فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)پنجاب صوبي جي علائقي فيصل آباد ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي کانپوءِ قتل جي تصديق ٿي وئي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ثابت ٿيو آهي ته نينگري سان زيادتي ڪئي وئي ۽ کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان جاچ جاري آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته 14 شڪي ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ موڪلي وئي آهي.










