عيد ميلاد النبي ﷺ: رحمت، اخلاق ۽ انسانيت جو پيغام

عيد ميلاد النبي ﷺ: رحمت، اخلاق ۽ انسانيت جو پيغام

منصور نظاماڻي

عيد ميلاد النبي ﷺ مسلمانن لاءِ رڳو خوشيءَ ۽ عقيدت جو ڏينهن ناهي، پر اهو ڏينهن پنهنجي اندر ۾ هڪ اهڙو عظيم پيغام کڻي اچي ٿو، جيڪو انسان جي ذات کان وٺي سڄي سماج جي تعمير تائين پکڙيل آهي. حضرت محمد ﷺ جي ولادت انسانيت جي تاريخ جو اهو روشن باب آهي، جنهن دنيا کي زندگي گذارڻ جو اهڙو مڪمل نمونو عطا ڪيو، جنهن ۾ عبادت سان گڏ اخلاق، انصاف سان گڏ رحم، حق سان گڏ ذميواري ۽ طاقت سان گڏ انسانيت جو درس موجود آهي. ان ڪري جيڪڏهن اسان عيد ميلاد النبي ﷺ کي حقيقي معنيٰ ۾ سمجهڻ چاهيون ٿا ته اسان کي رڳو محفلن، جهنڊن، روشنين ۽ نعرا هڻڻ تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته نبي ڪريم ﷺ جون تعليمات اسان جي ڪردار ۽ روزاني زندگيءَ ۾ ڪيتري جاءِ والاري آهي.

نبي پاڪ ﷺ جي سڄي زندگي انسانيت لاءِ عملي نمونو آهي. قرآن پاڪ پاڻ رسول الله ﷺ کي ”رحمت للعالمين“ قرار ڏئي ٿو. اها رحمت رڳو مسلمانن تائين محدود نه هئي، پر انسانن، جانورن ۽ سڄي مخلوق تائين پکڙيل هئي. پاڻ ﷺ يتيم سان شفقت ڪئي، مسڪين جي مدد ڪئي، غلامن سان انسانن جهڙو ورتاءُ ڪرڻ سيکاريو، پاڙيسري جي حق کي اهميت ڏني ۽ دشمنن سان به اهڙو اخلاق اختيار ڪيو، جنهن دلين کي فتح ڪيو. پاڻ ﷺ جي عظمت جو سڀ کان وڏو راز اهو هو ته پاڻ ﷺ ماڻهن کي لفظن کان وڌيڪ پنهنجي عمل سان متاثر ڪيو. اڄ اسان جي سماج کي به اهڙي ئي عملي اخلاق جي ضرورت آهي، جتي انسان جي سڃاڻپ سندس لباس، عهدي، دولت يا طاقت سان نه، پر سندس ڪردار سان ٿئي.

عيد ميلاد النبي ﷺ اسان کي سچائيءَ جو سبق پڻ ڏئي ٿي. نبوت کان اڳ ئي حضرت محمد ﷺ کي ”الصادق“ ۽ ”الامين“ چيو ويندو هو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جنهن معاشري ۾ امانت، سچائي ۽ وعدي جي پاسداري ڪنهن انسان جي سڃاڻپ بڻجي وڃي، اهو معاشرو ڪيترو مضبوط ٿي سگهي ٿو. اڄ اسان جي معاشري جو هڪ وڏو مسئلو اعتماد جي کوٽ آهي. ڪاروبار ۾ دوکو، روزمره زندگيءَ ۾ ڪوڙ، واعدن جي ڀڃڪڙي، سرڪاري معاملن ۾ بي ايماني ۽ ذاتي مفادن لاءِ اصولن کي نظرانداز ڪرڻ عام ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏهن اسان واقعي رسول الله ﷺ سان محبت جا دعويدار آهيون ته اسان کي پنهنجي زبان، وعدي، ڪاروبار ۽ ذميوارين ۾ سچائي پيدا ڪرڻي پوندي.

رسول الله ﷺ انصاف کي به انساني سماج جو بنياد بڻايو. اسلام ۾ انصاف جو تصور ايترو وسيع آهي جو انسان کي پنهنجي پسند يا ناپسند کان مٿانهون ٿي حق جو ساٿ ڏيڻ سيکاريو ويو. نبي ڪريم ﷺ جي مديني واري رياست ۾ قانون جي نظر ۾ انسانن جي عزت ۽ حقن کي اهميت حاصل هئي. اڄ اسان جي سماج ۾ ڪيترائي مسئلا ان ڪري پيدا ٿين ٿا، جو اسان انصاف کي اصول بدران ذاتي مفاد سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. طاقتور لاءِ هڪ قانون ۽ ڪمزور لاءِ ٻيو قانون ڪنهن به معاشري کي مضبوط نٿو ڪري سگهي. عيد ميلاد النبي ﷺ جو پيغام اسان کي ياد ڏياري ٿو ته انصاف سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، جنهن سان معاشرو مضبوط ٿيندو.

پاڻ ﷺ عورتن جي عزت ۽ حقن بابت به اهڙا اصول ڏنا، جيڪي ان دور جي سماج لاءِ هڪ وڏو انقلاب هئا. ڌيءَ کي رحمت قرار ڏيڻ، عورت کي عزت ڏيڻ، ماءُ جي مقام کي بلند ڪرڻ ۽ خاندان جي ذميوارين کي واضح ڪرڻ نبي پاڪ ﷺ جي تعليمات جو اهم حصو آهي. اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي گهرن ۾ عورتن، ڌيئرن ۽ ٻارن سان عزت، شفقت ۽ انصاف جو ورتاءُ نٿا ڪريون ته پوءِ رڳو ميلاد جون محفلون اسان جي ڪردار کي مڪمل نٿيون بڻائي سگهن. رسول الله ﷺ جي سيرت جو اصل اثر تڏهن ظاهر ٿيندو، جڏهن اسان جو گهر به اخلاق ۽ محبت جو مرڪز بڻجي.

نبي ڪريم ﷺ تعليم کي به وڏي اهميت ڏني. جاهلت جي اونداهيءَ ۾ علم جي روشني ڦهلائڻ پاڻ ﷺ جي مشن جو اهم حصو هو. علم انسان کي رڳو روزگار نٿو ڏئي، پر سوچڻ، سمجهڻ ۽ صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت پڻ عطا ڪري ٿو. اڄ اسان جي نوجوان نسل کي علم سان گڏ اخلاق، برداشت، تحقيق ۽ ذميواريءَ جي تربيت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسڪول ۽ يونيورسٽيون رڳو ڊگريون ڏين، پر ڪردار نه ٺاهين، ته معاشرو ترقيءَ جي باوجود اندر کان ڪمزور رهندو. سيرت النبي ﷺ مان اسان کي علم ۽ ڪردار جي گڏيل اهميت جو سبق ملي ٿو.

اسان جي موجوده سماج ۾ عدم برداشت، نفرت، فرقيواريت ۽ هڪ ٻئي کي گهٽ سمجهڻ جا رويا وڌي رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي اختلافِ راءِ اڪثر دشمنيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. اسان ننڍڙي ڳالهه تي هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ، الزام هڻڻ ۽ ڪردار ڪشي ڪرڻ شروع ڪريون ٿا. جڏهن ته رسول الله ﷺ جو طريقو نرم گفتگو، حڪمت، صبر ۽ برداشت جو آهي. اختلاف انسانن جي فطرت ۾ شامل آهي، اختلاف کي دشمنيءَ بدران صبر، برداشت ۽ حڪمت سان منهن ڏيڻ گهرجي، جيئن اڳئين ماڻهو جي دل آزاري به نه ٿئي. جيڪڏهن ميلاد النبي ﷺ اسان کي برداشت، محبت ۽ حسنِ اخلاق سيکاري ته اهو ميلاد اسان جي زندگيءَ ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهي ٿو.

عيد ميلاد النبي ﷺ جو سڀ کان وڏو تقاضو اهو آهي ته اسان پاڻ کي سيرتِ رسول ﷺ جي آئيني ۾ ڏسون. اسان جي نماز، روزو، ذڪر ۽ عبادت پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر انهن عبادتن جو اثر اسان جي اخلاق ۾ به نظر اچڻ گهرجي. جيڪڏهن زبان تي درود هجي پر دل ۾ نفرت هجي، جيڪڏهن ميلاد جي محفل ۾ محبت جون ڳالهيون ڪيون وڃن پر گهر کان ٻاهر انسانن سان ظلم ڪيو وڃي، ته پوءِ اسان کي پنهنجي عمل تي غور ڪرڻ گهرجي. نبي پاڪ ﷺ سان محبت جو بهترين ثبوت اهو آهي ته هر انسان سان محبت، عزت ۽ احترام وارو رويو اختيار ڪريون.

اڄ جڏهن دنيا جنگين، معاشي ناانصافين، نفرتن، غربت، ذهني پريشانين ۽ سماجي انتشار کي منهن ڏئي رهي آهي، تڏهن سيرت النبي ﷺ جو پيغام اڳ کان وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي. دنيا کي اهڙي انسانيت جي ضرورت آهي، جيڪا طاقت کان وڌيڪ رحم کي، نفرت کان وڌيڪ محبت کي ۽ مفاد کان وڌيڪ انصاف کي اهميت ڏئي. رسول الله ﷺ جي زندگي اسان کي ٻڌائي ٿي ته هڪ انسان پنهنجي اخلاق، سچائي، صبر ۽ رحم سان تاريخ جو رخ تبديل ڪري سگهي ٿو.

تنهن ڪري عيد ميلاد النبي ﷺ تي اسان کي رڳو گهرن، گهٽين ۽ مسجدن کي روشن ڪرڻ بدران پنهنجي دلين کي به روشن ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي زبان ۾ سچائي، پنهنجي دل ۾ رحم، پنهنجي عمل ۾ انصاف، پنهنجي گهر ۾ محبت ۽ پنهنجي سماج ۾ انسانيت پيدا ڪرڻي آهي. جيڪڏهن ميلاد کان پوءِ اسان جو رويو ڪنهن يتيم لاءِ نرم، ڪنهن غريب لاءِ مددگار، ڪنهن ڪمزور لاءِ محافظ، ڪنهن اختلاف ڪندڙ لاءِ برداشت وارو ۽ پنهنجي ذميواريءَ ۾ وڌيڪ ايماندار بڻجي وڃي، ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته اسان عيد ميلاد النبي ﷺ جو اصل پيغام سمجهي ورتو آهي. نبي ڪريم ﷺ جي ولادت جو جشن حقيقت ۾ تڏهن بامعنيٰ ٿيندو، جڏهن اسان جي زندگيءَ ۾ سندن سيرت جي روشني نظر ايندي، ڇاڪاڻ⁠تہ رسول الله ﷺ سان محبت جو سڀ کان خوبصورت اظهار اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي ڪردار کي سندن اخلاق جي خوشبوءَ سان مهڪايون.

پهنجو تبصرو موڪليو