لبنان ۾ خراب معاشي صورتحال خلاف مظاهرا، 220 ڄڻا زخمي

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ معاشي صورتحال خراب هجڻ خلاف احتجاج پُر تشدد مظاهرين ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. احتجاج ۾ مظاهرين حڪومت جي تبديلي کي ناڪافي قرار ڏيڻ سان گڏ مهانگائي ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽ مطابق پرتشدد مظاهرن جي نتيجي ۾ پوليس سان جهڙپون ٿيڻ ڪري هن مهل تائين 220 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته درجنين مظاهرين کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته لبنان ۾ معاشي صورتحال ۽ اضافي ٽيڪسن خلاف 17 آڪٽومبر 2019 کان مظاهرا جاري رهيا ان مظاهرن سبب لبنان جي وزيراعظم سعدالحريري 29 آڪٽومبر تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو