڪم جي حوالي سان نالو ليڊي ھيلٿ ورڪرس جو استعمال ٿيندو رھيو، ان جو نتيجو اھو به نڪتو ته احتجاج سپروائيزون ڪنديون رھيون ۽ ميڊيا تي کاتو ليڊي ھيلٿ ورڪرس جو کليل رھيو. نئين تنظيمي باڊي 20 آگسٽ تي بينظير ڀٽو جي مزار تي ڌرڻو هڻڻ ۽ بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اهو به خيال نه رکيو ته رمضان شريف ۾ بک هڙتال ڪرڻ جي ڪهڙي معنيٰ نڪرندي آهي؟جڏھن پنجاب وارن ھڪ موقعي تي احجتاج جو اعلاج ڪيو ته عين ٽائم تي بشرا آرائين ان احتجاج بجاء سپريم ڪورٽ ۾ معاملو کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، اتي پٽيشن فائل ڪئي، جيڪو بعد ۾ انتھائي ڪارائيتو فيصلو ثابت ٿيو. جنھن کان پوء لڳاتار ڪاميابيون نصيب ٿيون، ان ئي بنياد تي سمورا جائز فائدا مليا آھن ۽ ملي رھيا آھن،ن وقت تائين ليڊي ھيلٿ ورڪرس جي جدوجھد ميڊم بشرا آرائين جي اڳواڻي ۾ شاھي ڪاميابيون ماڻي چڪي آھي، سنڌ جي 24 ھزار ورڪرس سميت ملڪ جون ھڪ لک کان وڌيڪ ورڪرون، سپر وائيزرس ۽ ڊرائيورس جولاء 2012ع کان ريگيولر ٿيل آھن، ان سڄي جدوجھد ۾ انھن جون قربانيو به وساري نه ٿيون سگھجن پر اھا اڃان مڪمل انتھا به ھئي، ڪجھ معاملا رھيل ھئا جن تي انھن سڀني کي جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت ھئي، مثال، جون 2017ع تائين مالي معاملا وفاق سان جڙيل ھئا، جنھن بعد جولاء 2017ع کان ليڊي ھيلٿ ورڪرس کي پگھارون صوبن مان ملڻيون ھيون، سنڌ ۾ جون واري بجيٽ ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرس جي پگھارن جا پيسا رکرائڻ وارو ڪم سڀ کان اھم ھو، سڀني جي ان اشوءَ تي نظر به ھئي، ميڊم بشرا ھڪ ڀيرو ٻيھر مسئلن جي حل لاء سپريم ڪورٽ جو در کڙڪايو، ڇو ته سڄو انصاف اتان ئي مليو ھو ۽ وري به اتان ئي ملڻ جي اميد ھئي. 18 آئيني ترميم کان پوءِ جڏھن ان تي عمل ٿيو ته وفاق سان جڙيل ليڊي ھيلٿ ورڪرون وفاقي ڊويزن کان علاوا صوبن حوالي ٿيون ۽ سنڌ جون ليڊي ھيلٿ ورڪرس ۽ ٻيئن لاڳاپيل ملازمن جو تعداد رائونڊ فگر ۾ 24 ھزارن جي لڳ ڀڳ ھو، جيڪو سنڌ جي صحت کاتي جو حصو ٿيو، انھن کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن مطابق جولاءَ 2012ع کان ريگيولر ڪرڻ لاءِ نون آفر آرڊرن ذريعي نئين سر فٽنيس ۽ نئين سر جوائننگ به ڪرائي وئي، ان باوجود ان کان پوءِ دادو ضلعي ۾ چند سپروائيزرن جي اڳواڻي ليڊي ھيلٿ ورڪرس کي ريگيولر ڪرڻ بابت ھڪ نئين ۽ عجيب احتجاج جي شروعات ٿي جيڪا ھڪ سال کان به ڊگھو عرصو جاري رھي، ان ريگيولر احتجاج ڪندڙن جو پھريون مطالبو ھڪ دفعا ھڪ ٻن اخبارن ۾ اھو رپورٽ ٿيندو رھيو ته پڪو ڪريو، ڪڏھن وري اھو لکبو رھيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق پڪو ڪيو، جڏھن ته اھو وقت اھو ھو جڏھن سنڌ جون ليڊي ھيلٿ ورڪرون ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا ملازم 18 ھين ترميم تي عمل جي نتيجي ۾ سنڌ حوالي به ٿي چڪا ھئا ۽ آفر آرڊرن مطابق اھي ملازم نئين سر فٽنيس ڪرائي نئين سر جوائن به ڪري چڪا ھئا ۽ سنڌ حڪومت انھن جي پگھارن کي بجيٽ ۾ رکي چڪي ھئي ۽ انھن کي ٽريزرين ذريعي آن لائين طريقي سان پگھارن رسائڻ جو ڪم ھلي رھيو ھو، انھن جون آءِ ڊيون کلي رھيون ھيون، اھڙي موقعي تي پڪو ڪريو واري مطالبي سان ٿيندڙ احتجاج سڀني کي کلائيندڙ ۽ عجيب طرح جو به لڳو، پڪن يا ڪچن ملازمن جا مسئلا ڪن ھڪ ٻن وڏين ڪاميابين کان پوءِ ختم نه ٿي ويندا آھن، بلڪِ نت نوان مسئلا لڳاتار جاري رھندا آھن، ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته دادو ضلعي جي ھڪ شھر وارو احتجاج ان معاملي تي ٿي سگھيو ٿي ته ليڊي ھيلٿ ورڪرس جو سروس اسٽڪچر لاڳو ڪريو، انھن جي پراڻي سروس جي سالن کي نئين سروس ۾ شامل ڪري انھن کي سينيارٽيون ڏيو ۽ ان بنياد تي انھن کي ٽائيم اسڪيل ۽ ترقيون ڏيو، مگر دادو ضلعي جي ھڪ شھر ۾ جاري ڊگھي احتجاج بابت ان باڪس ۾ بار بار چيو ويو ۽ رڪارڊ تي به آھي ته اھو احتجاج ميڊم بشرا آرائين خلاف آھي، ان احتجاج دئوران ميڊم بشرا آرائين جا ٿورا مڃڻ يا ان جو قدر ڪرڻ بدران ان کي ڪرپشن جي راڻي قرار ڏيئڻ سان گڏ ڏائڻ به لکيو ويو، جڏھن ته ان احتجاج دئوران ميڊم بشرا آرائين ليڊي ھيلٿ ورڪرس جي رھيل پگھارن لاءِ ڪراچي ۾ ڌرڻا ھڻندي رھي، جن جي نتيجي ۾ پگھارون به جاري ٿينديون رھيون، دادو جي ھڪ شھر وارا اھي پگھارون به کڻندا رھيا ۽ احتجاج به جاري رکي ويٺا، محسن سنڌ بشرا آرائين ريگيولر ٿيندڙ ملازمن جي ڊفرنسز لاءِ به سپوريم ڪورٽ جا چڪر ڪاٽيا ۽ اھو مسئلو به حل ڪرايو، اڄ به ليڊي ھيلٿ ورڪرس ۽ ٻئين رھجي ويل ملازمن جي ٻيئن حقن لاءِ جدوجھد ڪري رھي، ذاتي مسئلن کي ھن ھميشه ھڪ طرف رکيو آھي، انھن جي حل لاءِ يا ڪنھن کان بدلو وٺڻ لاءِ ھِن ڪڏھن به پنھنجي تنظيمي طاقت کي استعمال نه ڪيو آھي، ھن جي ھي ڪاميابي به گھٽ نه آھي ته ھن ليڊي ھيلٿ ورڪرس جي آرگنائيزيشن کي ليبر ڊپارٽمينٽ وٽ رجسٽر به ڪرائي ورتو آھي، تازو ڪراچي ۾ ڌرڻا ھڻي سينيارٽي وارو حق به سرڪار کان مڃرائي ورتو آھي، جنھن تي عمل لاءِ سرڪار 45 ڏينھن جو ٽائيم گھريو آھي، ليڊي ھيلٿ ورڪرس ۽ لاڳاپيل ٻيئن ملازمن جي بحال ٿيندڙ سمورن حقن مان ڪھڙو حق آھي جنھن جي پويان ميڊم بشرا آرائين جي جدوجھد شامل نه رھي ھجي، ھُوءَ ليڊي ھيلٿ ورڪرس ۽ ٻيئن ملازمن کي ڪچي نوڪري مان پڪي نوڪري ۾ آڻڻ واري خاتونِ اول جو درجو ماڻي چڪي آھي، سپريم ڪورٽ مان کٽيل ڪيس جي فائيل جي ھڪ ھڪ پني ۽ ھڪ ھڪ آرڊر تي ميڊم بشرا جو نالو پٽيشنر طور لکيل موجود آھي.. اگر ڪو اھڙي رڪارڊ جي ثابتي کان به انڪاري ٿو ٿئي ته ان کي ڪير ڇا ٿو ڪري سگھي؟










