قتل جي ڪيسن م گهربل 10 جوابدار گرفتار

قتل جي ڪيسن م گهربل 10 جوابدار گرفتار

نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ) ايس ايس پي نوشھروفيروز عبدالقيوم پتافي جي هدايتن تي ڏوهارين خلاف ڪارروايون جو سلسلو جاري آهي.قتل ڪيس ۾ گھربل 10 جوابدار گرفتار.نوشھرو فيروز سٽي ٿاڻي جي پوليس قتل جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار کي قتل ۾ استعمال ٿيل غير قانوني هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتوجوابدار عزيز الله چانڊيو جي قبضي مان بنا لائسنس ريپٽر (12 بور) ۽ 03 ڪارتوس هٿ ڪري سنڌ آرمس ايڪٽ تحت ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو.ٻئي طرف نوشھروفيروز جي پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي منشيات فروش کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو. جوابدار جعفر شاهه جي قبضي مان 530 گرام چرس هٿ ڪرڻ بعد تعلقي ٿاڻي تي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.هالاڻي پوليس ٻن مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري ٻن منشيات فروش کي چرس ۽ مضر صحت گٽڪا سميت گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدار غلام شبير/وندر لاشاري جي قبضي مان 530 گرام چرس هٿ ڪرڻ بعد نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. گرفتار جوابدار شڪيل جوگي جي قبضي مان 440 ساشي گٽڪا هٿ ڪرڻ بعد مين پڙي گٽڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.مٺياڻي ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار کي غير قانوني هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو.گرفتارجوابدار راج محمد چانڊيو جي قبضي مان غير لائسنسي ڊبل بيئرر شاٽ گن ۽ 05 ڪارتوس هٿ ڪري سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.محراب پور ٿاڻي جي پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جوابدار کي منشيات فروش کي مضر صحت گٽڪا سميت گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدار نبي بخش نوناري جي قبضي مان 1650 ساشي گٽڪا هٿ ڪرڻ بعد مين پڙي گٽڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ٻئي طرف محرابپور پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري گھربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار جاويد مغل، محرابپور ٿاڻي کي فراڊ ڪيس ۾ گھربل هو.ڀريا سٽي ٿاڻي جي پوليس چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن ساجن ابڙو ۽ نعيم آريجو جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪندي پڇا ڳاڇا دوران هڪ CNIC ڪارڊ، هڪ موبائل فون ۽ 02 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون. ڪورائي پوليس ڪارروائي ڪندي گٽڪو وڪرو ڪندڙ کي نقصانڪار گٽڪي سميت گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار منظور علي ابڙو جي قبضي مان 220 ساشي گٽڪا هٿ ڪري لاڳاپيل ٿاڻي تي مين پڙي گٽڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ٻئي طرف لاکا روڊ ٿاڻي جي پوليس ڪجھ ڏينھن اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي. برآمد ٿيل موٽرسائيڪل تصديق کانپوءِ ڪاوش جي رپورٽر ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي نمائندي محمد اسحاق ڏاهري حوالي ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو