لاهور جي اسلام آباد کي 95 رنز تان شڪست، فائنل ۾ پهچي وئي

لاهور جي اسلام آباد کي 95 رنز تان شڪست، فائنل ۾ پهچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور. اسلام آباد کي 95 رنز تان شڪست ڏئي فائينل ۾ پهچي وئي آهي. شاهين آفريدي 3.1 اوورن ۾ 3 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتوين، سلمان مرزا ۽ رشاد حسين ٻه ٽي ٽي وڪيتون ورتيون. ان کان اڳ 203 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ صاحبزاده فرحان ۽ محمد شهزاد اننگ شروع ڪئي، محمد شهزاد زيرو تي شاهي آفريدي جي بال تي بولڊ ٿي ويو ۽ اڳئين اوور ۾ فرحان به 3 رنز ٺاهي سلمان مرزا جي بال تي بولڊ ٿيو. وين در دسن به 7 رنز ٺاهي سلمان مرزا جي بال تي ڪيپر پريرا هٿان ڪيچ ٿيو، جنهن بعد عماد وسيم سلمان مرزا کي چوڪو هڻي اڳئين بال تي 8 رنسون ٺاهي فخر هٿان ڪيچ ٿيو،  ۽ 33 جي اسڪور تي 4 ٽاپ بيٽرآئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد سلمان آغا ۽ شاداب خان اسڪور اڳتي وڌايو. سلمان آغا 33 رنز اسڪور ڪري رشاد جي بال تي نعيم هٿان ڪيچ ٿيو ته جيمز نيشام آيو، شاداب رشاد کي ڇڪو هڻي سندس اڳئين بال تي آصف علي هٿان 26 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. ساڳئي اوور نيشام به رشاد کي ڇڪو هنيو ۽ اڳئين بال تي بالر هٿان ئي 8 رنز اسڪور ڪري ڪيچ ٿيو، نسيم شاهه غير ضرور ٻئي رن جي چڪر ۾ رن آئوٽ ٿيو، ٽيمل ملز7 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي بولڊ ٿيو. لاهور جي فتح يقيني ٿي وئي. پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ڪواليفائر ميچ ۾ لاهور قلندرز محمد نعيم ۽ ڪوشل پريرا جي شاندار هاف سينچرين جي مدد سان اسلام آباد يونائيٽيڊ کي فتح لاءِ 203 رنسن جو هدف ڏنو. لاهور قلندرز ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پر ان کي شروعاتي نقصان ڀوڳڻو پيو، جڏهن اسٽار بيٽر فخر زمان ٻئي اوور جي آخري بال تي 12 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ٻئي پاسي محمد نعيم تيزيءَ سان رنس اسڪور ڪرڻ شروع ڪيون ۽ فقط 24 بالن تي ست چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان شاندار اڌ سينچري ٺاهي، پر ايندڙ ئي بال تي عماد وسيم هن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. عبدالله شفيق ٽي چوڪا هڻي 25 رنس ٺاهيون، جنهن کي جيمز نيشم آئوٽ ڪيو. ڪوشل پريرا 35 بالن تي 61 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ ست چوڪا ۽ ٻه ڇڪا شامل هئا. ڀانوڪا راجا پڪسا 22 ۽ آصف علي 15 رنس ٺاهي پويلين موٽي ويا، جڏهن ته شڪيب الحسن بغير ڪو رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو. اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان ٽائمل ملز ٽي، سلمان ارشاد ٻه، جڏهن ته عماد وسيم ۽ جيمز نيشم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو