سيد زوار حسين شاه
جيڪڏهن هن وقت ملڪي صورت حال تي نظر وجهنداسين ته پاڪستان هڪ وڏي امتهان مان گزري رهيو آهي جتي سياسي چڪتاڻ هڪ طرف ٻئي طرف مهنگائي بدحالي بل فاقه ڪشي ، ٽئين طرف بارشبن جي ٿيل تباهي جتي پاڪستان سميت سنڌ م هزارين گهر ڪري پيا ڀتيون ڇتيون جڏهن ته ڪروڙين عام سرندي وارا ماڻهون بي گهر ٿي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هو امداد مالي مدد ٽينٽ ، تڙپال جي اوسيئڙي م ويٺا آهن جڏهن ته هن وقت تائين حڪومت وقت وٽ به عوام جي لاء سايد ڪجهه ڪونهي جنهن تي دلي صدمون پهتو آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي هزارين روپيا پگهار ڪٽي وئي آهي ، تعجب جي ڳالهه ته ويهه سال مسلسل محنت بعد ڪي ٽي ڪمرا هڪ ويرانڊو سرڪاري ملازم ٺاهيو ، اهو به بارش جي ڪري ڪري پيو آهي ويتر سنڌ حڪومت جا نت نوان ڪارنامه ملازمن جي پگهارن مانن ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ٽيهن کان 335 هزخار ڪنهن جا 12 کان 20 هزار به ڪٽي وئي آهي جنهن کان پوء هو گهر جي پپوري ڪيئن ڪري ، گيس بل بجلي بل ٻيون گهر جون ضرورتون ، اسڪول فيس بارڙن جو خرچ ڪيئن برداشت ڪري ، اهي ڪجهه عام ماڻهن سان مجبوريون آهن ، جڏهن ته واپڊا يا وفاق بجلي جي مدد ۾ عجيب غريب ڙيڪس هڻي به عوام جو رت چوسيو آهي جنهن لاء به عوام هن وقت وڏي غم غصي ۾ آهي ، جڏهن ته عوامي پريشر ، واپارين پاران صورت حال ٻڌائن بعد وزيراعظم محمد شهباز شريف 300 يونٽس تائين بجلي جي صارفين کي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تي ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عمران خان کان وڏو ڪوڙو، مڪار، فريبي ۽ پاڪستان جو دشمن ڪو ٻيو نه ٿو ٿي سگهي، آءِ ايم ايف جو پروگرام ختم ڪرائڻ جي لاءِ خط لکرايو ته جيئن پاڪستان ڪنگال ٿي وڃي، اسان 10 هزار ميگاواٽ تائين شمسي ۽ پن بجلي پيدا ڪنداسين جنهن سان زراعت ۽ صنعت سميت ٻين شعبن کي سستي بجلي فراهم ڪئي ويندي، مسلم ليگ (ن) جا سمورا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ٽيمون ٺاهي متاثر علائقن ۾ نڪرن، عمران نيازي پوڻا چار سال ڪوڙ، الزام بازي ۽ نااهلي جو سهارو وٺي معيشت ۽ ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو، نيب سميت ٻين ادارن کي سياسي مخالفن کان انتقام وٺڻ جي لاءِ استعمال ڪيو، فوج ۽ ادارن جي خلاف پروپئگنڊه ڪندڙن کي قوم سڃاڻي، آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدي سان ائين لڳي رهيو آهي ته اسان پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد نه آهيون، هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي لاءِ هن نڪ سانل لڪيرون ڪڍرايون، هلندڙ سال 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ تيل جي درآمد تي خرچ ڪيا، شمسي توانائي سان سستي بجلي پيدا ٿيڻ سان اربين ڊالر جي بچت ٿيندي جيڪا اسان قوم جي بنيادي سهولتن جي فراهمي تي لڳائينداسين. ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي چار مهينن جو عرصو گذري چڪو آهي، هي نمائنده سياسي پارٽين جي مخلوط حڪومت آهي، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته اسان کي ملڪ جي معاشي تباهي ۽ سخت حالتن جو ادراڪ هو، الله جو نالو وٺي ان عزم سان اسان واڳ سنڀالي ته سڀ گڏجي پاڪستان کي ان معاشي تباهي کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، باقي نتيجا الله جي طرفان آهن. هن چيو ته جڏهن اسان ذميواريون سنڀاليون ته شروع ۾ ئي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ عالمي منڊي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 120 ڊالر في بيرل کان قيمتون وڌي ويون جڏهن ته ٻئي طرف اقتدار تان لهندڙ اسان جي لاءِ هڪ کڏ کوٽي ويا ته دنيا ۾ جنهن وقت پيٽرول جون قيمتون بلندي تي هيون ان نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت جنهن ساڍا ٽي سالن ۾ ملڪ ۾ ذري برابر عام ماڻهو جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جڏهن انهن کي يقين ٿيوته هاڻي انهن جو اقتدار ختم ٿي رهيو آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ ويٺل هڪ آفيسر مشورو ڏنو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪريون، عمرام نيازي جو دماغ ته آهي ئي ڪو نه ان لاءِ فوري طور تي ناڻي واري وزير کي قيمتون گهٽ ڪرڻ جو چيو، ناڻي واري وزير به ان سان اتفاق نه ڪيو ته اسان وٽ ان جي لاءِ پئسا نه آهن جڏهن ته هن اهو ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته رڳو پيٽروليم مصنوعات جي درآمد سان هلندڙ سال 20 ارب ڊالر خرچ ٿي ويا. هن چيو ته پاڪستان کي معاشي تباهي جي ڪناري تي آڻيندڙ ان حڪومت آءِ ايم ايف سان پنهنجي ڪيل معاهدي جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون، جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته آءِ ايم ايف پروگرام جاري رکڻ جي لاءِ حڪومت سان ٿيندڙ معاهدي جي شرط پوري ڪرڻ جي شرط رکي. وزيراعظم چيو ته آگسٽ 2018ع ۾ ملڪ ۾ کنڊ 52 رپيا في ڪلو هئي جيڪا پي ٽي آءِ دور ۾ 100 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي، کنڊ جي برآمد جو منصوبو ٺاهيو ويو ۽ گڏ ئي ان تي سبسڊي به ڏني وئي جيڪا بنا جواز هئي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر گهٽ ٿيڻ ۽ سبسڊي ۾ انهن ماڻهن اربين رپيا ڪمايا، اهڙي طرح اڳ م ڪڻڪ برآمد ڪئي پوءِ درآمد ڪئي وئي، ڪورونا جي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ گئس جي قيمت 4 ڊالر في يونٽ هئي جڏهن ته ان وقت ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا ويا جنهن جي ڪري بعد ۾ مجبوري ۾ بجلي جي پيداوار جي لاءِ مهانگي گئس خريد ڪرڻي پئي، يوڪرين، روس جنگ جي ڪري گئس حاصل ڪرڻ مشڪل هو، ڪيترائي ڀيرا اشتهار ڏيڻ جي باوجود واڪ نه آئي. هن چيو پوڻا چار سال معيشت ۽ ملڪ سان گذريل حڪومت جيڪو مذاق ڪيو ائين زندگي ۾ ناهي ڏٺو، چور، ڌاڙيل جو بيانيو کڻي ڪوڙ جي سهاري زباني ڀاشن کانسواءِ انهن ٻيو ڪجهه نه ڪيو، هاڻي جيڪي انهن جي دور جا معاملا اچي رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهن. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پاران قرض پروگرام جي بحالي سان پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو پر اهو ڪو خوشي ملهائڻ يا مبارڪباد ڏيڻ جو موقعو نه آهي ته اسان قرض وٺي خوشي ملهايون، عمران خان چاهيندو هو ته پاڪستان سريلنڪا بڻجي وڃي انهي لاءِ ان جي اڳوڻي ناڻي واري وزير پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ناڻي وارن وزيرن کي چيو ته اهي آءِ ايم ايف کي خط لکن، 29 آگسٽ تي معاهدي کان رڳو هڪ ڏينهن اڳ اها سازش سامهون آئي جڏهن ته خيبرپخونخواهه جي ناڻي واري وزير جو خط به پهچي ويو، ان کانپوءِ ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي ته 90 ڏينهن جي اندر ڪرپشن ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ 30 ارب ڊالر واپس آڻڻ ۽ آءِ ايم ايف جي منهن تي هڻڻ وارو، 50 لک گهر، 2 ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ وارو، بجلي جي بلز کي باهه لڳائڻ وارو ۽ هنڊي جي ذريعي پئسا موڪلڻ جي ڳالهه ڪرڻ واري جو اصل چهرو سڀ سڃاڻي ويا. اڄ هو پاڪ فوج جي خلاف انتشار پکيڙڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ادارن کي ورڇ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ان جو جيڪڏهن ڪنهن اداري نوٽيس ورتو آهي ته اهو خوش آئنده آهي، نواز شريف، خواجه آصف سميت ٻين اڳواڻن جي خلاف آرٽيڪل 6 تائين لڳائڻ جو چيو ويو، نواز شريف پنهنجي دور ۾ عوام جي خدمت ڪئي جڏهن ته پوڻا چار سال سمورن ادارن جي تمام گهڻي حمايت جي باوجود هي رڳو مخالفن تي ڪيس ٺاهي انهن کي چور ۽ ڌاڙيل چوندو رهيو، پاڻ لاهور ويهي هي ان انتقام جي منصوبابندي ڪندو رهيو. وزيراعظم چيو ته ان کان وڏو ڪوڙو، مڪار، فريبي ۽ پاڪستان جو دشمن ڪو ٻيو نه ٿو ٿي سگهي، ان کي سر کان پير تائين ڏسي ورتو آهي، آءِ ايم ايف سان پروگرام ختم ڪرائڻ جي لاءِ خط لکرايو ته جيئن پاڪستان ڪنگال ٿي وڃي. وزيراعظم چيو ته جنهن حد تائين عمران نيازي جا نخرا برداشت ڪيا ويا ، برحال مان عرض ڪندس ته هن وقت حڪومت وقت ميان شهباز شريف مڪمل وصاحت ڪئي آهي ، پر جيڪڏهن مان مهنگائي جي ڳالهه ڪيان يا بک بدحالي جي ڳالهه ڪيان ته ڪڙو سچ اهو آهي ته عوام بک پيو مري ، جڏهن ته حڪومت وقت وٽ به ڪو خاص پلان ناهي ، پر عوام هن وقت جي وزيراعظم جناب شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪري ٿي جنهن 300 يونت وارن جو فيول ايڊجسٽمينت چارجز معاف ڪيا آهن جنهن تي پوري قوم کيس سلام پيش ڪري ٿي ، اميد ت ائين ئي بارش متاثرين جي مدد ڪئي ويندي ، جيئن انهن مان احساس محرومي ختم ٿي وڃي ، برحال وري به ميان شهباز شريف کي ڪيل فيصلي تي خوش آمديد چئون ٿا جڏهن ته ميان شهباز شريف ڪتان مٿان ڇتي تنقيد ڪئي ، عوام اليڪشن چاهي ٿو جنهن کي عوام ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪري ان کي موقعو ڏنو وڃي ته ملڪ جي بقا سالميت ترقي خوش حالي لاء ڪم ڪري.










