قومي سليڪشن ڪميٽي کي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي سليڪشن ڪميٽي کي وڌيڪ اختيار ڏئي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب چيئرمين پي سي بي محسن نقوي سليڪشن ڪميٽي کي بااختيار ڏسڻ چاهي ٿو، هو سليڪشن ڪميٽي جي ڪنهن به معاملي ۾ مداخلت نه ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپتاني بابت اختيار هاڻي سليڪشن ڪميٽي کي ڏنا ويندا، سليڪشن ڪميٽي سميت جيڪو به ڊپارٽمينٽ بااختيار هوندو اهو به ذميوار هوندو.چيف سليڪٽر سميت ٻين سليڪٽرن جو فيصلو هڪ هفتي اندر ڪيو ويندو، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ جي مقرري جلد کان جلد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي ڪوچز جي حتمي فيصلي لاءِ هڪ هفتي جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، پي سي بي اڃا تائين پرڏيهي ڪوچز جي مقرري لاءِ پراميد آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پهرين ترجيح پرڏيهي ڪوچز آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو