غزه (ويب ڊيسڪ)غزه جي جباليا پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباري ۾ 3 ٻارن سميت 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا، ٻن ڏينهن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 20 ٿي ويو آهي. خابرو اداري موجب جمعي کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ 140 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن. فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد پنهنجي ڪمانڊر ۽ سندس پٽ جي موت جو بدلو وٺڻ جو عزم ڪيو آهي، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ اسرائيل تي 350 راڪيٽ فائر ڪيا ويا. حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي پنهنجي نئين ڏوهه جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. پاڪستان تازين ظلمن کي غيرقانوني قدمن جو مثال قرار ڏيندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل کي فلسطينين خلاف طاقت جو استعمال بند ڪيو وڃي.










