غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل معاشرو

غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل معاشرو

طفيل مگسي

دنيا جي سمورين وڏين وڏين تهذيبن ۾ غلامي جو رواج رهيو آھي.جن ۾ اڪثر جنگين جي دوران گرفتار ڪيل قيدي هوندا هئا يا وري اهي ماڻھو جن کي غلامي جو ڪاروبار ڪرڻ وارا ٻين علائقن کان اغوا ڪري يا زبردستي پڪڙي ڪري وڪرو ڪندا هئا.انهن جي گراهڪن ۾ بادشاھن کان وٺي امير هوندا هئا.جيڪي غلامن کي گهريلو ڪمن.حفاظتي دستن ۽ ڪارخانن لاء استعمال ڪندا هئا.هڪ ڀيرو جڏھن غلامي جو دائرو قائم ٿي ويو هو ۽ ان سان حڪمران طبقي مفاد لاڳاپجي ويا ته هر دور جي مذھب ۽ اخلاقي قدرن ان اداري جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ان جي وجود کي انساني ضرورتن لاء جائز قرار ڏنو.ڇاڪاڻ ته غلام نجي ملڪيت جي حيثيت ۾ ايندا هئا.ان ڪري سندن حيثيت وڏي هوندي هئي.۽ نجي جائيداد جي تقدس ۽ حفاظت کي هر دور ۾ مٿين طبقن جي مفادن ۾ جائز ۽ ضروري سمجهيو ويندو رهيو آھي.ان ڪري غلامن جو انساني درجو گهٽائي صرف جائيداد جو هڪ بي ساھ حصو سمجهيو ويو .انڪري هڪ غلام جي پنهنجي ڪا حيثيت نه هوندي هئي.ان جو پنهنجو ڪو ڪردار نه هوندو هو.بلڪ سندس مالڪ ئي هن جو نالو رکندو هو.۽ پوء ان ريت سدائين سندس ساڳيو ئي نالو رهندو هو.جيڪڏھن ڪو غلام آزاد ٿي ويندو هو ته ان جي نتيجي ۾ هڪ بي جان شيء جي حيثيت سان ان جي مٽاسٽا هڪ جاندار شخص جي صورت ۾ ٿيندي هئي.غلامي ۽ ساراج جو ساٿ سس ۽ نهن وارو رهيو آھي.جڏھن به ڪا قوم متحد ٿي ۽ ان ڪمزور پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪري ان کان غنيمت جو مال ڦرڻ شروع ڪيو ته ان مال سان گڏوگڏ انسان به بحيثيت غلام آندا ويندا هئا.ان ڪري جڏھن فاتح قومن جون فوجون واپس ورنديون هيون ته انهن سان گڏ غلامن جي فوج به هوندي هئي.جيڪي بحيثيت انعام جي فوج ۾ ورهايا ويندا هئا ۽ منڊين ۾ وڪرو ٿيندا هئا.غلامن جي گهڻائي انهن جي دستيابي جو اثر انهن معاشرن تي زبردست پيو ۽ ان جي ڪري سندن سماجي رتبا بدلجي ويا.اهي قومون ۽ قبيلا جن جي ماڻھن کي غلام بڻائي آندو ويندو هو.انهن جي لاء ڪابه دلين ۾ عزت نه هوندي هئي.اهي غلامن جي شڪل بڻجي پنهنجو سڄو احترام وڃائي ويندا هئا.خاص طور جڏھن افريقي ماڻھن کي غلام بڻايو ويو ته انهن جي رنگ جي ڪري انهن جي لاء نفرت جا لفظ استعمال ڪيا ويا.جنهن جي ڪري رنگ جي نسل پرستي پيدا ٿي ۽ ڪاري اڇي جو فرق قائم ٿيو.غلامن جي گهڻائي سبب ان معاشري جي غريب مفلس ماڻھن تي اهو اثر پيو ته انهن جي ڪم ڪار ۽ ملازمت جا موقعا گهٽ ٿي ويا.غلامي جي ڪري ٻولي تي به اثر پيو.ڇاڪاڻ ته انهن غلامن کي بنا ڪنهن احترام ۽ عزت جي مخاطب ڪيو ويندو هو لاطيني ٻولين ۾ انهن کي چاهي انهن جي عمر ڪهڙي به هجي ڇوڪرو سڏيو ويندو هو.سنڌ ۾ زميندار پنهنجن ملازمن کي چاهي سندن عمر ڪيتري به هجي ڇورا ڇوڪرا ڪري سڏيندا هئا.ان جي پسمنظر ۾ اها ذھنيت هئي ته انهن غلامن جي حالت اها آھي جيڪا هڪ ناسمجه ڇوڪري جي هوندي آھي.ان لاء ٻولي ۾ طبقاتي فرق اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿي ويو.رومي سلطنت ۾ اھو قانون هو ته جيڪڏھن ڪو غلام پنهنجي آقا کي قتل ڪري ته ان جي بدلي ۾ ان جي گهر ۾ جيترا غلام هئا انهن کي انهيء ڏوه ۾ قتل ڪيو ويندو هو.مشھور رومي مورخ ٽي سي ٽيء هڪ واقعو لکيو آھي ته 61 سالن ۾ هڪ غلام پنهنجي رومي آقا کي ان جي خراب رويي جي سبب قتل ڪري ڇڏيو.جيتوڻيڪ رومي قانون تحت اهي سڀ غلام جيڪي هڪ ئي ڇت اندر هئا.انهن جي قتل جو حڪم ٿيو.انهن ۾ مردن کانسواء عورتون ۽ ٻار به شامل هئا ۽ انهن جو انگ اٽڪل 400 جي لڳ ڀڳ هو.ان تي شھر ۾ گوڙ ٿيو ۽ عوام ان سزا خلاف احتجاج ڪيو پر رومي سينيٽ ان سزا کي برقرار رکيو۽ انهن کي فوج جي نگراني ۾ قتل ڪيو ويو.ان سزا کي برقرار رکڻ جي لاء رومي اميرن ۽ حڪمران طبقن جو اهو مفاد هو ته جيڪڏھن سزا نه ڏني وئي ته پوء ڪنهن جي به جان محفوظ نه رهندي.ان لاء پنهنجي جان ۽ جسماني تحفظ لاء ھنن 400 معصوم غلامن جي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ ان رويي جي خلاف غلامن جو بغاوتون به ٿيون پر ائين محسوس ٿيئي ٿو ته اڪثريت حالتن سان ٺاھ ڪري ورتو ۽ غلامي جي هڪ اهڙي ذھنيت کي جنم ڏنو جنهن ۾ مزاحمت جي ڪا گنجائش نه هئي.۽ آقا کي خوش ڪرڻ لاء جيڪي حربا استعمال ڪيا ان َ۾ چمچاگيري کي اوليت حيثيت حاصل هئي.اهي هر وقت هر پل آقا جي خدمت جي لاء آتا رهندا هئا.چاهي ڏينهن هجي چاهي رات هجي انهن جي پنهنجي ڪا حيثيت نه هئي.انهن جو جسم ۽ انهن جي سگه سڀ آقا جي لاء ھئي.انهن جو پنهنجو نه ڪي ڪو ڏک ۽ نه ڪي ڪا خوشي هئي.بلڪ سندن سمورن جذبن جو تعلق مالڪ ۽ آقا سان هو ۽ اها اهڙي غلامي واري ذھنيت هئي جنهن اڳتي هلي آزاد ۽ غريب عوام کي به مجبور ڪيو ته اهي غلامي جي روايتن تي هلن ۽ حڪمران طبقن جي چاپلوسي جي لاء پاڻ کي قربان ڪن ۽ غلاماڻي ذھنيت کي اختيار ڪن.جيتوڻيڪ غلامن جي ڪنهن تهذيب جي پکيڙ ۾ مثبت ڪردار اد ڪيو آھي.اتي انهن جي ڪري معاشرا ۽ قومون زوال پذير عيون .ان ڪري ڪجه مورخن جو خيال آھي ته رومي سلطنت جو زوال جو هڪ سبب اهو به هو ته انهن جي اميرن پوکي راهي جو ڪم غلامن جي حوالي ڪيو.جنهن جي ڪري هاري بيروزگار ٿيا.جيڪي هنگامو ڪرڻ جي لاء هر موقعي تي استعمال ڪندا هئا.بدامني پکيڙيندا هئا ۽ پوکي راهي جو ڪم غلامن جي هٿن ۾ وڃڻ کانپوء سٺو نه رهيو.پيداوار ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ۽ انهيء اڳتي هلي اقتصادي بحران کي جنم ڏنو.غلامن جي ڪري معاشري جي حڪمران طبقن کي جيڪا واندڪائي ۽ ھر آسائش جا پل ميسر ٿيا انهن کي استعمال ڪندي هنن ادب ۽ آرٽ ۾ تخليقي واڌارا ڪيا.انهن سببن ڏانهن اشارو ڪندي اينگلز پنهنجي مشھور ڪتاب “اينٽي ڊيورنگ“۾ لکيو آھي ته غلامي سبب اهو ممڪن ٿيو ته زراعت ۽ صنعت جي ورهاست جو سلسلو عمل ۾ آيو.جيڪڏھن غلامي نه هجي ها ته ڪنهن يوناني رياست جو وجود نه هجي ها ۽ نه ئي يوناني آرٽ ۽ سائنس وجود ۾ اچن ها.جيڪڏھن غلامي نه هجي ها ته ڪو رومي امپائر نه جڙي ها ۽ بنا يوناني تهذيب ۽ رومي سلطنت جي جديد يورپ جو وجود نه هجي ها.اڻويهين صدي ۾ يورپ ۾ قديم.تهذيبن ۾ خاص طور تي يوناني ۽ رومي دورن ۾ غلامي جي اداري تي تحقيق ٿي ۽ ھي اهو دور هيو ته جڏھن يورپ ۾ غلامي جي خلاف تحريڪ هلي رهي هئي.۽ ان کي هڪ انسانيت دشمن ڏوھ سمجهيو ٿي ويو.جهڙي قدرن جي واڌاري برابري جي اصول کي مقبول ڪرڻ ۾ مدد ڏني هئي ۽ گڏ ئي عيسائي مذھب جي انسان دوستي همدردي ۽ محبت جي اصولن کان تاريخ کي جانچيو ۽ پرکيو ويندو هو ته ته ڪجه مورخ مارڪس ۽ اننگلز جي نظرين کان متاثر ٿي تاريخ جي نئين سر جوڙجڪ ڪري رهيا هئا.۽ ھنن تاريخ ۾ پيداوار جي لحاظ کان جيڪي دور مقرر ڪيا هئا انهن ۾ غلامي جو دور نهايت اهم هو.بهرحال ان زماني ۾ غلامي جي سلسلي ۾ جيڪا تحقيق ٿي ان جو اهم سبب هي هيو ته هينئر تائين مورخن ان اداري کي نظرانداز ڪري رکيو هو ۽ ان جي شروعات . استحڪام  ۽ معاشري تي ان جي اثرن جو تجربو نه ڪيو ويو هو.هاڻي اڻويهين صدي جي مورخن غلامي جي اداري جي اهميت کي سمجهندي ان جي سياسي.معاشرتي ۽ معاشي سببن جو جائزو ورتو.ان تحقيق جي نتيجي ۾ جيڪي نتيجا سامهون آيا اهي هي هئا.اهو درست آھي ته غلامي جو ادارو انسانيت جي خلاف هو ۽ ان معاشري کي غير برابري جي بنيادن تي ورهايو پر ان سان گڏ هن حقيقت کي به تسليم ڪرڻ چاهيو ته يونان جي حڪمران طبقن جيڪو ڪلچر پيدا ڪيو.اهو غلامي جي اداري جي ڪري ممڪن ٿيو ۽  جيڪڏھن ان جي بدلي ۾ دنيا کي ايترو زرخيز.اعلي ۽ مضنوط تمندن ملي وڃي ته هي سوچڻو پوندو ته ڇا ان جي قيمت غلامي جي صورت ۾ درست ۽ جائز هئي.جن مورخن غلامي جي مسئلي کي عيسائيت جي نقط نظر سان ڏٺو.انهن لاء ھن سوال جو جواب مشڪل هو ته عيسائيت پنهنجي عروج جي زماني ۾ ڇو غلامي کي برقرار رکيو.۽ ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي.ان جو هڪ جواب هي ڏنو ويو ته ان وقت غلامي نجي جائيداد جي حيثيت رکندي هئي ۽ رياست جي لاء اھو ادارو ته هڪ ضرورت هو.ان لاء عيسائيت به ان کي برقرار رکيو.۽ ان کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي بلڪ ان لاء اخلاقي سبب ميسر ڪري ان کي مضبوط ڪيوغلامي جا فائدا ۽ نقصان ٻئي هئا .فائدو اهو ته ان سستن مزدورن جي فراهمي ڪئي  ۽ مزدوري جي کوٽ جيڪو مسلئو هو ان کي حل ڪري ڇڏيو پر ان جا نقصان هي هئا ته غلامن جي بغاوتن ۽ فرار غير يقيني صورتحال پيدا ڪئي.معآشري جي ڍانچي کي مضبوط ڪري ڇڏيو.روشن خيالي کي روڪي ڇڏيو.سماجي طور هڪ طبقي کان ٻئي طبقي ۾ وڃڻ جو عمل کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.رياست خاندان جي اقتدار جي مقابلي ۾ ڪمزور ٿي وئي ۽ انهن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ لڳي.قديم غلامي جي مسئلي تي ويهين صدي جي مورخن به ڪم ڪيو .پر جنهن مسئلي جي پاسي ان زماني ۾ وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو.اهو افريقا جي ماڻھن جي غلامي ۽ انهن جو امريڪا ۾ استعمال هو.جنهن جو موجوده دور جي تهذيب ۽ ثقافت تي گهٽ اثر پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو