عيد کانپوءِ ٽرانسپورٽ جا نوان منصوبا شروع ڪرڻ جواعلان

عيد کانپوءِ ٽرانسپورٽ جا نوان منصوبا شروع ڪرڻ جواعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ پاران عيد کانپوءِ ٽرانسپورٽ جا نوان منصوبا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڪراچي ۾ عورتن لاءِ پنڪ بس سروس جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو، عيد کان فورن پوءِ اليڪٽرڪ بسن جا نوان روٽس به شروع ڪيا ويندا،شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ميرپورخاص ۾ عوام جي سفري سهولت لاءِ پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي، پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪندڙن لاءِ ڪيش ليس ٽڪيٽ سروس به متعارف ڪرائي ويندي،هن چيو ته اورنج لائين، بي آر ٽي ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي کي جوڙڻ لاءِ مفت شٽل سروس شروع ڪئي ويندي، عوام لاءِ مفت شٽل سروس عيد کاپنوءِ شروع ڪئي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو