ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته آفيسر آفيس جي وقت تي سختي سان عمل ڪن. غفلت ڪندڙ آفيسرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه اڄ پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ واپار کاتي جي جاري ترقياتي منصوبن جو پڻ جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. ان موقعي تي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته پنوعاقل سول اسپتال ۾ چيسٽ پين يونٽ قائم ڪيو ويندو. هن يونٽ جي قيام سان علائقي جي ماڻهن کي وقت تي طبي امداد ۾ مدد ملندي. هن چيو ته عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن. آفيسرن کي آفيس جي وقت تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته غفلت ۽ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.










