نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ائسوسئيشن يونين تعلقه مورو پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ يونين جي مرڪزي صدر جي اڳواڻي ۾ يونين آفيس کان احتجاجي مظاهرو ڪڍيو ويو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ يونين جي اڳواڻن عھديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي جن جي هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ هئا جن تي مطالبن جي مڃتا لاءِ لکيل هئا هن احتجاج ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي صوبائي اڳواڻ ڪامريڊ يونس راهو به ملازمن سان يڪجهتي طور شرڪت ڪئي مظاهرين شهر جي مختلف هنڌن کان ٿيندا مورو پريس ڪلب پهتا جتي اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف ملازمن سان وڏيون زيادتيون ٿي رهيون آهن اسان جا جائز مطالبا پورا نٿا ڪيا وڃن جنهن ڪري ننڍن پورهيت ملازمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي هنن چيو ته ٽائم اسڪيل ڪلارڪ پروموشن وردي الائونس سن فوتي ڪوٽا نٿو ڏنو وڃي ملازمن جون بند پيل پگهارن جي آء ڊي به نٿيون کوليون وڃن جنهن ڪري ملازم پگهارن کان محروم آهن ۽ ملازمن کي بنا ڪنهن سبب جي شوڪاز نوٽيس ڏنا پيا وڃن مهانگائي جي باوجود ننڍن ملازمن جون پگهارون نٿيون وڌايون وڃن جنهن ڪري هنن مسئلن تي وڏي عرصي کان ملازم احتجاج ڪندا اچن پيا پر سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتو انهن تي توجهه نٿا ڏين هنن چيو ته تعليم کاتي جي پورهيت ننڍن ملازمن سان ٿيندڙ حق تلفي تي حڪمران خاموش ڇو آهن سڄي سنڌ ۾احتجاجن جو سلسلو جاري آهي پر سنڌ حڪومت خاموش بڻيل آهي هنن سنڌ جي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تعليم کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جون مٿي ڄاڻايل جائز گھرجون پوريون ڪيون وڃن اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو .










