9 مئي ڪيسن ۾ عمر ،زرتاج،شبلي سميت ٻين کي  30 سال سزا

9 مئي ڪيسن ۾ عمر ،زرتاج،شبلي سميت ٻين کي 30 سال سزا

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)فيصل آباد ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي خاص عدالت (اي ٽي سي) 9 مئي جي ڪيسن ۾ فيصلو ٻڌايو آهي، عدالت 196 جوابدارن کي سزا ٻڌائي آهي.عدالت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ زرتاج گل کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.عدالت حساس اداري تي حملي ڪيس ۾ 185 جوابدارن مان 108 کي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته هن ڪيس ۾ 77 ماڻهن کي بري ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جي ميمبر ايم اين اي صاحبزاده حامد رضا کي به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.فواد چوڌري، زين قريشي ۽ خيال ڪاسترو، فيض الله ڪموڪا، رانا اسد محمود خان، بلال اشرف بسرا، هارون رشيد، عماره رشيد، صاحبزاده حسن رضا ۽ ڪامران ورڪ کي هن ڪيس ۾ بري ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، عدالت 9 مئي تي غلام محمد آباد پوليس اسٽيشن تي درج ڪيل ڪيس ۾ 66 جوابدارن مان 8 کي بري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت 58 جوابدارن مان هر هڪ کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته جنيد افضل ساهي کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.ان کان علاوه، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪجهه وقت بعد سول لائنز پوليس اسٽيشن ۾ داخل ٿيل ڪيس ۾ به فيصلو ٻڌايو.هن ڪيس ۾، عدالت 32 جوابدارن مان 28 کي سزا ٻڌائي ۽ 4 کي آزاد ڪيو. انهن 28 جوابدارن کي هر هڪ کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو