فنڊنگ ڪيس ۾ لڳايل الزامن ۾ عمران خان جو تعلق ناهي

فنڊنگ ڪيس ۾ لڳايل الزامن ۾ عمران خان جو تعلق ناهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ايڪسچنج ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي شاهدين تي سوال پڻ اٿاريا ويا آهن.جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل بينچ طرفان جاري ڪيل فيصلي موجب هڪ به ثبوت نظر ناهي آيو ته عارف نقوي جي اماڻيل رقم ڏوهه جي رقم هئي، ايف آءِ آر ۾ لڳايل الزامن جو عمران خان يا طارق شفيع سان ڪوبه تعلق نه آهي. عمران خان ته ڪنهن به هڪ بينڪ دستاويز تي صحيحون ناهن ڪيون.فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته بينڪ اختيارين بابت اختيار اسٽيٽ بينڪ جو آهي، جنهن ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي. اسٽيٽ بينڪ طرفان ڪابه جاچ نه ڪئي وئي، نه ئي تحريڪ انصاف جي ڪنهن ٽرانزيڪشن کي غيرقانوني چيو ويو.لکت واري فيصلي موجب هڪ الزام پي ٽي آءِ اڪائونٽ کي نئون پاڪستان اڪائونٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو آهي جيڪو ڪوبه ڏوهه نه آهي. ڪيس جي جاچ آفيسر اسٽيٽ بينڪ اختيارين جو به ڪوبه بيان قلمبند ناهي ڪيو. فيصلي موجب ايف آءِ اي مطمئن ناهي ڪري سگهي ته عمران خان جي ضمانت رد ڇو ڪئي وڃي. بينڪنگ ڪورٽ صحيح چيو آهي ته ڪيس ۾ سموريون شاهديون دستاويزي آهن ۽ ان لاءِ گرفتاري جي ضرورت ناهي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي طرفان عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو