فورسز جو ڳجهي اطلاع تي آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا، سپاهي شهيد

فورسز جو ڳجهي اطلاع تي آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا، سپاهي شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا ۽ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو،پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جوابي فائرنگ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا.آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران سپاهي عبدالحڪيم بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، شهيد ٿيل 33 ورهين جي سپاهي عبدالحڪيم جو تعلق ضلعي نصيرآباد سان آهي.مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي ۽ بيگناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سرگرم هئا.آءِ ايس پي آر موجب علائقي مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي، علائقي واسين سڪيورٽي فورسز جي آپريشن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀرپور سهڪار جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو