لاڙڪاڻي جي استادن کي ٽريننگ جو معاوضو ڪڏهن ملندو ؟

لاڙڪاڻي جي استادن کي ٽريننگ جو معاوضو ڪڏهن ملندو ؟

جاويد علي ڀٽو
سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ بلدياتي اليڪشن 26 جون تي ٿي گذريون، اليڪشن کان اڳ ۾ هزارين استادن کي پري پري کان اليڪشن ۾ ووٽرن جي رهنمائي ڪرڻ، صحيح ووٽ جي عمل صاف شفاف، منصفاڻيون غير جانبدارانه ۽ ووٽ جي مڪمل اهميت سميت ٻيون ڳالهيون سمجهايون ۽ ٻڌايون ويون، انهي سلسلي ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته “ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ” سمورن سرڪاري ملازمن استادن کي بلدياتي اليڪشن ۾ ڊيوٽي ڪندڙن کي ٽريننگ جو گهٽ ۾ گھٽ هڪ هزار رپيا ۽ ريفرشمينٽ جا ڌار 2 کان ٽي سئو رپيا ڏنا ويندا پر انهيءَ کي هڪ مهينو ٿيڻ وارو آهي پر اهي في استاد کي 12 سئو رپيا ڪنهن به سرڪاري ملازم استاد کي هڪ رپيو به نه ملي سگهيو آهي، جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هيءُ بلدياتي اليڪشن جي ڊيوٽي ادا ڪندڙ هزارين ملازمن عملي جا لکين ڪروڙين رپيا کائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، انهيءَ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر ۽ ڪراچي جي اعليٰ انتظاميه کان مطالبو ٿو ڪجي ته لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن جي ڊيوٽي ادا ڪندڙ ۽ ٽريننگ ۾ حصو وٺندڙن کي پنهنجي ٽريننگ جا پئسا جلد ڏنا وڃن ۽ اليڪشن عملي پرزائيڊنگ آفيسر، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، پولنگ آفيسر جا ٽريننگ جا پئسا جلد انهن کي ڏيئي انهن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو