لنڊن ۾ نواز شريف جي نالي تي چوٿين گاڏي به رجسٽر

لنڊن ۾ نواز شريف جي نالي تي چوٿين گاڏي به رجسٽر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نالي تي اڻڄاتل ماڻهن چوٿين گاڏي به رجسٽر ڪرائي ڇڏي. سٽي آف لنڊن پوليس سازش ڪندڙن تائين پهچڻ لاءِ جاچ ۾ مصروف آهي پر هاڻ چوٿين گاڏي به نواز شريف جي نالي تي رجسٽر ڪرائي وئي آهي. نواز شريف لنڊن آفيس موجب گاڏيون نواز شريف جي نالي تي رجسٽر ڪرائڻ جو مقصد ڏوهه ڪري واسطو نواز شريف سان جوڙڻ ٿي سگهي ٿو. لنڊن آفيس جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي نالي تي رجسٽر گاڏين کي دهشتگردي، دوکيبازي ۽ مجرماڻي ڪارروائين لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.نواز شريف لنڊن آفيس جي خرم بٽ پوليس کي چوٿين گاڏي رجسٽر ٿيڻ کان به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو