اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سي سي پي او غلام محمود ڊوگر جي بحالي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو ته غلام محمود ڊوگر ٽرانسفر جي منظوري زباني طور تي حاصل ڪئي وئي زباني منطوري کان پوءِ لکت طور اليڪشن ڪميشن کان اجازت ورتي وئي هرهڪ جي نظر ۾ غلام محمود ڊوگر جي ٽرانسفر سپريم ڪورٽ جي ٻه ڊسمبر جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي حڪم نامي مطابق غلام محمود ڊوگر جو معاملو پهريان کان سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هو غلام محمود ڊوگر جي ٽرانسفر جو 23 جنوري جو حڪم برقرار نٿو رکي سگهجي ٽرانسفر جو 23 جنوري جو حڪم معطل ڪيو وڇي ٿو عدالت چيو ته غلام محمود ڊوگر ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي پوليس ٽرانسفر پوسٽنگ ڪيس سان گڏ ڪئي وڃي.










