تحرير زوار حسين شاهه
انتهائي ڏکائيندڙ ڳالهه اها آهي ته رياست پاڪستان ۾ اهي نوان نوان عجيب غريب واقعه اسان جي اڳيان اچي رهيا آهن جو تعجب پيو ٿئي ، ڪڏهن يونيورسٽيز کان شاگرد غائب ڪري ٽارچر ڪري گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان اڳ ئي پوليس مقابلن ۾ ماريا وڃن ٿا ته ڪڏهن ڊاڪٽر حقيقتون بيان ڪرڻ تي ماريا وڃن ٿا ته ڪڏهن شاعر اديب کنڀي غائب ڪري پوليس مقابله ڄاڻائي بي گناهه ماريو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري قلم ڪار جنهن جو پيغمبري شعبي سان تعلق آهي حق سچ لکڻ ڳالهائڻ تان ڪيترن کي موت مار ڌمڪيون ڏيئي به ماريا وڃن ٿا جنهن ۾ هونء ته ڪيترائي هوندا پر هاڻوڪو صالح پٽ جي هڪ انتهائي مفلس شخصيت بهترين انسان اجي ڪمار لالواڻي کي به ڳوليون هڻي امر ڪيو ٿو وڃي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر انهن کي ماريو ڇو ٿو وڃي اهڙي صورت حال بعد مان عرض ڪندس ته خوف جي فضا قائم ٿئي ٿي پر مان عرض ڪندس ته جڏهن رياست پاڪستان جي ڪيترن ئي ادارن مٿان ها زميواري عائد ٿئي ٿي ته هر پاڪستاني خواه ڪهڙي به مذهب سان تعلق هجي يا ڪهڙِ به سياسي پارٽي سان تعلق هجي غير مسلم هجي يا مسلمان ، برحال مان سمجهان ٿو ته هن رياست پاڪستان م في الحال ته ڪوئي به مان محفوظ نه ٿو سمجهان ، مان گذريل 10 سالن کان انساني حقن جي تنظيم سان تعلق رکان ٿو ، ڪيترائي سال انساني حقن جي تنظيم هيومن رائيٽس واچ پاڪستان هيومن رائيٽس پيس آف سنڌ سميت ٻين نجي ادارن سان تعلق رکان ٿو جڏهن ته سوين سنڌ سميت پاڪستان ۾ مون سان دوست ڪم ڪندا رهيا حق سچ چوندا رهيا آهيون لکندا رهيا آهيون دڙڪا دهمان ملندا رهيا آهن پر پوء به قلم جي محنت کي ڪڏهن ڇڏڻ جو سوچو به ناهي ، جڏهن ته ڪالم نگار جي حِيثيت ۾ به سڄي پاڪستان ۾ منهنجي شناخت رهي آهي سچ لکون پيا ڪڏهن ٿريڊ ملندا رهيا آهن پر الله سائين جي حڪم کي بجا لائيندي اڄ به حق سچ لکون ٿا لکندارهنداسين ظالم کي ظالم چوندا رهداسين جيڪو اسان جو ڪم آهي پر گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن يوينيورسٽي جو شاگرد جامشورو هاسٽل مان پوليس کنڀي کڻي ٿي ، ان کان بعد جامشورو پوليس کان ڪراچي منتقل وري ، سکر ، برحال سکر ۾ پوليس مقابلي ۾ نوجوان بي حد سهڻو ڳڀرو نوجوان عرفان جتوئي مارجي وڃي ٿو جنهن خلاف 30 جي لڳ ڀڳ ايف آئي آرس جو تذڪرو اچي ٿو سچ ڇا آهي خدا هي ڄاڻي ٿو پر سوشل ميڊيا ، جڏهن ته سنڌ ٽي وي جي بهادر بيباڪ قلم ڪار بيوروچيف سکر سنڌ ٽي وي صحافت جو بيباڪ ڪردار شوڪت علي نوناري کي عرفان جتوئي بعد وري ، نوجوان قلم ڪار اجي ڪمار لالواڻي جي سڄي اسٽوريز هلائڻ بعد ڪيترائي بي ضمير شيطان جي اولاد ماڻهون اسان جي پياري دوست ڀاء شوڪت علي نوناري ان جي ٽيم کي جنهن ۾ شعيب ڀا ء جاويد کي موت مار ڌمڪيون ملي رهيا آهن ، مان عرض ڪيان ته ڀا جاويد ، شعيب سدائين استاد شوڪت جا ٻانهن ٻيلي رهجيا آهن هر اسٽوڙي کي رڪارڊ هي ڪندا آهن ، برحال جڏهن شوڪت علي نوناري هڪ پوسٽ ذريعي انهن بي ضمير جسم فورش غليظ ماڻهن کي جواب ڏنو ته شوڪت ڪڏهن به حق سچ کي نه لڪائيندو ته سوشل ميڊيا تي هي خبر جڏهن وائرل ٿي ته منهنجي نظر ۾ لکين دوست پوء سماجي رهنما هجن ، قلم ڪار هجن سياسي مذهبي شخصيتن سميت اديب دانشور ، شاعر بزنس مين هر هڪ شوڪت نوناري ان جي ٽيم کي مليل موت مار ڌمڪين جي شديد لفظن ۾ مذمت پڻ ڪئي مان عرض ڪندس ته شوڪت علي نوناري اڪيلو ناهي هي سنڌ آهي شوڪت سنڌ جو بهادر ارڏو پٽ آهي ، مذمت سان ڪم نه هلندو ، انهن کي هاڻ وائکو ڪرڻو پوندو ته اهي ڪير آهن جيڪي نه صرف اجي ڪمار کي امر شهيد ڪن ٿا پر ان سان گڏ انهن جي سچي ڪهاڻي سامهون آڻڻ تي شوڪت نوناري جهڙي ارڏي شخصيت کي به سچ نه لکڻ لاء قلم جي ڊار کي روڪين ٿا ، ائين نه ٿيندو ، مان سلام پيش ڪيان ٿو سنڌ ٽي وي جي سرواڻ داڪٽر عبدالڪريم راڄپر کي ان جي مڪمل ٽيم کي جن پڻ هر حال هر وقت جت ڪٿ شوڪت نوناري جي نه پر هر هڪ قلم ڪار سان گڏ بيٺا آهن ، سنڌي قوم توهان تي فخر ڪري ٿي ، مان عرض ڪندس ته شوڪت نوناري هڪ اهڙو فرض ادا ڪيو جتي ڪجهه پيسن جي بديلي هزارين بي ضمير سماجي رهنما قلم ڪار صحافت جي آڙ ۾ لڪي پيسا ڪمائين ٿا ۽ سنڌ سنڌ جي عوام جو سودو ڪن ٿا ، سنڌ جي ناليواري اديب دانشور قلم ڪار بهترين ليکڪ مظهر ابڙو چيو ته سائين جيڪڏهن ڪو رستو وٺي ويندو آهي ته اتي ڪيترائي راهگير لوسي ڪتا ڀوڪندا رهندا آهن ، پر هاڻ مزو اهو آهي ته ان ڪتي جي مالڪ کي بي نقاب ڪري عوام اڳيان وائکو ڪجي ، قلم ڪار پيغمبري شعبو آهي ، هر هڪ نه ڪجهه قلم ڪار پنهنجي ضمير جو سودو چند ٽڪن تي پاڻ جو وڪرو ڪن ٿا جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ اسان کي پريشان حيران نه يٿڻ گهرجي اهڙا ڪيترائي آهن پر مان سلام پيش ڪندس هر هڪ ان باضمير انسان جنهن سنڌ جي بقا پاڪستان جي آئين سلامتي لاء سنڌ جي وسيلن تي قبضن خلاف سنڌ جي عوام سان يٿندڙ زيادتين خلاف ڀرپور احتجاج به ڪيا ته خبرون اسٽوريز هلائي هڪ تاريخ رقم ڪئي ، شوڪت علي نوناري کي مان گذريل 10 سالن کان ويجهون کان سڃاڻا ، منهنجو نجيب جوڻو ، انورناريجو منظور انصاري اسد وساڻ فقير محمد عباسي ، علي امداد لاڙڪ ديدار عباسي ، شير محمد سولنگي ، سهيل ميمڻ ڪرين نواز سهتو جاويد ملاح ، گدا حسين رضوان حسين ميهوال مغيري ،ٻين جو بهترين دوستي آهي سدائين ڪٿي نه ڪٿي ان سان ملاقاتون پڻ ٿين ٿيون جتي وڏي گپ شپ سنڌي ڪچهريون به ٿينديون انهن م شوڪت نوناري جنهن جا هن وقت تائين پاڪستان سميت سنڌ ۾ هزارين فين هوندا جن سان سدائين هڪ جهيڙائپ نظر ايندي آهي اهو ئي سبب آهي جڏهن شوڪت نوناري کي ڌمڪيون مليون اهي خبرون سوشل ميڊيا تي وائريل ٿيو لکين ماڻهن مذمت سان گڏ احتجاج پڻ ڪيا آهن سٽي پريس ڪلب راڻي پور ، سٽي ڊجيٽل لائيو نيوز اسٽوڊيو جي قلم ڪارن منظور انصاري ، سميت ٻين ڪيترن ئي نه صرف ان واقعي جي مذمت ڪئي پر احتجاج به ڪيا جيڪا سندس جي سوڀ آهي ، هن وقت سنڌ جي عظيم هيرن شخصيتن مان هڪ آهي ، شوڪت نوناري جنهن کي ٿيڻ ته اهو گهرجي ها ته سنڌ حڪومت ان کي سيڪيورٽي مهيا ڪري ها ، پر سنڌ حڪومت ڪڏهين صحافين کي اهو مان سان ڏنو ئي ناهي تڏهن ته اڪثر سنڌ اندر قلم ڪارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انهن کي حراسان ڪيو ويندو آهي ، مان عرض ڪندس ته هن وقت سنڌ سراپا احتجاج آهي گمبٽ کان سنڌ جو ڏاهو قلم ڪار جوڌو حاڪم سنڌو ، صفدر سهتو ، حفيّ منگي ، راڻيپور کان هر هڪ قلم ڪاي يونين آف جرنلسسٽ جو تعلقه سوڀوديرو صدر قربان منگي م نيشنل پريس ڪلب راڻيپور کان گل حسن چانڊيو نديم شيخ اميد علي جامڙو ، شبير جوڻيجو ، سٽي پريس ڪلب راڻيپور آصف علي شر جنيد ميمڻ ، سيد زوار شاه علي امداد ۽ ٻين شديد مذمت ڪئي ، مان سنڌ جي ارڏي پٽ شوڪت نوناري کي قومي سلام پيش ڪيان ٿو عرض ڪندس ته جهڙي ريت بي گناهه عام ماڻهون ته مري رهيا آهن پر محنت رت جو پورهيو ڪندڙ قلم ڪار شهيد ٿين پيا انهن خلاف هاڻ جهاد جو اعلان ڪرڻ گهرجي هن وقت گڏجي جدوجهد جي اشهد ضرورت آهي ، جڏهن ته مان جيڪڏهن عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري جي ڳالهه ڪيان ته خاص ڪاميابي ناهي ملي سگهي مک ڪردار گرفتار ناهي ٿي سگهيو ، جڏهن ته عرفان جتوئي جيڪو شاگرد هو ان کي بي رحمي بي دردي سان قتل ڪيو ويو ، سبب ڪهڙا آهن ڇا پيو ٿئي ، ان لاء اسان کي وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو ، جڏهن ته مان حڪومت وقت سنڌ پوليس جي اعلي اختيارين کان پر زور مطالبو به ڪندس ته شوڪت نوناري کي ٿريڊ آهن جنهن پاڻ ڌمڪين جي وضاحت ڪئي آهي ان کي فوري تحفظ مهيا ڪيو ُوڃي ائين نه ٿئي جو ڪو ٻيو حادثو پيش اچي ، اسان سنڌ جي باشعور عوام ، سنڌ جي باشعور قلم ڪارن اديبن دانشور بزنيس مين سميت سياسي سماجي مذهبي شخصيتن ڪارڪنن جا ٿورائتا آهيون جن ادا شوڪت سان اظهار وفا جو اعلان ڪيو ۽ شديد لفظن ۾ مذمت پڻ ڪئي جڏهن ته سنڌ ۾ عرفان جتوئي سميت اجي ڪمار لالواڻي جي قاتل جي گرفتاري لاء سنڌ سراپا احتجاج آهي ، اچو ته قلم ڪار هر شهري اديب دانشور اهو عهد ڪن ته اي سنڌ جيجل جيسين هي ساهه رهندو توسان واعدو آهي ته جي هرڪنهن مان هڪ آواز ايندو سنڌ اسان جي جيجل آهي سنڌ اسان جي امڙ آهي سنڌ جي هر مظلوم سان جتي به ڪو به ّظلم ٿيندو اسان آواز بلندا ڪندا رهنداسين حق سچ لکندا رهنداسين










