(ق) ليگ کان سواءِ ڪنهن سان به چونڊ اتحاد نه ڪنداسين: جاويد

(ق) ليگ کان سواءِ ڪنهن سان به چونڊ اتحاد نه ڪنداسين: جاويد

شيخوپوره: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) پنجاب ۾ مسلم ليگ(ق) کان سواءِ ڪنهن به ٻئي پارٽي سان چونڊ اتحاد نه ڪندي،شيخوپوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميان جاويد لطيف چيو ته نظريو ڪمزور ٿي وڃي ته ملڪ قائم نه رهندو آهي. دهشتگردي سرحد پار کان ٿئي يا رياست جي اندر ٻئي ڏوهه آهن. چونڊن سان ئي ملڪ جي ترقي جا رستا کلندا آهن مسلم ليگ(ن) پنجاب ۾ چوڌري شجاعت کان سواءِ ڪنهن سان به چونڊ اتحاد نه ڪندي،هن چيو ته ٻين صوبن ۾ سياسي اتحاد ڪري سگهون ٿا، چونڊن ۾ دير سان رياست ۽ سياست ۾(ن) ليگ کي نقصان پهتو هو. سپريم ڪورٽ وقت تي فيصلو ڪري قوم ۽ ملڪ کي بچائي ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو