قائد اعظم جو فلسفو ۽ بي خبر سياستدان

قائد اعظم جو فلسفو ۽ بي خبر سياستدان

تحرير زوار حسين شاهه

 پاڪستان جي باني جناب قائد اعظم محمد علي جناح جو پيش ڪيل فلسفو پاڪستان جي تعمير ترقي عزت بقا سلامتي لاء اهم آهي پر بد قسمتي سان جنهن طرح سان جمهوريت جو راڳ بار بار ڳائي سياستدان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي اچن ٿا ، انهن جو جيڪو فلسفو مونکي اڪثر نظر ايندو آهي اهو انتهائي ڏکائيندڙ آهي مثال جن وٽ ماني کائڻ لاء پيسا نه هجن جيڪي  پنڌ گهمڻ جا عادي هجن  ، جن وٽ ڪا پنهنجي ملڪيت نه هجي ، اهي هن وقت ارب پتي ڪيئن ٿيا ، انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪير ڪندو ، پاڪستان ۾ هٿ سان سياسي ڀرتي ڪري  ادارن کي تباهه ڪيو ويو ، جن تي هاڻ عوام جو اعتماد ئي ناهي ، جنهن تي اسان ڏک جو اظهار ڪري سگهون ٿا  مان عرض ڪندس ته قائد اعظم محمد علي جناٻ جي نظريئي کي قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو . پر پوء به ان مٿان ڪيترائي الزام لڳا سچ ڇا آهي ان تي به اسان بحث نه ڪنداسين ، برحال هن وقت پاڪستان معاشي طور مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي غريب عوام هڪ ويلو ماني کائي ٿو ته ٻئي جي اميد به نه ٿو رکي سگهي ، اسان جو سياستدان صرف ڪرپشن طرف وڃي رهيو آهي  تقريبن هڪ سياستدان ڇڏي ٻئي مٿان ڪرپشن جا مني لانڊرنگ جعلي بينڪ اڪائونٽس جا الزام هوندا ڪيترائي اهڙا به آهن جن کي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريون هيون جن جا اگهامه به اسان جي  اڳيان آهن تعجب ته ان وقت به ٿيو هوندو ته هڪ ملڪ جو وزيراعظم يا وزير هجي اهو ڪنهن ارب ڪنٽريز ۾ نوڪري ڪندو هجي  اهو پاڪستان گهٽ ۾ گهٽ مونکي نه گهرجي ، مان مايوس ٿي چڪو آهيان ، هن پاڪستان ۾ هن وقت ڪو به شهري محفوظ ناهي قلم ڪار هجن سماجي رهنما هجن ڊاڪٽر انجنيئرس هجن يا عام شهري هجي جتان جڏهن چاهيو کنڀي گم ڪيو جڏهن چاهيو جعلي مبينا مقابله ڏيکاري ان کي ماري ڇڏيو ، مان هن پاڪستان جي حڪومت مان مايوس آهيان مان اهو پاڪستان نه چاهيندس ، پر ڪڙو سچ اهو آهي ته پاڪستان جان کان به وڌيڪ پيارو آهي پر  سياستدان جيڪي هن ملڪ کي ڪرپشن ڪري هلائين ٿا انهن کان شديد نفرت ڪيان ٿو عوام هاڻ  انهن مان بيزار ٿي چڪو آهي جتي عوام جي جان مال جي به حفاظت نه ٿي سگهي ،  اسان امن پسند صوفي امن جي ڌرتي جا وارث آهيون  وفاق ننڊن صوبن کي پريشان ڪري رهيو آهي ، ننڊا صوبه وفا خلاف بار بار حق وٺڻ لاء احتجاج پيا ڪن ، جڏهن ته هن وقت پاڪستاني قوم کي هڪ ٻئي سا پنهنجا ويڇا دوريون ختم ڪرڻ گهرجن ، قائداعظم محمد علي جناح جي ڏنل فلسفي کي مڪمل وساري ڇڏيو آهي اسان ان تي عمل نه ٿا ڪيومن جيڪا به جمهوريت حڪومت قائم ڪري ٿي اها اڪثر ڪرپٽ ثابت ٿئي ٿي جن مٿان ڪرپشن جا الزام آهن جيڪڏهن  ڪو هٿ وجهي ته پوء جمهوريت کي نقصان نظر ايندو ، سڀ چور لٽيره گڏ ٿي ويندا ، برحال 23 سالن جي مسلسل جدوجهد بعد ڪپتان عمران خان کي  وزيراعطم جي عهدي تي اليڪشن ۾ عوام ووٽ ڏيئي پهچايو آهي اميدون گهڻيون آهن پر نه ٿا سمجهون ته ان تي هو اميد تي لهندو ، پر ڪڙو سچ اهو به آهي ته ا ميد آهي  ، نيب جنهن مٿان به ڪافي الزام عائد آهن پر هو پاڪستان اندر تاريخي ڪم ڪري رهي آهي ، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سابق صدر پاڪستان ،  ملڪ مٿان حاڪميت قائم ڪندڙ سابق وزيراعظم حاضر سروس اسپيڪر وزير  سياسي شخصيتون گرفتار ٿيون   کربين روپيا لٽل دولت پلي بارگين ذريعي حاصل ڪيا ويا اهو به ڪڙو سچ آهي  ،  پاڪستان ۾ جيڪي ڪجهه به ٿي رهيو آهي اهو اسان جي اڳيان آهي ، اڪثر پاڪستان اندر غريبن سان ٿيندڙ ظلم به اڳيان آهي ، تعجب جي ڳالهه ته عوام جي بنيادي مسئلن کي حل نه ڪندر سياستدان جيڪي اليڪشن کان اڳ ته هر هڪ غريب عوام جا بهترين دوست هوندا آهن پر جڏهن به اليڪشن ٿيڻ بعد  ڪو به سياستدان ڪامياب ٿئي ٿو بس ڪڙو سچ اهو آهي .ته پوء انهن سياستدانن جو وري3 ٻيهر ديدار  انتهائي مشڪل سا ئي ٿيندو آهي ، مان عرض ڪندس ته قائد اعظم محمد علي جناح جو فلسلو اهو هو ته هر پاڪستاني شهري خواه غير مسلم هجي يا مسلمان هجي ، ڪهڙي به سياسي پارٽي سان تعلق  هجي يا ڪهڙي به فقعه مذهب سان تعلق هجي انهن کي برابري جي بنياد تي حقوق حاصل آهن جڏهن ته قانون آئين به تمام شهرين لاء برابر آهي ، هڪجهڙا ئي قانو لاڳو ٿيندا ، تعليم حاصل ڪرڻ لاء اسانکي پڻ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ، مان عرض ڪيان ته قائد اعظم محمد علي جناح جو اهو به فلسفو هو ته پاڪستان کي ڪرپشن کان پاڪ سمجهيو وڃي ڪنهن کي به اها اجازت ناهي ته هو ڪرپشن ڪري ، جيڪو به ڪندو ان کي به سخت قانون کي منهن ڏيڻو پوندو ، جڏهن ته مان عرض ڪندس ته جن کي عوام ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪري ٿو اهي حلف وفا به کڻن ٿا پاڪستان جي آئين تي مڪمل عمل ڪنداسين ، عوام جا تمام بنيادي مسئلا حل ڪنداسين پر نه ئي هو پاڪستان جي آئين تي عمل ڪن ٿا نه ئي عوام جا بنياڊي مسئلا حل ڪن ٿا پر تعجب جي ڳالهه ته نه ئي ملڪ اندر عوام جي صحت جو خيال رکيو وڃي ٿو نه تعليم بهتر مهيا ڪئي ٿي وڃي ، نه  امان مان جي صورت حال بهتر آهي ، پاڪستاني شهري هن وقت وڏي اذيت مان گذري رهيو آهي ، مان عرض ڪندس ته قائد اعظم محمد علي جناح جي ٻڌايل فلسفي کي اسان هن وقت وساري چڪا آهيون اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان  جا سياستدان جيڪي  نه صرف پاڪستان پر پاڪستان کان ٻاهر به ڪرپشن ڪري اربين روپيا موڪلي ڪاروبار به ڪن ٿا ته لٽيل دولت به ٻاهرين ملڪن ۾ جمع ڪن ٿا ،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري يوم پاڪستان جي موقعي تي چيو آهي ته اڄ قائد اعظم جي فلسفي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. آصف علي زرداري طرفان يوم پاڪستان جي موقعي تي قوم کي واڌايون پيش ڪيون ويون. آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ضد، ڪوڙ، انا، بغض ۽ نفرت جي سوچ ملڪ ۽ قوم کي نقصان رسايو آهي، اڄوڪي ڏينهن ملڪ جي تعمير، ترقي ۽ وطن تي سر قربان ڪندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي. آصف زرداري چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد اسان کي وطن پرستي جو نظريو ڏنو، پاڪستان جو جوهري پروگرام شهيد ڀٽو جي ياد ڏياريندو هندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ميزائل ٽيڪنالاجي محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ياد ڏياري ٿي، عوام جي مرضي کان هن تي حڪومت مڙهڻ جو نقصان ملڪ کي ٿيو آهي، مضبوط، مستحڪم ۽ ترقي يافته پاڪستان جي لاءِ وفاق کي انصاف ڪرڻو پوندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هر اداري پنهنجي آئيني دار ۽ مينڊيٽ  موجب ڪم ڪري   يوم پاڪستان جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انصاف ۽ برابري جي بنياد تي بيٺل هڪ جمهوري معاشرو ئي اهو بنيادي اصول هو، جنهن تي هي ملڪ قائم ڪيو ويو پر اسان معاشي، سياسي ۽ معاشرتي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا پيا وڃون، ان مان واضح ٿئي ٿو ته قائداعظم ۽ ان جي ساٿين جي عظيم تعليمات کي وساريو ويو آهي   هن چيو ته پ پ کي پهرئين ڏينهن کان جبر جو نشانو بڻايو ويو، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد ۽ شهيد ڪيو ويو، ناانصافين ۽ ظلم باوجود پ پ پاڪستان جي نظريي جي حقيقي علمبردار آهي ۽ قائداعظم جي وزن جي وارث آهي، پ پ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي    سندس چوڻ هو ته اڳتي وڌڻ جو هڪ ئي رستو آئين جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت هجي، هر اداري پنهنجي آئيني دائري ۽ مينڊيٽ موجب ڪم ڪري ، مان عرض ڪندس ته پاڪستان جون سياسي پارٽيون قائداعظم محمد علي جناح جي ان فلسفي کان ڪافي پري ٿي ويون آهن پر مان سمجهان ٿو ته  سياسي پارٽين جي اڳواڻن به قائداعظم محمد علي جناح جي  فلسفي تي هلڻ جي تاڪيد ڪئي آهي ، مان عرض ڪندس ته جيڪڏهن برابري جي بنياد تي  عوام جي خدمت يقيني نه بڻائي وئي ته پوء مان سمجهان ٿو ته وري اهي ڪارا ڪڪر ملڪ مٿان ڏسان ٿو ، پوء معيار نه ٿئي ،  تمام سياسي اڳواڻ سياسي جنگ هٿيار ڦٽو ڪري هڪ پيج تي اچي  ملڪ جي ترقي تعمير لاء  پنهنجو ڪردار ادا ڪيو جيئن قائداعظم محمد علي جناح جي فلسفي تي گڏ هلي سگهون                  .

پهنجو تبصرو موڪليو