ابراهيم لاشاري
سنڌي ادب تاريخ ثقافت آثار قديمه سنڌي ٻولي لوڪ ادب لطيف شناس سنڌي عربي فارسي اردو ٻولين جو ڄاڻو ناميارو اسڪالر 21 صدي جي تاريخ ساز شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌي تحقيقي ادب جي تاريخ جي حيثيت نالي ماتر آهي .سنڌ جو هي روشن ڏيئو علي محمد خان لغاري جي گهر 16 ڊسمبر 1917ع آچر ڏينهن تي ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ اڃان ڇهن مهينن جو مس هو ته سندس والد جي سائي کان محروم ٿي ويو سندس والد علي محمد لغا ري ڦوهه جواني ۾ ئي رب سائين کي پيارو ٿئي ويو هو.

سندس تعليم ۽ تربيت جو سڄو بار چاچي ولي محمد خان لغاري جي ڪلهن تي پئجي ويو جنهن شروع شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي واڻئي ڀائي وسومل وٽ پڙهڻ لاءَ کيس ويهاريو. جنهن وٽ هندڪا اکر سکيوتنهن بعد ڳوٺ پليو خان لغاري ۾ پرائمري تعليم وٺي ڪري وڌيڪ نصابي تعليم لاءَ 1929ع ڌاري نوشهروفيروز جي مدرسي ۾ داخلا ورتي. 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين وڌيڪ تعليم لاءِ بهاءَالدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۾ داخل ٿيو جتان 1941 ع ڌاري بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ساڳي وقت ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه 1943 ع منجهان ايم اي تنهن بعد ايل ايل بي جي ڊگري به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب محنت ڪرڻ کان هٿ نه کنيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ پاڻ 16آگسٽ 1946ع تي ولايت تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ آمريڪا هليو ويو جتان پي ايڇ ڊي جي اعلي ڊگري حاصل ڪري 1949 ع ۾ پنهنجي وطن پياري پاڪستان واپس وريو. تعليم پوري ٿيڻ تي گڏيل قومن جي اداري اقوام متحده۾ نوڪري جي آڇ ٿي مگر ڊاڪٽر صاحب اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي پر پاڻ پنهنجي وطن پياري پاڪستان ۽ سنڌ جي خدمت جي شوق ۾ 1949کان آگسٽ 1950 تائين سنڌ جي گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي گهميو ۽ علمي ادبي ڪچهريون ڪندو ۽ تاريخي ماڳ ڏسندو رهيو ۽ تاريخي مواد گڏ ڪندو رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش لغاري جا علمي ڪارنامه سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي اٿل آهن سنڌي ٻولي تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪم قابل قدر حثيت رکي ٿو هونئن ته سندس سموريون ڪوششون سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي ميدان ۾ ئي آهن سنڌي ٻولي جي تاريخ جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب جون تحريون لسانيات جي ڏس ۾ خداداد لياقتن جو مظهر پڻ آهن. ملازمت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پهريان ڪجهه وقت لاءَ حڪومت پاڪستان جي محڪمه اطلاعات ۽ نشريات ۾ هڪ عهدي تي رهيو، جتان مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن کيس ڪلاس ون ۾ چونڊيو جنهن کان پوءَ کيس پاڪستان سرڪار وچ اوڀر تعلقات عامه جي شعبي ۾ سفارتخاني منجهه مقرر ڪيو. ٿورو عرصو ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن صاحب تعليم ۽ تدريس ۽ تحقيق جي خدمت کي اوليت ڏيندي اهڙي اعلي منصب تان استعيفا ڏئي ڇڏي. تنهن بعد جلد پاڻ 1951 ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تدريسي شعبي جو پروفيسر (سنڌي شعبي) جو پهريون استاد ۽ سربراه جو به اعزاز ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي مليو. ان زماني ۾ 1973 ع کان 1976ع تائين پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ رهيو انهي کان پوءِ هر سال لاءِ پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي 1977ع کان 1979ع تائين وزارت ثقافت ۽ سياحت ۾ رهيو پاڻ پهرين جولاءِ 1979 تي چيئرمين قومي ڪميشن تحقيق تاريخ ۽ ثقافت به مقرر ٿيو. جتان 22 نومبر 1980 ع تي کيس اسلامي يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هن عهدي تي آگسٽ 1982 تائين رهيو 1983 کان 1990ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو مشير به رهيو جنهن کان پوءَ سال 1990 ع کان 6 مارچ 1994 ع تائين سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ( سنڌي لبنگويج اٿارٽي ) جو پهريون چيئرمين پڻ ٿي رهيو پاڻ ڪافي وقت کان علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو چيئرمين به رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جا علمي ڪارنامه سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي اٿل آهن. تصنيفات ۽ تاليف جي سلسلي ۾ علم ادب لغت شاعري تاريخ ثقافت موسيقي لطيفيات ۽ آٽار قديمه تي لاجواب ڪتاب مقالا انگريزي ،عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ۾ لکيا اٿس، جن کي علمي ادبي دنيا ۾ تحسين نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو. شاهه لطيف کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي ٻين به ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن تي تحقيق ڪري سندن شاعري کي ترتيب ڏنو آهي ان سلسلي ۾ سنڌي شاعري ۾ ڪليات جي تاليف کي نوان موڙ ڏيندڙ ڊاڪٽر صاحب جڏهن ڪليات سانگي، ڪليات حمل ، ڪلام نواب ولي محمد لغاري ڪلام ميون شاهه عنايت، ڪنڊڙي وارن فقيرن جو ڪلام ترتيب ڏئي انهن منجهه سندن زندگي جو عڪس نمايا سامهون اچي وڃي ٿو پر ڪلام ۾ آيل محاورا ۽ استعارا به پنهنجي دور جي نشاندگي ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ماضي حال بڻجي اسان سامهون اچي بيهي ٿو جنهن ۾ ان دور جون سماجي ريتون رسمون ۽ ثقافتي رنگن کي به قدر چڱي نموني سان پرکي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب ڏيهه پرڏيهه ۾ سنڌ جي ثقافت جي پرچار ڪئي آهي اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ سينگارڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءَ جيتري جاکوڙ ڊاڪٽر نبي بخش خاب بلوچ ڪئي آهي ايتري هن کان اڳ ڪنهن به نه ڪئي آهي ۽ شايد ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب تي اٽڪل 80 کن ڪتاب لکي چڪو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي اخبارن، رسالن ، ميگزينن، ادبي پرچن ۾ سوين موضوعن تي ڇپيل سندس مقالن جو ڪو اندازو ئي ڪونهي.سندس ادبي لياقتون سمنڊ کان به وڌيڪ محسوس ٿين ٿيون. ڊاڪٽر صاحب لطيف سرڪار تي پڻ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ( شاهه جو رسالو ) به ترتيب ڏنو ڊاڪٽر صاحب 33 سالن جي ادبي پورهي جي نگراني ۾ شاهه جي رسالي تي هلندڙ تحقيقي ڪم سال 2000 ع ۾ مڪمل ڪري ورتو ۽ ان تحقيق ڪري شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد تيار ڪرايا اٿس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪجهه شاعري به ڪئي پاڻ راڳ جو به شوقين هو. هن فن جي دنيا ۾ سندس ڳوٺ جو الهڏنو فقير ماڇي سندس استاد هو. ڊاڪٽر صاحب ملهه جي فن کي به مقبول ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ هيس پاڻ پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه تي ڪرڪيٽ جيان ملاکڙي جي ڪمينٽري ڪرڻ جو انتظام ڪيائين ۽ ملهه ايسوسيئيشن به ٺهرايائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ وڏي اديب عالم اسڪالر ۽ دانشور جي حيثيت سان ٻاهرين ملڪن يورپ ۽ مشرق جي تعليمي ۽ ثقافتي اجلاسن ۾ شامل ٿي پياري پاڪستان جي نمائندگي ڪيترائي ڀيرا ڪندو رهيو جنهن منجهه آمريڪا ،ڪئناڊا ،انگلينڊ ،ايران، شام مراڪش، فرانس ،سعودي ،عرب، لبنان ،ترڪي، تيونس، جاپان، فلپائن، عراق ،ڪويت ،الجزائر وغيره جو سفر ڪري چڪو هو. ڊاڪٽر صاحب سندس ڪيل جاکوڙ ۽ نچوڙيل نور کي پاڪستان خاص طور تي سنڌ جا ادبي دنيا سان واسطو رکندڙ صدين تائين ساراهيندا رهندا پاڻ وڏو محقق اديب تاريخدان دانشور ماهر لسانيات ۽ مبصر ۽ امين هو کيس بين الاقوامي شهرت به حاصل هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندس علمي ادبي خدمتن عيوض ڪافي انعام ايوارڊ وغيره ملي چڪا آهن جن منجهه تمغه پاڪستان ستاره قائداعظم ۽ 1979 ۾ صدارتي ايوارڊ ( تمغه حسن ڪارڪردگي ) شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جو علمي مرتبو ۽ ڪم ايوارڊن کان گهڻو مٿي آهي پاڻ سموري ڪم جو باب بند ڪري دل جي تڪليف سبب 6 اپريل 2011 اربع ڏينهن تي زندگي جو سفر پوري ڪري اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. سندس ادبي خدمتن کي اڄ به ياد ڪيو پيو وڃي اڄ 16 ڊسمبر 2020ع اربع ڏينهن هن مهان لوڪ ادب جي ڏاهي عالم اديب جي 103 سالگرهه تي سڄي سنڌ جا لوڪ ادب جا سگهڙ ،شاعر سندس جنم واري ڏهاڙي کي (سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو ) ڪري ملهائڻ جوعزم گذريل 5 سالن کان وٺي ملهائيندا پيا اچن ، ان سلسلي منجهه سگهڙ لوڪ ادب جي تنظيم (سلات ) بيحد متحرڪ نظر اچي پئي ان ڏينهن تي ڪيترا ئي سيمينار ۽ ڪانفرنس ۽ لوڪ ڪچهري پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا ان سڄي ساري بهترين لوڪ ادب جي ڪم ۾ عاجز رحمت الله لاشاري ۽ ناليوارو اسڪالر اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب ۽ بيا اديب متحرڪ نظر اچن پيا اڄ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جنم ڏهاڙي تي سڄي سنڌ جي ادبي لڏي جا ساٿي لفظن جي ڀيٽا ڏئي جنم ڏهاڙي عقيدت سان ملهائيندا.










