اسيمبليءَ جي قيام سان پارلياماني جمهوريت جي شروعات ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 27 اپريل کي تاريخ جو اهم ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ڏينهن سنڌ قانون ساز اسيمبلي جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارلياماني جمهوريت جي شروعات ٿي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ جي پهرين قانون ساز اسيمبلي جو اجلاس 27 اپريل 1937ع تي صبح 11 وڳي ڪراچي ۾ سنڌ چيف ڪورٽ (موجودا سنڌ هاءِ ڪورٽ بلڊنگ) جي اسيمبلي هال سڏرايو ويو. مراد علي شاهه چيو ته قانون ساز اسيمبليءَ جي قيام سان سنڌ ۾ پارلياماني جمهوريت جي شروعات ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان قائم ٿيو. سنڌ اسيمبلي پاڪستان ٺهڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري ان کي ملڪي تاريخ جو يادگار لمحو قرار ڏنو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ جمهوريت لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون آهن. سنڌ اسيمبلي اڄ يعني 27 اپريل تي وجود ۾ آئي، ان يادگار موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي سمورن جمهوري ادارن کي مبارڪباد ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو