ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو جي مٽياري جي ٻوڏ متاثرن ۾ 20 سيپٽمبر تي هڪ هزار في ماڻهو امداد ورهائي هئي.
جے یو آئی ف کا ملانا راشد محمود سومرو سیلاب زدگان میں پیسے بانٹ رہا ھے اور ساتھ ہی دوسرا ساتھی پیسے کی وصولی کرتا جارہا ہے ۔
ایک ہاتھ دے
دوسرے ہاتھ واپس لے pic.twitter.com/4pX3PVJ4W6— Ahmed Janjua (@AhmedWJanjua) September 24, 2022
جنهن جي هڪ ويديو 26 سيپٽمبر تي وائرل ٿي جنهن تي مٿس ڪافي تنقيد ٿي هئي. ان ويڊيو ۾ بظاهر نظر اچي رهيو هو ته راشد محمود سومرو متاثرين کي هڪ هزار ڏئي رهيو آهي ۽ ان جي پويان هڪ شخص ان شخص کان ڄڻ ته رقم واپس پيو وٺي. ان بابت جي يو آءِ پاران ڄاڻايو ويو آهي ته اها پي ٽي آءِ وارن سازش ڪئي هئي.

سندن چوڻ آهي ته اڳ ۾ اسين ٻوڏ متاثرن کي قطار ۾ ويهاري ٽوڪن ڏنا هئا. راشد سومرو هزار جو نوٽ ڏئي رهيو هو ۽ ان جي پويان ايندڙ شخص ڏنل ٽوڪن واپس وٺي رهيو هو.

ويڊيو اهڙي ته ڌنڌلي هئي جو ان ۾ پرچي يا نوٽ به صاف نظر نه پيو اچي. جيو نيوز ان حوالي سان فيڪٽ چيڪ لاءِ جي يو آءِ کان جڏهن ان بابت وضاحت پڇي ته کين ان ڪلپ بدران ڊگهي ويديو کين ڏني وئي جنهن ۾ اهو منظر ڪجهه چٽو هو.










