قلندر لال شهباز جي 770 هون عرس مبارڪ                           

قلندر لال شهباز جي 770 هون عرس مبارڪ                           

ليکڪ عبدالفتاح عباسي

سنڌ جي سرزمين ڀاڳن واري ۽ خوشنصيب آهي جنهن ۾ اولياءَ الله، ڪاملين، صوفياءِ ڪرام ۽ بيشمار بزرگان جو فيضان جاري و ساري هلندو پيو اچي، انهيءَ سرزمين سنڌ ۾ صدين کان اسلام سان محبت ڪندڙ انمول هستين جو قيام سنڌ جي ماڻهن ۾ صوفياڻو مزاج جو مظهر آهي،هيءَ ڌرتي پنهنجي اندر ۾ ڪيترن ئي ڪامل اڪمل مبارڪ هستين کي وجود ۾ سانڍيندي پئي اچي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي رنگ ۾ هميشه کان صوفياڻو مزاج واضع ۽ نمايان رهيو آهي. هن سرزمين سنڌ جي اها به وڏي خوبي آهي ته هن هميشه اهڙن صالحين، برگذيدهه هستين کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جي هدايت اصلاح لاءِ اڳتي آڻي براين ، بڇڙاين جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ڌرتيءَ تي حضرت امام عالي مقام، امام عرش مقام، امام ڪون و مڪان، سيدنا امام حسين عليه السلام جي اولاد مان مرتبيٰ اعليٰ روحاني فيوض و برڪات جي مخزن حضرت سيدنا محمد عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه سيوهڻ شريف واري جي هستي هڪ نمايان  جڳهه ولاريندڙ آهي، صاحب ولايت ، معرفت الاهي جي مظهر ڪامل ولي هستي حضرت سيدنا ابراهيم ڪبير الدين رحمت الله تعاليٰ عليه جي گهر ۾ حضرت سيدنا محمد عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه جي ولادت باسعادت 573 هه، بمطابق 1177ع ۾ شهر مروند شريف آذربائيجان ۾ ٿي، حضرت حافظ سيدنا محمد عثمان المروندي رحمت الله تعاليٰ عليه جو عالي نسب تعلق حضرت سيدنا امام جعفر صادق رضي الله تعاليٰ عنه سان آهي. حضرت رابعه بصري رحمت الله تعاليٰ عليها جي تقويٰ،پرهيزگاري، علم ،معرفت پري تائين مشهور هئي، پري پري کان ماڻهو سندن جي خدمت ۾ دعائن لاءِ حاضر ٿيندا هيا،اهڙي ئي باڪمال هستي جي باري ۾ راوي بيان ڪري ٿو ته حضرت سيدنا لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه جڏهن پنهنجي والدهه جي پيٽ ۾ هيا ته هڪ رات خواب ۾ حضرت رابعه بصري رحمت الله تعاليٰ عليها جو ديدار ٿيو، انهي قلندر بادشاهه رحمت الله تعاليٰ عليه جي والدهه ماجدهه کي فرمايو ته ؛ اي ڌيءَ ! مان توکي هيءَ بشارت ٻڌائڻ آئي آهيان ته توهان جو هي پيدا ٿيندڙ ٻچڙو الله تعاليٰ جو محبوب ۽ رب تعاليٰ جي مخلوق جو برگذيدهه ۽ شهريت يافته قلندر هوندو ۽ الله تعاليٰ انهيءَ جي ذريعي سان پنهنجي ڪيترن ئي گهنگار بندن کي توبهه جي توفيق عطا فرمائيندو. انهي لاءِ اي منهنجي ڌيءَ ! جڏهن انهيءَ جي پيدائش ٿئي ته انهيءَ جي ٻنهي ڪنن ۾ بلند آواز ۾ ڪلمه طيبه جو آواز ٻڌائي ڇڏجانءِ ۽ پنهنجي جليل القدر پٽ کي منهنجا سلام چئجان، جڏهن حضرت سيدنا لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه جي ولادت باسعادت ٿي ته سندن جي والدهه ماجدهه حضرت رابعه بصري رحمت الله تعاليٰ عليها جي فرمان مطابق عمل ڪيو ۽ پنهنجي دل ۾ سانڍي ڇڏيانءِ ته منهنجو پٽ الله تعاليٰ جو برگذيدهه ۽ مقبول ٻانهو آهي.جڏهن حضرت لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه جي ولادت ٿي ته سندن جي والدهه محترمه پنهنجي فرزند جو نالو سيد عثمان رکيو، ڇاڪاڻ ته هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته قلندر لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه جي والد سيد ابراهيم ڪبير الدين رحمت الله عليه جي حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنه سان والهانه محبت هئي.انهيءَ مناسبت جي ڪري پنهنجي فرزند ارجمند جو نالو سيد عثمان رکيو، هڪ روايت ۾ هيءُ به آهي ته سندن جو نالو شاهه حسين رکيو ويو. قلندر لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه جي والد محترم سيد ابراهيم ڪبيرالدين رحمت الله تعاليٰ عليه جن جي جڏهن شادي ٿي ته هڪ دفعي سندن حضرت موليٰ علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جو ديدار ٿيو ۽ سندن عرض ڪيو ته، اميرالمومنين ! توهان الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ منهنجي حق ۾ دعاءَ فرمايو ته مونکي نيڪ ۽ صالح فرزند سان نوازي،انهيءَ تي حضرت سيدنا موليٰ علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم فرمايو ؛ الله تعاليٰ توهان کي هڪ صالح فرزند سان نوازيندو پر منهنجي هن ڳالهه کي ياد رکجو ته جڏهن انهيءَ جي پيدائش ٿئي ته انهيءَ جو نالو محمد عثمان رکجو ۽ جڏهن انهي جي عمر 384 ڏينهن ٿي وڃي ته انهيءَ کي مديني منوره ۾ حاضري ڏجو، اتي حضور پر نور صلي الله تعاليٰ عليه واله وسلم کي سلام ڪرڻ بعد حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنه جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿي ۽ انهي کي سلام ڪجو، اهڙي طرح ٻڌايو وڃي ٿو ته حضرت سيدنا لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه جي والد سائين جو خواب پورو ٿيو ۽ قلندر بادشاهه جي ولادت باسعادت ٿي، جنهن جو والد نالو محمد عثمان رکيو ويو ۽ جڏهن 384 ڏينهن ٿي ويا ته سندن سفر مدينه شروع ٿيو ۽ مدينه پاڪ پهچندي روضهءَ رسول الله صلي الله تعاليٰ عليه واله وسلم تي حاضري ٿي ۽ پوءِ حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنه کي سلام ڪرڻ لاءِ جنت البقيع ۾ ويا. قلندر بادشاهه رحمت الله تعاليٰ عليه ننڍپڻ ۾ ابتدائي تعليم پنهنجي والد سائين کان ورتائين، جيڪي تبريز ۾ وڏن مشائخ عظام مان هڪ هيا، انهي جي نگرانيءَ ۾ تعليم تربيت ٿين، اهل علم والد جي ڪري حافظ محمد عثمان  مروندي رحمت الله تعاليٰ عليه کي الله تعاليٰ ننڍپڻ ۾ ئي بي مثال صحبت سان مشرف فرمايو هيو، انهي سان گڏ ئي فيض و برڪات علم دين سان مهربانيون ٿينديون رهيون، جنهن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت عام معمول رهندو هيو،  6 سالن جي عمر ۾ اهم ديني مسائل، نماز، روزهه، طهارت جي باري ضروري مسئلن کان آگاهي ٿي وئي هئي ۽ ڇهن سالن ۾ ئي قرآن پاڪ پڙهي ڇڏيو هيو انهيءَ کانپوءِ سندن شوق رهيو ته قرآن پاڪ جو حفظ ڪريان، سندن پنهنجي شوق مطابق قرآن پاڪ  حفظ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ستن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جو حفظ ڪري ورتائون، جڏهن قلندر بادشاهه. رحمت الله تعاليٰ عليه قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتو ته پوءِ ٻئي ديني علم سکڻ لاءِ توجهه ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ عربي، فارسي زبانن ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائون، ڄڻ ته ننڍپڻ ۾ ئي سندن جو روشن دماغ ۽ ذهن هيو،سبب هيءُ هيو ته الله تعاليٰ جو سندن جي مٿان خصوصي فضل و ڪرم هيو ۽ سندن جي ذات بابرڪات جي ذريعي پنهنجن ٻانهن بندن جي هدايت جو ڪم وٺڻ پئي چاهيو، ٿوري ئي وقت ۾ سائين جن قابليت جي بلندين کي پهچي ويا،حضرت قلندر لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه عربي زبان ۾ خاص دسترس رکندا هيا،حضرت سيد عثمان مروندي المعروف حضرت لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه مادر زاد ولي هيا، پان ننڍپڻ ۾ ئي الله تعاليٰ جي ياد ۾ محو رهندا هيا، سندن وٽان بيشمار خصوصي عادتن جو ظهور ٿيڻ ڪامل اڪمل شخصيت ظاهر ڪري ٿو،جڏهن سندن کي مرشد ڪامل جي تڙپ پيدا ٿي ته انهيءَ زماني ۾ حضرت امام موسيٰ ڪاظم رضي الله تعاليٰ عنه جي خاندان جي هڪ بزرگ جيڪي ڪربلا موليٰ ۾ رهندا هيا، جيڪي صوم صلوات ۽ شريعت محمدي جا سختيءَ سان پابند هيا ۽ اهي گهڻي قدر پنهنجو وقت  ياد الاهيءَ ۾ گذاريندا هيا ۽ سندن کان بيشمار ڪرامتون به ظاهر ٿيون، پاڻ صاحب ڪشف ۽ ڪرامت بزرگ هيا ۽ سندن جي شهريت بي پناهه هئي. سندن جو نالو حضرت شيخ ابو اسحاق بابا سيد ابراهيم قادري هيو، هڪ رات جو ذڪر آهي ته خواب ۾ پنهنجي جد امجد حضور غوث اعظم حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني رضي الله تعاليٰ عنه کي ڏٺو ته اهي فرمائي رهيا آهن ته مروند ۾ سيد عثمان جي طرف توجهه ڪريو ۽ انهيءَ جون روحاني منزلون طئي ڪرايو،سلوڪ جون تمام منزلون طئي ڪرڻ ۾ سندن جو ساٿ ڏيوس، جڏهن حضرت بابا سيد ابراهيم قادري رحمت الله تعاليٰ عليه بيدار ٿيا ته حضرت لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه جي ملاقات لاءِ هلڻ لڳا، سندن سان ملاقات ڪرن بعد پنهنجي سيني سان لڳايو انهيءَ سان گڏ ئي حضرت لعل شهباز قلندر…….جن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته حضرت بابا سيد  ابراهيم قادري رحمت الله تعاليٰ عليه جن کي پهريان کان ئي خوب ڄاڻندڙ هجن،هر روز جي ملاقات سان مرشد جي محبت دل ۾ راسخ ٿي وئي،هڪ ڏينهن ٽيپهري جي نماز کانپوءِ حضرت بابا سيد ابراهيم قادري رحمت الله تعاليٰ عليه جن مروند جي مشائخ عظام کي جمع ڪيو ۽ هڪ محفل جو اهتمام ڪيو ويو،انهيءَ محفل ۾ قادري بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر. رحمت الله تعاليٰ عليه جن کي سلسله عاليه قادريه ۾ داخل فرمائي باطني توجهه ڏيندي معرفت و سلوڪ جون منزلون طئي ڪرائڻ ۾ مشغول ٿي ويا، حضرت بابا سيد ابراهيم قادري رحمت الله تعاليٰ عليه جي باطني توجهه سان حضرت لعل شهباز قلندر. رحمت الله تعاليٰ عليه جي دل ۾ الله تعاليٰ ۽ انجي پياري محبوب عليه الصلوات والسلام جي محبت اڃان به وڌيڪ موجزن ٿيڻ لڳي،تقريبن هڪ سال تائين حضرت  لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت سيد ابراهيم قادري رحمت الله تعاليٰ عليه جي خدمت ۾ رهيا ۽ الله تعاليٰ  جي عبادت ۾ پنهنجو گهڻو وقت گذاريو، اهڙي طرح ٿوري عرصي ۾ ئي قلندر بادشاهه رحمت الله تعاليٰ عليه باطني علوم ۾ ڪمال درجي جي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي،مرشد جي خصوصي شفقت ۽ نگاهه ڪرم جي بدولت سندن جو قلب پاڪ ايتري قدر منور ٿي ويو جو هڪ دفعي حضرت  بابا سيد ابراهيم قادري رحمت الله عليه جو هڪ خصوصي محفل جو اهتمام ڪيو،انهيءَ محفل ۾ هرات ۽ مروند جا مشائخ عظام به مدعو ڪيا ويا هيا ۽ سلسله قادريه جي دستارخلافت سان حضرت لعل شهباز قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه کي نوازيو ويو،حضرت سيد ابراهيم قادري رحمت الله تعاليٰ عليه جو سلسلو طرز سلسله طريقت ٻن واسطن سان حضرت سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني غوث صمداني دستگير بادشاهه پير رضي الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو،شجرهه طريقت حضرت لعل شهباز قلندر رحمت الله عليه، حضرت سيد بابا سيد ابراهيم قادري رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت مرتضيٰ سبحاني رحمت الله تعاليٰ عليه،حضرت شيخ احمد بن مبارڪ رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رضي الله تعاليٰ عنه ،حضرت ابو سعيد رحمت الله تعاليٰ عليه،حضرت ابوالحسن. رحمت الله تعاليٰ عليه،حضرت خواجه الفرخ مظفر طرطوسي رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت عبدالواحد رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت خواجه عبدالعزيز رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت ابوبڪر شبلي. رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت جنيد بغدادي رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت سري سقطي رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت معروف ڪرخي رحمت الله تعاليٰ عليه،حضرت امام علي رضا رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت امام موسيٰ ڪاظم رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت امام جعفر صادق رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت امام باقر رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت امام زين العابدين صلي الله عليه وسلم ، حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم ، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم سان ملي ٿو. قلندر لعل شهباز سيد محمد عثمان مروندي رحمت الله تعاليٰ عليه جن مختلف اولياءِ ڪرام جي روح پرور صحبت ۾ مستفيض رهيا ۽ انهن سان گڏ سير سفر گڏجي ڪيو، انهن ۾ حضرت شيخ فريد الدين گنج شڪر رحمت الله تعاليٰ عليه،حضرت بهاوءُ الدين ذڪريا ملتاني رحمت الله تعاليٰ عليه،حضرت مخدوم جهانيان جلال الدين بخاري. رحمت الله تعاليٰ عليه، شيخ صدرالدين عارف رحمت الله تعاليٰ عليه جن سان ملاقاتون رهيون، حضرت قلندر لعل شهباز. رحمت الله تعاليٰ عليه هڪ طويل عرصي تائين سير و سياحت ڪندا رهيا، سياحت جي دوران ڪيترن ئي اولياءَ الله سان ملاقاتون به ڪيون ۽ ڪيترن ئي علماءِ ڪرام جي مزارات تي حاضريءَ جو شرف به حاصل ڪيائون،سندن پنهنجي اباڻي وطن  مروند شريف کان  عراق ويا ۽ اتان ايران ويا ۽ حضرت امام علي رضا رضي الله تعاليٰ عنه جي مزار شريف تي حاضري به ڏنائون،اتي حاضري جي وقت نماز ۽ تلاوت قرآن پاڪ کان بعد مزار تي فاتحه ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا رهندا هيا، هڪ ڏينهن سندن کي اعتڪاف جو حڪم ٿيو ۽ پاڻ الله تعاليٰ جي رضامنديءَ جي لاءِ خانقاهه رضويه ۾ معتڪف ( اعتڪاف ڪرڻ لاءِ ويٺا) ،اعتڪاف جو سلسلو  چاليهه ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ آخري ڏينهن  ۾ حڪم مليو ته عراق و حجاز ۾ حاضر ٿيو، ۽ اتان حج بيت الله ۽ زيارت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو شرف حاصل ڪريو اهڙي طرح پاڻ حضرت سيدنا امام علي رضا رضي الله تعاليٰ عنه کان روحاني اجازت وٺڻ بعد عراق هليا ويا،عراق ۾ قيام دوران سڀ کان پهريان حضرت امام اعظم ابو حنيفه رحمت الله تعاليٰ عليه جي مزار مبارڪ تي حاضري ڏنائون ۽ اتي ڪجهه ڏينهن قيام ڪيائون ۽ پوءِ پنهنجي ڏاڏا پير حضرت سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني رضي الله تعاليٰ عنه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، سلسله عاليه قادريه جي انهيءَ بنيادي خانقاهه ۾ سندن کي وڏو سڪون محسوس ٿيو ۽ ائين معلوم ٿيو جيئن ڪو ٿڪايل مسافر پنهنجي اصل منزل کي حاصل ڪري وٺي، بارگاهه غوثيه مان  حضرت قلندر لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه مان وڏو روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ اتي جيترا ڏهاڙا رهيا عبادات کان فارغ ٿيڻ بعد مزار شريف ۾ تلات قرآن پاڪ ۽ مراقبي ۾ مصروف رهيا ۽ انوار برڪات جي سندن مٿان پالوٽ ٿيندي رهي ۽ اهڙي طرح قلبي قرار تسڪين ملندي رهي،بارگاهه غوث اعظم. رضي الله تعاليٰ عنه مان قلندري اعزاز مليو، حضرت غوث اعظم رضي الله تعاليٰ عنه جي مزار مبارڪ  بغداد شريف عراق ۾ حاضر رهيا ۽ پوءِ هڪ دفعي خواب ۾ سندن کي حضور غوث اعظم رضي الله تعاليٰ عنه جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو ۽ خواب ۾ سيدنا غوث اعظم محبوب سبحاني دستگير بادشاهه پير رضي الله تعاليٰ عنه پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندي ارشاد فرمايو ته ؛ عثمان توهان اسان جا قلندر آهيو، توهان جو ڪم ٿي چڪو آهي، هاڻي توهان مڪه مڪرمه وڃو ۽ بيت الله جي قربت جي سعادت حاصل ڪريو، جڏهن حضرت لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه بيدار ٿيا ته سندن جي قلب ۾ هڪ عجيب قلندرانه ڪيفيت پيدا ٿي چڪي هئي. پوءِ حضرت قلندر شهباز مروندي رحمت الله تعاليٰ عليه حج تي ويا ۽ سندن اتي عجيب شان سان طواف ڪيائون حجر اسود کي بوسو ڏنائون صفه مروهه جي سعي ڪرڻ بعد دعائون گهريائون، ۽ اهڙي طرح وري مديني مقدس ۾ پنهنجا آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي بارگاهه بيڪس پناهه ۾ حاضر ٿيا سندن سان والهانه محبت جو حال ڪهڙو ڪجي، ڪڏهن ڪهڙي جاءِ تي ته ڪڏهن ڪهڙي جاءِ تي بيٺا رهيا ۽ باب المجيد ته ڪڏهن وري باب جبرئيل وٽ بيهندي نظر آيا ته ڪڏهن وري باب السلام وٽ بيهندا رهيا، روضهءَ اطهر کي ڏسندي ۽ هوش نه رهيو عجيب ذوق آهي ۽ عجيب سوز آهي، قلندر سراپا صدق و اخلاص جو پيڪر ۽ تسليم رضا جي تصوير بڻجي سونهري ڄارين جي سامهون ادب ۾ بيٺا رهيا ۽ پوءِ محبوب کي پنهنجي محبوب سان ملاقات جو گهيرائيءَ جو وقت ملي ويو، اها گهڙي ڪيڏي نه پرڪيف ۽ روح پرور هوندي سبحان الله، ٻڌايووڃي ٿو ته قلندر بادشاهه رحمت الله تعاليٰ عليه يارهن مهينا مديني مقدس ۾ رهيا ۽ ديار يارسول صلي الله عليه وسلم جي برڪتن مان مستفيض ٿيندا رهيا ۽ پوءِ اتان سندن کي اشارو مليو ته هندستان ۾ الله جا ٻانها توهان جا منتظر آهن، انهن جي هدايت جي الله تعاليٰ توهان کي مقرر فرمايو آهي،هاڻي اوڏانهن وڃو ۽ سنڌ پنجاب جي ماڻهن کي دين جي دولت سان  مالا مال ڪيو.اهڙي طرح وري بغداد شريف ۾ حضور غوث اعظم رضي الله تعاليٰ عنه جي دربار ۾ حاضري ڏيڻ بعد ۽ هندستان ۾ اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتي . رحمت الله تعاليٰ عليه جي روضي مبارڪ تي چاليهه ڏهاڙن تائين قيام ڪرڻ انڊيا ۾ حضرت قطب الدين بختيار ڪاڪي رحمت الله تعاليٰ عليه ۽ دهلي مان ويندي پاني پتي ۾ حضرت بوعلي قلندر رحمت الله تعاليٰ عليه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ اتي هڪ وڏي عرصي تائين رهيا، بو علي شاهه به قلندر آهن، سندن جي صحبت ۾ رموز اسرار نمايان ٿيندا رهيا، اهڙي طرح پاني پتي بعد ملتان ۾ چاليهه ڏينهن تائين رهيا ۽ ملتان بزرگن جو مرڪز شهر آهي، تنهن کانپوءِ سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌ وارن جا نصيب جاڳي پيا. سيوهڻ شريف جي مٽيءَ کي مرتبو ۽ مان ملڻ لڳو، حضرت قلندر لعل شهباز. رحمت الله تعاليٰ عليه جڏهن سنڌ ۾ آيا ته انهي وقت سومرن جي حڪومت هئي،قلندر نامه جي دعويٰ آهي ته سندن سيوهن شريف 649 هه ۾ تشريف آوري ٿي ۽ انهي سلسلي م هڪ فارسي شعر مان اها تاريخ ڪڍي وئي آهي، چو باز آشيان قدس شهباز سيوستان نموده جنت آسا، خود تاريخ آس از توئيان خلاس بمود آفتاب دين گفتا. سنڌ ۾ آمد جي حوالي سان ٻڌايو وڃي ٿو ته  قلندر بادشاهه رحمت الله تعاليٰ عليه جڏهن سنڌ ۾ آيا ته سيوهڻ براين ۽ بدڪارين جو مرڪز هيو ۽ هر بدڪاري ۽ برائي پنهنجي عروج تي پهتل هئي. سيوهڻ انهيءَ وقت بت پرستي ۽ ڪفر جو مرڪز بڻيل هيو، زندگي جي هر شعبي ۾ ڇڙواڳي بي راهه روي هئي، شراب ۽ ٻيون معاشرتي برايون عام هيون.ماڻهن جي اخلاقي حالت انتهائي بگڙيل هئي،جڳهه جڳهه تي عصمت فروشي جا اڏا قائم هيا ۽ حضرت قلندر لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه سيوهڻ شريف ۾ پهچندي ئي گمراهه ۽ بدڪار ماڻهن کي پاڪيزهه اصولن کان روشناس ڪرائيندي براين ۽ بدڪارين کان دور رهڻ جي تلقين ڪيائون ۽ ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏنائون.سيوهڻ شريف ۾ پاڻ اسلامي تعليمات عام ڪندي ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏنائون جنهن کانپوءِ بهتري وارو ماحول جڙندو ويو. قلندر لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه زبردست عالم هيا ۽ ڪيترن زبانن ۾ ماهر هيا عربي فارسي زبانن  تي تي وڏو عبور حاصل هيو ۽ سندن جا عربيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن، سندن جي زندگي تمام گهڻين ڪرامات سان ڀرپور آهي،پاڻ بلند پايه درويش هيا ۽ عالم باعمل ۽ ماهر لسانيات، اديب ۽ شعله بيان شاعر به هيا، سندن جي شاعري ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم سندن جي لکيل منقبت ۾ حضرت علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنه سان والهانه وابستگي ۽ سندن جي شاعرانه عظمت ۽ بصيرت جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.اهڙي طرح 21 شعبان المعظم 672 هه، بمطابق 19 فيبروي 1274ع  تي هن فاني جهان مان راهي ٿيا ۽ هميشه جي لاءِ سنڌ جي سيوهڻ شريف کي مان بخشي ويا، قلندر بادشاهه رحمت الله تعاليٰ عليه پنهنجي شاعريءَ ۾ فرمائن ٿا ته عثمان چوشد غلام نبي و چهار يار اسيدش از مڪارم،عربي محمد صلي الله عليه وسلم است.ترجمو ؛ اي عثمان مروندي جڏهن تون نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ سندن جي چار يار دوستن جو غلام ٿي وئين ته پوءِ محمد عربي صلي الله عليه وسلم جي ڪرم جي اميد پيدا ٿي وئي. هزار خوف هو ليڪن زبان هو دل ڪي رفيق، يهي رها هي ازل سي قلندرون ڪا طريق. قلندر کي جيڪي روحاني ڪاميابيون حاصل ٿينديون آهن اهي ڪنهن بادشاهه جي فوج کي به حاصل نه ٿي سگهنديون آهن.سرگروه تمام رندانم! رهبر عاشقان مستانم ! هادي سالڪان عرفانم ! ڪه سگ ڪوئي شير يزدانم حيدري ام.معنيٰ ته حضرت علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنه مون جهڙي عاشقن جا رهبر آهن، اهي عاشقن، سالڪن، پيروڪارن جا پير آهن، منهنجي لاءِ اها ڳالهه باعث فخر آهي ته مان انهن جي گهٽيءَ جو هڪ سگ آهيان ۽ مان حيدري آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو