لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ آلودگي جو راج جاري آهي ۽ لاهور چوٿين ڏينهن به دنيا جو آلودگي وارو شهر قرار ڏنو ويو آهي.عالمي ماحولياتي ويب سائيٽ موجب لاهور کي مسلسل 4 ڏينهن تائين دنيا جو آلودگي وارو شهر قرار ڏنو ويو آهي.عالمي ماحولياتي ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته لاهور جي هوا جو معيار ايئر ڪوالٽي انڊيڪس ۾ 386 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي.ان کان علاوه آلودگي ۾ ٻئي نمبر تي ڀارتي شهر نئين دهلي ۽ ٽئين نمبر تي عراقي شهر بغداد رڪارڊ ڪيو ويو آهي.










