فرد واحد مٿان تنقيد ٿيڻ گهرجي .ادارن جو احترام

فرد واحد مٿان تنقيد ٿيڻ گهرجي .ادارن جو احترام

سيد زوار حسين شاه
جنهن طرح سان پاڪستان جي عوام سان سياستدان ، ڪرپٽ آفيسر ڀوتارن جاگيردارن وڏڏيرن پيرن ميرن جي چوڻ تي ڪري رهيا آهن ، اهو اسان کان اوجهل ناهي ، هن پاڪستان ۾ ڪڙو سچ اهو آهي جيڪو ووٽ ڏيئي ڪيترن ئي نانڌن منڊن بي عقل ماڻهن کي ووٽ ڏيئي اڳتي پارليمنٽ تائين پهچائين ٿا اهو لڪيل ناهي . هن وقت به جيڪڏهن هڪ نظر سچ لکندڙنن ڳالهائيندڙن تي نظر وجهنداسين ته يا ته ا نهن کي موت ملي ٿو يا جيل يا ڪيسن کي منهن ڏيئي ٿو ، برحال پاڪستاني عوام وڏي اذيت مان گذري رهيو آهي ، ڪٿي به سچو ماڻهون محفوظ ناهي ، جيئن گذريل رات پاڪستان جو هڪ اهڙو صهافت جو نالو جنهن سچي صحافت کي جيئارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ان جو نالو سينئر صحافي تجزيه نگار محب وطن شهيدن جي ڌرتي سان تعلق رکندڙ ارشد شريف ڪينا نيروبي لڳ هڪ ڳوٺ اندر گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو آهي ، جنهن کان پوء صحافت صهافين پوري دنيا جي سينئر ترين صحافين سڀ تنظمين اهڙي واقعي جي مذمت پڻ ڪئي آهي ، مان عرض ڪيان ته هي ڇا پيو ٿئي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ، سٽي پريس ڪلب راڻيپور ، جي قلم ڪارن لائيو نيوز پروگرام ۾ سيد زوار حسين شاه ، انور ناريجو ، منظور انصاري ، ديدار عباسي ، شير محمد سولنگي ، نجيب علي ، شهاب فائونڊيشن جي چيئپرسن ميڊم صنم راڄپر سميت هر هڪ هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ، صحافي اڳواڻن هر قلم ڪار ڏک جو اظهار ڪري ٿو ته صحافين کي پاڪستان سميت بين ملڪن ۾ به تحفظ مهيا ناهي ، ڇا صحافي ننڌڻڪا آهن ، ڇا صحافين جا وارث زنده ناهين ، جڏهجن جيڪو چڙي ٿو ڪڏهن چيئنلز بند ڪڏهن اخبار بند ، ته ڪڏهن صحافين مٿان سچ لکڻ تي جهڪائڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وڃي ، برحال اهو سلسلو هاڻ رڪجڻ گهرجي ، جيڪڏهن ائين ئي ٿيندو رهيو ته پوء انقلاب کي ڪير به نه ٿو روڪي سگهي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کان سڀ واقف آهيون ، پاڪستان جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته گهڻا راز کلندا ، سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سڀني آئين جو احترام ڪرڻ کپي ۽ فوجي اداري بدران آئين ٽوڙڻ واري جرنيل جي مذمت ڪئي وڃي. لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڀٽو جو ٽرائل ڪنهن فوجي عدالت نه سول ڪورٽ ڪيو هو، جنهن بئنچ ۾ فوجي عدالتن جي قيام جو معاملو آيو، مان ان جو حصو هئس، مان جونيئر ترين جج ۽ اقليتي فيصلي جو حصو هئس. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پاڪستان کي جهموري انداز ۾ حاصل ڪيو ويو، ان تي پهريون حملو ان وقت ٿيو جڏهن آئين ٽوڙيو ويو، جهموريت تي پهريون حملو هڪ بيورو ڪريٽ غلام محمد ڪيو، مولوي تميز الدين اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمل کي چئلينج ڪيو، جهموريت تي ٽيون وار ضياءَ الحق ڪيو هو، آئين ڦاڙيو ويو پر سندس خلاف درخواست کي ٻڌڻي نه جوڳو قرار ڏنو ويو، چوٿون ڀيرو مشرف آئين ٽوڙيو، سپريم ڪورٽ رياست جي پگهاردار ملازم مشرف کي آئين جي ترميم جو اختيار پڻ ڏنو ويو هو، هڪ پگهاردار کي اختيار ڏيڻ وارا ججز پاڻ به پگهاردار ملازم هئا. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي عدليا ۽ ايگزيڪٽو جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ايگزيڪٽو طور فوج جي حصي جي ضرورت آهي، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ عوام جي چونڊيل قيادت جي ذريعي حڪمراني جي ضرورت آهي، پاڪستان مان جهموريت کي ڪڍڻ ان جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ ۽ وطن دشمني آهي، سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو فرد جي ڪردار تي ڳالهايو، اداري تي تنقيد نه ڪريو، آئين ٽوڙڻ واري جرنيل جي مذمت ڪريو پر اداري جي نه، مون سميت سڀ آئين جي آرٽيڪل 5 جي تحت قانون ۽ آئين جا پابند آهن، اسان کي عوام پگهار ڏيندو آهي ۽ هر ماڻهو انفرادي طور اسان جو حساب ڪري سگهي ٿو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هڪ وزيراعظم کي نااهل ڪيو ويو ته هن پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي هئي، مان فيصلي تي تبصرو نه ڪندس پر فيصلي ۾ لکيو ويو ته اوهان کي جيڪا پگهار وٺڻي هئي اها نه ٻڌائي، اوهان سچ نه ڳالهايو اوهان سٺا مسلمان نه آهيو، پوءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وئي، جي ٽي آءِ جو لفظ پهريان نه ٻڌو هو. هن چيو ته ايگزيڪٽو ۾ جنرل ايوب، جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف کي بليڪ لسٽ ۾ رکان ٿو، مان پاڪستان جي پهرين آرمي چيف سر فرينڪ والٽر ميسروي ۽ ٻئين آرمي چيف سر ڊوگلس گريسي کي وائٽ لسٽ ۾ رکان ٿو، ايوب خان پاڪستان جي آرمي چيف کان پلاٽ گهريو هو، پوءِ ان آرمي چيف کي هٽايو ويو، ائين پلاٽن جي سياست شروع ٿي، پاڪستان ۾ پلاٽن واري سياست تمام گهڻي مشهور آهي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل چيو آهي ته طالبان سان ڳالهين کان اڳ انهن سان ڳالهيون ڪيو، جن سان توهان جو اڻٽٽ رشتو آهي. نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي اختر مينگل چيو ته اسان جي جماعت تحريڪ انصاف حڪومت جي تبديلي جي حق ۾ نه هئي، اڄ به اهو ئي موقف آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هٽائڻ سان اسان کي نقصان ٿيندو. هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي تڪبر ٻوڙيو آهي، تحريڪ انصاف جا پنهنجا ميمبر باغي نه ٿين ها ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿئي ها. سندس چوڻ هو ته طالبان کان اڳ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جن سان توهان جو اڻٽٽ رشتو آهي، شهباز شريف سان ملاقات ڪري خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، موجوده حڪومت به اسان جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ بي وس نظر اچي رهي آهي. بي اين پي سربراهه چيو ته پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ اسان جن ڏانهن اشارو ڪندا هئاسين، عمران خان تسبيح تي انهن جو نالو کڻي تعريف ڪندو هو، عمران خان سان اسان جو مسئلو گم ٿيل ماڻهن ۽ ڊولپمينٽ جو هو. اختر مينگل چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ بلوچستان جي اهميت ناهي پر جڏهن ووٽن جي ضرورت پئي ته بلوچستان ياد ايندو آهي، گذريل حڪومت ۾ اسان آواز اٿاريندا رهياسين پر ڪنهن نه ٻڌو. موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو درست ناهي، ڪالهه ٻيو ڪو پڇتائي رهيو هو اڄ عمران خان پڇتائي رهيو آهي، ائين نه ٿئي سڀاڻي اسان پڇتايون ، جڏهن ته ملڪ اندر جيڪڏهن مان غلطي ڪيان ته ان جي تنقيد به مون مٿان ٿيڻ گهرجي ، ادارن مٿان نه ، جيڪڏهن ائين ڪيون ته اسان جا مسئلا به حل ٿيندا ۽ ڪو ڪم به نه رڪبو ، جيئن پاڪستان يج قوم پسرت اڳواڻ اختر مينگل پڻ بهترين ڳالهه ڪئي آهي ، ته پاڪستان م سدائين پاڪستاني شهرين کي نظر انداز ڪيو ويو آهي بنيادي حقن جي لتاڙ به ٿيندي رهي آهي ، گهٽ ۾ گهٽ اها بدن يٿڻ گهرجي ، هن بهترين ڳالهه ڪئي ته اسان سڀنن کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي ۽ تنقيد به ان تي ڪرڻي آهي جيڪو غلطي ڪري ، مان سمجهان ٿو ته هن وقت به سياستدانن جي ڪچن ڪردارن جي ڪري ، جنهن طرح سان ڪرپشن ڪندا رهيا جهڙي ريت سياستدان ڪرپشن ڪندا رهيا ، مني لانڊرنگ ڪندا رهيا ، انهن کي قانوني مدد مهيا ڪئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو