اسلام آباد: (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري بي اعتمادي رٿ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.اڳوڻي سُڌ سماءُ واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا هن معاملي کي ڏسي، آزاد قوم کي غلام قوم ۾ تبديل ڪرڻو آهي ته سياسي راڄ تبديل ٿيندو. هن چيو ته اسپيڪر جي رولنگ غلط آهي يا صحيح ان باري ۾ اسپيڪر وٽ موجود مواد گهرائي چيڪ ڪيو وڃي. جيڪڏهن هي رولنگ کي غلط قرار ڏيڻ چاهين ٿا ته شهادتن کي ڏسن. هن چيو ته حڪومت تبديل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ ٻاهرين سازش ڪئي وئي.هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت تبديل ڪرڻ واري ڪوشش ڪامياب ٿئي ٿي ته اسان 1940ع واري دور ۾ هليا وينداسين. اها هڪ بدترين سامراج تي قبضي جي ڪوشش هوندي. هن چيو ته عدليه ۽ پارليامينٽ کي آئين جي حدن موجب اڳيان وڌڻو آهي. اسان معيشت کي وڏي مشڪل سان سنڀاليو هو اڄ ڊالر مٿي هليو ويو آهي. پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي. هن وقت پاڪستان ۽ معيشت کي استحڪام جي ضرورت آهي.










