لاهور قرارداد، قومن کي ڄار ۾ ڦاسائڻ جو ڏينهن !

لاهور قرارداد، قومن کي ڄار ۾ ڦاسائڻ جو ڏينهن !

محمد ابراهيم جويو

هيل تائين هن ملڪ کي هلائڻ لاءِ جيڪي به تجربا ڪيا ويا، اهي ناڪام ئي رهيا آهن، ۽ هاڻ هيءَ رياست پنهنجو وجود، رڳو ئي رڳو، جبر ۽ استبداد ۽ ڏاڍ ۽ استحصال تي ئي قائم رکيو ويٺي آهي. ملڪ جي خالق وفاقي اڪاين سان ۽ انهن جي عوام سان سندس رويو ايتري حد تائين ناروا ۽ تعصباڻو آهي، جو اهي اڪايون پنهنجي پاڻ کي باقاعدي غلام سمجهن ٿيون. پنجاب کان سواءِ باقي وفاقي اڪايون پوريءَ طرح غلاميءَ واريءَ زندگيءَ تائين محدود رکيون ويون آهن. انهن جي بنيادي – قومي، سياسي ۽ اقتصادي – حقن جي ايتريءَ حد تائين لتاڙ ڪئي ويئي آهي، جو ڪنهن معقول، متحرڪ ۽ فعال طرز حڪومت ۽ رياستي نظام جي بندوبست کان سواءِ هيءَ رياست پنهنجي خالق اڪاين لاءِ هڪ قيد خانو ٿيِ ئي رهڻي آهي.

سوال هيءُ آهي ته نيٺ هيءَ رياست ايتريءَ حد تائين غيرفعال، غيرمتحرڪ ۽ مڪمل طرح استحصالي ڇو بڻي؟ ان لاءِ ٿورڙو تاريخ سان رجوع ڪرڻو پوندو. هونءَ ته پاڪستاني تاريخ جون ڳالهيون گهڻي ڀاڱي، پڙهندڙن تي پڌريون پئي رهيون آهن. انهيءَ ڏس ۾، گهڻو لکجي چڪو آهي، پوءِ به موضوع جي تقاضا خاطر، مختصر نموني پسمنظر کان ڳالهه شروع ڪجي ٿي.

مسلم ليگ 1906ع ۾ وجود ۾ آئي، ان جو قيام هندستان جي مسلمان اقليتن جي تحفظ جي نام نهاد گهرهيٺ عمل ۾ آندو ويو هو. اهڙو قيام سلطان محمد شاهه آغا خان جي اڳواڻيءَ ۾ لارڊ منٽو جي حاضريءَ ۾، شملا جي ماڳ تي پهتل، 32هن شهزادن، ملَڪَن، نوابن، سردارن جاگيردارن ۽ زميندارن جي منَ مرضيءَ جو نتيجو هو، جن لارڊ منٽو وٽ برطانوي سرڪار جا پير ڌوئي پيئڻ جي حد تائين، جا اعلان ڪيا هئا، ۽ اُن اڳيان پيش ڪيل عرضداشت ۾ برطانوي سامراج سان وفاداريءَ جا وچن ڪيا هئا، ۽ اُهي به اهڙيءَ من جي سچائيءَ سان ڪيا هئا، جهڙا انگريز عوام پنهنجيءَ راڻي اڳيان به نه ڪيا هوندا. انهيءَ عرضداشت جو هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:

”هن عرضداشت ۾ ظاهر ڪيل هندستان جي مامرن ۾ اڳڀرائيءَ لاءِ، اوهين هن مرحلي تي، مسلم راڄ جي مدد ڪري،انهن جي پختي وفاداريءَ  جا بنياد مضبوط ڪندا،  ۽ هنن جي سياسي اڳڀرائيءَ توڻي قومي خوشحاليءَ جو بنياد وجهندا. ۽ (اهڙيءَ ريت) اوهان جي نالو هنن (مسلمانن) جي ايندڙ پيڙهين تائين شڪر گذاريءَ سان ياد ڪيو ويندو.“

مسلم ليگ جي خالقن انگريز سرڪار سان اهڙيءَ ريت وفادريءَ جا وچن ڪيا هئا. اِها ليگ ٻه قومي نظريي جي فرقيوار بنياد تي قائم ڪئي ويئي هئي، انهيءَ نظريي پٽاندر هندستان ۾ ٻه قومون –  هندو قوم ۽ مسلمان قوم – ٿي رهيون، جن جي رهڻي ڪهڻي، تاريخي روايتن ۽ تهذيب جا انداز الڳ الڳ هئا. ياد رهي ته تاريخ ۾ ڪنهن خاص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ ڪن ماڻهن جي مذهب جي بنياد تي، قوم هجڻ وارو دليل رد ٿيل آهي. بلڪ قوم ڪنهن سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي گڏيلَ عملُ مان اسريل هڪ تهذيبي ڏاڪو آهي، جنهن جا سماجياتي ۽ عملي لحاظ کان پنهنجا الڳ ۽ اُهي به  طئه ٿيل ترڪيبي جزا آهن، انهن ترڪيبي جزن ۾ مذهب جو هجڻ لازمي ناهي. اِن لاءِ، ڊيگهه کان بچڻ لاءِ، ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته مذهب کي پنهنجي ثابتيءَ لاءِ سدائين هڪ قوم جي گهرج هوندي آهي، پر ڪنهن قوم کي، پنهنجي قوم هئڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ ڪنهن مذهب جي هروڀرو به ڪا گهرج نه هوندي آهي: مذهب  لازمي طرح ڪنهن قوم ۾ پناهه وٺڻ جو حاجتمند آهي ته پوءِ اهو ڪنهن قوم جو خلقڻهار ڪيئن ٿي ٿو سگهي؟ 

انڪري واضح هجي ته جيئن مسلم ليگ پنهنجي منهن، هندستاني مسلمانن کي هڪ قوم قرار ٿي ڏنو، تيئن حقيقت ۾ نه هو. حقيقت هيءَ هئي ته هندستاني مسلمان، مختلف علائقن ۽ پرڳڻن جا رهندڙ هئا، ۽ اهي سڀ الڳ الڳ پنهنجيءَ پنهنجيءَ قوم سان گڏ، صدين کان وٺي، اُن جي گڏيل طور طريقي سان، جيئندا ۽ اسرندا پئي رهيا هئا. انگريز جي وفادار مسلمان اشرافيا جي ذهني پيداوار مسلم ليگ هڪ اهڙيءَ قوم جي نالي تي سياست پئي ڪئي، جنهن جو ڪوبه حقيقي ۽ معروضي طرح وجود ئي نه هو. حقيقت هيءَ آهي ته مسلم ليگي پليٽ فارم تان، مسلمان اقليتن جي حقن ۽ تحفظ جي آڙ ۾ هندستان جي مسلمان اشرافيا، پنهنجن پنهنجن گروهي مفادن جي بچاءَ سان گڏ، وڌيڪ انعام، لقب ۽ مراعتون ماڻڻ ٿي گهريون.

انهيءَ مخصوص مسلمان اشرافيا، مسلم ليگي پليٽ فارم تان، فرقيواراڻي سياست جي پنڌ تي هلندي، مارچ 1940ع ۾ پنهنجو 27هون اجلاس سڏايو. انهيءَ اجلاس جي آخري ڏينهن يعني 23 مارچ تي هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن کي شروع ۾ ”قرارداد لاهور“ ۽ پوءِ ”قراردار پاڪستان“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو. انهيءَ ٺهراءَ  جي متن ڏيڻ جي ڪاگهڻي گهرج ناهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ حقيقت کان اسان جو هر هڪ پڙهيل لکيل شخص واقف آهي، ته انهيءَ ٺهراءُ وسيلي آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس، ”سوچيل ويچاريل خيال“ پيش ڪندي، هندستان ۾ هڪ ”آئيني منصوبي“ وسيلي ”مسلمان اڪثريت وارن علائقن“ کي ڳنڍي هڪ کان وڌ ”رياستن“ جوڙڻ جي گهر ڪئي، ۽ انهن رياستن کي جوڙيندڙ ”شريڪ اڪاين“ کي واضح نموني ”اقتدار اعليٰ“  (Sovereignty)  ۽ ”خودمختياري“ (Autonomy) ڏيڻ جي ضمانت پڻ ڏني ويئي هئي. انهيءَ ٺهراءَ جي ٽنهي مک پئرائن ۾ ”مسلمان قوم“  (Muslim nation) جو اصطلاح ڪتب نه آندو ويو هو، جنهن مان سڌي سنئين مراد اها هئي ته اڳتي هلي مسلمان اقليتن لاءِ جيڪا ”رياست“ يا ”رياستون“ جڙڻيون هيون، انهن ۾ شريڪ اڪاين کي، جيڪي تاريخي وطن پڻ هيون، پنهنجي قومي سڃاڻپ ۽ تشخص، تاريخ، ثقافت ۽ سندن قومي زندگيءَ ۾ مڪمل طرح آزاد ۽ خودمختيار ڇڏيو وڃڻو هو. وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اختيارن جي واضح نموني ورڇ ٿيڻي هئي- يعني رڳو ڪي ٿورڙا اختيار وفاق وٽ رهڻا هئا، جيڪي شريڪ اڪاين جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي لاءِ ضروري هجن ها ۽ باقي سمورا اختيار شريڪ وفاق اڪاين کي ئي ڏنا وڃڻا هئا.

جڏهن گڏيل هندستان جي ورهاڱي جي نتيجي ۾، هندستاني مسلمان اقليتن لاءِ ڌار رياست، ”پاڪستان“ جو قيام عمل ۾ آيو ته ان وقت مسلم ليگي قيادت لاءِ سڀ کان پهرين پهرين ترجيح، 1940ع واري ٺهراءَ جي بنياد تي ، نئين آئين جي جوڙجڪ هجڻ گهرجي ها، پر وڏي شاطرائپ ۽ هوشياريءَ  سان انهيءَ ٺهراءَ کي ڪنڊائتو ڪيو ويو، ۽ ٿورڙي ڦيرڦار سان گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935ع  کي هڪ عبوري آئين طور مڙهيو ويو، جنهن هيٺ ملڪ جي آئين ساز اسيمبلي وجود ۾ آئي، جنهن جي سربراهي لياقت علي خان پئي ڪئي، انهيءَ اسيمبليءَ مسٽر جناح جي مسلم ليگ جي صدر ۽ گورنر جنرل هئڻ جي ٻٽن عهدن جي منظوري ڏني. 1935ع واري ائڪٽ اختيار ڪرڻ جي، مسلم ليگي قيادت کي، ڪابه گهرج نه هئي، اهو انگريزن جو ٺاهيل قانون هو ۽ انهيءَ ۾ اختيارن جي مرڪزيت کي يقيني بڻايو ويو هو. اها به حقيقت آهي ته اُنهيءَ ائڪٽ جي وڌ ۾ وڌ مخالف پاڻ مسلم ليگ ئي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ، ان کي مسلمانن اقليتن جي حقن ۽ مفادن جي منافي ٿي ڄاتو. مسلم ليگ 1935ع واري ائڪٽ خلاف واويلا ۾ ڌرتي آسمان هڪ ڪري رکيو هو. انڪري انهيءَ ائڪٽ کي ٿورڙي ڦيرڦار سان عبوري آئين طور لاڳو ڪرڻ مسلم ليگي قيادت لاءِ اصولي ۽ اخلاقي طرح درست نه هو. ان جي ابتڙ، ٿيڻ اهو گهربو هو ته مرڪزي اسيمبليءَ ۾ مڙني آئيني اڪاين جي برابر شرڪت ۽ سندن صلاح مصلحت وسيلي ئي، 1940 واري ٺهراءَ جي روشنيءَ ۾ نئين آئين جي جوڙ جڪ ڪئي وڃي ها، ۽ اهڙيءَ ريت شريڪ اڪاين کي پنهنجِي واعدي ڪيل آزادي ۽ خود مختياري حوالي ڪئي وڃي ها. پر اصل ۾  مسلم ليگي قيادت جي نيت ۾ کوٽ هو، انهيءَ ڄاڻي واڻي 1935 واري ائڪٽ کي لاڳو ڪيو هو، جنهن ۾ مڙني اهم رياستي اختيارن کي مرڪز وٽ رهڻ جا سڀ جا سڀ بندوبست موجود هئا. مسلم ليگي قيادت اختيارن جي مرڪزيت تي يقين ٿي رکيو. ايتري تائين جو مسٽر جناح پاڻ وٽ ئي اهي سڀ اختيار رکيا، جيڪي 1935ع واري ائڪٽ ۾ گورنر جنرل کي مليل هئا. پاڻ 1935ع واري ائڪٽ جو وڏي ۾ وڏو مخالف هو ۽ پاڪستان ٺهيو ته انهيءَ ائڪٽ جو وڌ ۾ وڌ فائدو ماڻيندڙ به پاڻ ئي هو. اخلاق ۽ اصول جي تقاضا اِها هئي ته هن کي اهي اختيار ڇڏي ڏيڻ کپندا هئا، پر هن ائين نه ڪيو.

پاڪستان جي قيام کان پوءِ مسلم ليگي قيادت هڪدم 1940ع واري ٺهراءَ کان ڦري ويئي، ۽ شريڪ اڪاين کي آزادي ۽ خودمختياري  ڏيڻ بدران هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني شريڪ اڪاين/ قومن کي هڪ قوم طور جوڙڻ واري پنهنجي اصلي ڪم سان لڳي ويئي. انهيءَ تصوراتي قوم جو نالو ”پاڪستاني قوم“ هو، ان جو مذهب اسلامُ  قرار ڏنو ويو ۽ ان جي ٻولي اردو هئي. 25 فيبروري 1948ع تي آئين ساز اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي ٻوليءَ تي بحث مباحثو ٿيو. اجلاس ۾ هڪ بنگالي ميمبر چيو ته ”پاڪستان جي ڇهه ڪروڙ 90 لک آباديءَ مان چار ڪروڙ 40 لک ماڻهو، بنگالي ڳالهائين ٿا، انڪري قومي ٻوليءَ جو درجو بنگاليءَ کي ملڻ گهرجي.“

انهيءَ تقرير جي جواب ۾ لياقت اصل مڇرجي پيو، ۽ هن انهيءَ موقعي تي جيڪو ڪجهه ڳالهايو، ان جو تت ڪجهه هن ريت آهي: ”پاڪستان ننڍي کنڊ جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي مطالبي جي ڪري وجود ۾ آيو آهي ۽ انهن ڏهن ڪروڙ مسلمانن جي ٻولي اردو آهي. ان کي ئي  پاڪستان جي قومي ٻولي ٿيڻ کپي، پاڪستان هڪ مسلمان رياست آهي ۽ ان جي ٻولي اهائي هئڻ کپي، جيڪا مسلمانن جي آهي.“

هاڻ پڙهندڙ پاڻ اندازو ڪري سگهندا ته مسلم ليگي قيادت جا ارادا ڪهڙا هئا، ۽ خاص طرح اهڙي تعصباڻي، بي لحاظ ۽ حق کي باطل قرار ڏيندڙ ذهنيت رکندڙن مان شريڪ اڪاين جي آزاديءَ  ۽ خودمختياريءَ جي ڪهڙي ۽ ڪيتري  اميد رکجي ها. اهڙيءَ ريت مسلم ليگي هڪ تصوراتي قوم جي کاتي ۾ هڪ خاص وڏي صوبي ۽ هندستان جي مختلف علائقن مان لڏي آيل مهاجرن جي نمائنده جماعت بنجي پئي. ٻين لفظن ۾ ان مهاجر پنجابي مستقل مفاد کي معتبر ۽ جائز ڄاڻندي، شريڪ اڪاين ڪيل واعدن کي پاڙڻ ته ٺهيو، انهن جي وجود کي مڃڻ لاءِ به تيار نه هئي. مسلم ليگي قيادت جي اهڙي نظرياتي تنگ نظري، سياسي ڪٺورتا ۽ ملڪي اهم اختيارن ۽ عهدن تي قبضي ڪرڻ واريءَ هٻڇ ملڪ ۾ وڏيءَ حد تائين انتشار، عدم استحڪام ۽ بدنظميءَ واريءَ صورتحال کي جنم ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ فوج اقتدار تي قابض ٿي ويئي، ۽ اهڙيءَ ريت اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن هڪ نه، ٻيءَ طرح فوج جو غلبو ۽ تسلط ملڪ تي برقرار رهيو آهي. ان لحاظ کان، اڄ ڏينهن تائين ملڪ جي شريڪ اڪاين جي عوام، جيترين به آمريتن کي ڀوڳيو آهي، اهو مسلم ليگي قيادت کاتي ۾ وڃي ٿو.

ڳالهيون مختصر ٿيون ڪجن، جو اڳي ئي مون پنهنجن مختلف مضمونن ۾ انهيءَ سلسلي ۾ پيرائتي نموني پنهنجي راءِ ڏني آهي. شروع ۾ بنگال جي اڪثريت کي ڪچلڻ لاءِ فوج رٿابنديءَ سان ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري، مارشل لا/ فوجي قانون لاڳو ڪيو ۽ ان کان پوءِ به  بنگالين سان برابري ڪرڻ جي خيال کان اولهه پاڪستان جي سمورين شريڪ / آئيني اڪاين کي هڪ ڪرڻ لاءِ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، جنهن وسيلي اولهه پاڪستان جي سمورين اڪاين جي تاريخي حيثيت ختم ڪري، انهن کي هڪ يونٽ يا هڪ  صوبي ”اولهه پاڪستان“  ۾ ضم ڪيو ويو. انهيءَ رٿا وفاق جي بقا لاءِ خطرا پيدا ڪيا. اولهه ۽ اوڀر پاڪستان وچ ۾ سياسي اختيارن ۽ مالي ورڇ تان اختلاف وڌيڪ شديد ٿيا، ۽ سياسي ڇڪتاڻ اوج تي پهتي. پاڻ  اولهه پاڪستان اندر شريڪ اڪاين پنهنجي وڃايل تاريخي تشخص جي  بحاليءَ لاءِ يادگار جدوجهد هلائي، جيڪا تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ ياد ڪئي ويندي. بهرحال 1971ع ۾، هڪ وڏي رتوڇاڻ کان پوءِ اوڀر پاڪستان سدائين لاءِ الڳ ٿي ويو، ۽ ائين  ٻه قومي نظريو ڌڙام ڪري اچي پٽ پيو، انهيءَ وقت هن ملڪ بابت خود ملڪ جي باني مسٽر جناح جا خدشا اهي صحيح ثابت ٿيا، جن ۾ هن چيو هو:

”… اهو به ممڪن آهي ته ورهاڱي ( ۽ پاڪستان جي قيام) وارو نظريو درست ثابت ٿئي، پر، اهو به امڪان آهي ته اهو نظريو واقعي درست نه هجي.مان ته اهوئي چوندس ته ان جي حقيقت ايندڙ زماني ۾ ظاهر ٿيندي ته اهو نظريو غلط هو يا درست هو.“ [11 آگسٽ 1947ع]

ٺاهڻ لاءِ ته پاڪستان ٺاهي ورتو هئائون، پر ان جي هلڻ تي مسلم ليگي قيادت کي شروع کان  اعتبار نه هو، بنگال جي جدائيءَ ثابت ڪيو ته ٻه قومي نظريي جي بنياد تي هندستان جو ورهاڱو، رڳو مسلم ليگي قيادت جي فرقيوار ۽ وهه گاڏڙ فطرت جي تسڪين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.

جيستائين بنگال جو ورهاڱو عمل ۾ اچي، تيستائين اولهه پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ نالي هڪ جماعت ٺهي چڪي هئي، جنهن جو بنياد ايوب ڪابينا سان اختلاف رکندي، استعيفا ڏيئي ايندڙ پاڪستاني  پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي وڌو.

ڀٽو صاحبُ مسلم ليگي روايتي قيادت کان وڌيڪ معامله شناس ۽  بنهه ڏاهو ماڻهو هو. هن ڄاتو پئي  ته فرقيواراڻن بنيادن تي ڪڏهن به ”خود ساختا ۽ تصوراتي پاڪستاني قوم جي نظريي“ کي عملي جامو پارائي نه سگهبو. هن انهيءَ ساڳئي مقصد لاءِ ”جمهوريت“ جو سهارو ورتو ۽ روايتي ڪامورا شاهيءَ جي سازشن وسيلي فيصلن مڙهڻ  بدران عوامي جذبن ۽ امنگن کي اڪسايو. انهيءَ ساڳئي مقصد هيٺ هُن ملڪ جي چئني صوبن / قومن جي عوام کي جمهوريت، اقتدار اعليٰ ۽ عوامي راڄ جا خواب ڏيکاريا، ملڪ جي شريڪ اڪاين جو عوام ، جيڪو  ملڪي سياسي ڌارا کان مڪمل طرح ڪٽيل هو، انهيءَ ڀٽي  صاحب جي هن نئين برانڊ عوامي سياست کي ڀرپور موٽ ڏني اهڙيءَ ريت مسلم ليگي قيادت ۽ ان جي سياست مڪمل طرح پوئتي ڌڪجي ويئي. جيتوڻيڪ ڀٽي صاحب ”خود ساختا ۽ تصوراتي پاڪستاني قوم جي نظريي“ کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ تيز رفتاريءَ سان سفر شروع ڪيو، پر روايتي طاقتور حلقن کي سندس انداز سياست نه آئڙيو، ۽ ٻي ڳالهه اها ته انهن روايتي سگهارن حلقن هن ملڪ تي سڌيءَ ريت حڪمرانيءَ جي  چاشني چکي هئي، انهيءَ ڪري کين ڀٽي صاحب جي عوامي راڄ وسيلي مضبوط مرڪزيت جو فارمولو پسند نه آيو، ۽ کيس ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، جيتوڻيڪ ڀٽي صاحب جي سياسي حڪمت عملي الڳ هئي، پر هن ڪم اهو ئي ڪرڻ ٿي گهريو، جيڪو مسلم ليگي قيادت کان نه ٿي سگهيو هو، هن وٽ ملڪ جي شريڪ اڪاين جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ لاءِ ڪا گهڻي گنجائش نه هئي. ان جي ابتڙ هُن ملڪ ٺاهيندڙ وفاقي اڪاين ۾ اڀريل قومي شعور کي رٿابنديءَ سان ڪچليو، جنهن جو اظهار هن پاڻ پنهنجي جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان پنهنجي ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو ڏانهن لکيل خط ۾ پيرائتي نموني ڪيو آهي. بهرحال ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ ڄائو هو، ذهين ۽ ڏاهو ماڻهو هو، پر وقت ۽ حالتن کي پرکيندي، هن هڪ اهڙي سياسي نظريي کي، پنهنجي عقل ۽ ادراڪ ۽ عملي ڪوشش وسيلي صحيح ثابت ڪرڻ پئي چاهيو، جيڪو تاريخ ۾ گهڻو اڳي رد ٿي چڪو هو، ان تي وڌيڪ محنت، پاڻي-وِلوڙ ئي هئي، جنهن مان ڪجهه به نه ورڻو هو.(ڪتاب : سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي محمد ابراهيم جويو، تان ورتل)

پهنجو تبصرو موڪليو