”فيض آباد ڌرڻي جو فيصلو، فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جو سبب“

”فيض آباد ڌرڻي جو فيصلو، فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جو سبب“

اسلام آباد (شهزاد ملڪ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس متعلق دائر درخواستن جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل منير اي مڪڪ جو چوڻ آهي ته سندس موڪل جي خلاف صداريتي ريفرنس داخل ڪرڻ و مقصد اعليٰ عدليا کي دٻاءَ ۾ آڻڻ آهي. هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مستقبل جو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عدليه هن معاملي تي سمجوهوتو ڪيو ته عدليه جي آزادي هن ملڪ ۾ هڪ خواب بڻجي رهجي ويندي. سومر ڏينهن منجهند کانپوءِ  جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني بينچ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ڪيس جي سماعت ڪئي جنهن ۾ درخواستگذارن هي ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿين کي اڃا ڪجهه لمحا ئي ٿيا هئا ته لاهور کان آيل هڪ وڪيل اڪمل محمود روسٽرم تي آيو ۽ بينچ جي سربراهه عمر عطا بنديال کي اونچي لهجي ۾ مخاطب ٿيندي چيو ته سندس خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ٿيو هو، تنهن ڪري ان ريفرنس جي فيصلي تائين هو هن لارجر بينچ جو سربراه نٿو ٿي سگهي. اهڙي  صورتحال کي ڏسندي بينچ جي سربراهه سپريم ڪورٽ بار جي صدر کي طلب ڪيو. بعد م واسطيدار برانچ مان ان بابت ريڪار ڊ گهرايو ويو، جنهن مان معلوم ٿيو ته جيسٽس عمر عطا ٻنديال خلاف ريفرنس 2017 م ختم ٿي چڪو آهي. لاهور کان آيل وڪيل عدالت کان ٻاهر سپريم ڪورٽ بار جي صدر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جسٽس بنديال ۽ جسٽس اعجاز الحسن خلاف دائر ريفرنسز بابت کيس ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو. ٻڌڻي دوران بينچ جي ٻين ميمبرن هن وڪيل خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي ڪرن چاهن پيا پر جسٽس بنديال ايئن ڪرڻ نه ڏنو. بينچ جي هڪ ٻئي ميمبر جسٽس مقبول باقر سپريم ڪورٽ بار جي صدر کي مخاطب ٿيندي چيو ته روسٽرم جو تحفظ سندس  ذميوراي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ دليل ڌيندي چيو ته سندس موڪل فيض آباد ڌرڻي بابت فيصلو ڏنو هو، جنهن ۾ واضح طور چيل هو ته فوج جو خفيه ادارو آءِ آيس آءِ سياسي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي وري سياسي جماعت جي حمايت ڪري سگهي ٿو. هن اصغر خان ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ڪيس ۾  ڏنل فيصلي جي روشني ۾ آءِ ايس آءِ  کي سياسي مداخلت کان روڪڻ لاءِ حڪومت کي اپاءَ وٺڻ گهرجن ها. جسٽس فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ چيو ته فيض آباد ڌرڻا بابت ٻن رڪني بينچ فيصلو ڏنو هو پر نظرثاني جي درخواست ۾ سندس موڪل کي نشانو بڻايو ويو آهي، جيڪا بدنيتي ثابت ڪري ٿي. وڪيل موجب ان فيصلي خلاف متحده قومي موومينٽ ۽ پي ٽي آءِ طرفان نظرثاني بابت داخل درخواستن ۾ سخت زبان استعمال ڪئي وئي آهي. وڪيل دعويٰ ڪئي ته فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس وزير قانون جي نظر مان گذريو آهي ، جيڪو نه صرف ڊاڪٽر پر بيريسٽر به آهي، تنهن صدر کي راءِ ڏني آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج کي ڪيئن هٽائي سگهجي ٿو. بينچ جي سربراهه چيو ته هي درخواستون زير التويٰ آهن ۽ ان بابت هو سوچي سمجهي راءِ ڏين. درخواست جي گذار جي وڪيل چيو ته 7 مهينا ٿيا آهنپر اڃا انهن درخواستن تي ٻڌڻي ناهي ٿي. جنهن تي بينچ جي سربراهه ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته اپيلن جي سماعت مقرر ڪرڻ لاءِ ڪو به سپريم ڪورٽ تي دٻاءُ نٿو وجهي سگهي. منير اي ملڪ چيو ته هو صرف نظرثاني جي داخل ڪيل درخواستن جي  زبان بابت ڳالهائيندو. هن چيو ته نظر ثاني جي اپيلن تي هن ٻن رڪني فيصلن کانسواءِ فيصلو لکندڙ جج خلاف مبينه طور تي ججن جي ضابطو اخلاق جي خلاف ورزي جو مرتڪب قرار ڏصيندي چيو ويو ته جسٽس فائز عيسيٰ کي فوري طور هٽايو وڃي. درخوست گذار جو چوڻ هو ته  غڪمران جماعت تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي اتحاد ۾ شامل جماعت  ايم ڪيو ايم ، جيڪي نظر ثاني درخواستون داخل ڪندي جيڪي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي جيڪي الزام عائد ڪيا آهن انهن جا سيريل نمبر به هڪ جهڙا آهن. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته “ويل ڪو آرڊينيٽيڊ”. بينچ ۾ شامل جسٽس فيصل عراب چيو ته لڳي ٿو ته ٻنهي جا فونٽ به ساڳيا آهن. ان دوران عدالت ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. بينچ م موجود جسٽس منصور علي شاهه منير اي ملڪ کان پڇيو ته سندس موڪل خلاف صدارتي ريفرنس ڪڏهن داخل ٿيو؟ ته ان تي منير اي ملڪ چيو ته فيض آباد ڌرڻي جي فيصيلي خلاف نظر ثاني اپيلون 7 مارچ تي داخل ڪيون ويون ۽ جسٽس عيسيٰ خلاف  ريفرنس 10 اپريل تي داخل ڪيو ويو. عدالتي وقت ختم ٿيڻ تي جسٽس فائز عيسيٰ خلاف سماعت 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.( بشڪريه بي بي سي اردو)

پهنجو تبصرو موڪليو