عورت جدوجھد اڻکٽ سفر جو اھڃاڻ

عورت جدوجھد اڻکٽ سفر جو اھڃاڻ

خاصخيلي لطيف راولاڻي
پوري دنيا ۾ 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينھن جي طور تي ملھايو وڃي ٿو۔عورتن جي جدوجھد سڄي دنيا ۾ مشھور آھي ته ڪئين نه عورت ظلم جبر جي خلاف اوچو جبل بڻجي ڪري مقابلو ڪري سگھي ٿي ۔ملڪ ۽ معاشري لاء عورت جو ڪردار اھم رھيو آھي ھڪ ٻانھي کان وٺي حڪمران تائين عورت جو رول پلي ٿيندو پيو اچي۔عورت جا مختلف روپ رھيا آھن ھو محنت ڪش پورھيت به رھي آھي ته محڪوم ۽ مظلوم به رھي آھي ۔انقلاب جي ھر اول دستي جو ڪردار ۾ عورت اڳڀري رھي آھي ۔دنيا جي وڌ کان وڌ آبادي عورتن جي آھي ۔ھن وقت به دنيا ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون زياده نظر اينديون ۔سنڌ جي تاريخ ۾ به عورت جو اھم ڪردار آھي مائي بختاور کان وٺي اڄوڪي دور جي امه رباب چانڊيو تائين عورت ظلم ڏاڍ جو مقابلوڪندي نظر اچي ٿي ۔مائي بختاور جي دور ۾ سنڌ ۾ وڏيرڪو۽ قبائلي نظام مضبوط ھو عورتون گھر کان ٻاھر نه نڪرنديون ھيون ۔عورتن تي سخت پابندي ھئي تعليم عام نه ھئي ان ھوندي به ھڪ عورت ٿي ڪري وڏيرڪي نظام کي للڪارڻ ڪنھن انقلاب کان گھٽ ڪونھي ۔ان جي ڏنل قرباني کي تاريخ ۾ سونھري لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آھي ۔ڏٺو وڃي ته سنڌ جي عورت جو بنياد مضبوط رھيو آھي جنھن جي شاھدي اسان کي موئن جي دڙي جي ناچڻي ۽ اتان مليل عورتن جي تصويرن جي ذريعي ملي ٿي ته ان دور ۾ عورت سجاڳ ھئي ۽ گھر کان وٺي ڪري حڪومتي ڪم پاڻ سرانجام ڏيندي ھئي ۔جنھن جي باقيات اڃان به قائم آھي جو سنڌي عورت مزاحمت جو اھڃاڻ رھي آھي ۔مائي جندو جي مسلسل جدوجھد ۽ ان جي مزاحمت رنگ لاٿو جو فوجي وردي پاتل آفيسر کي به ڦاھي جي ڦندي تي پھچائي پنھنجو مشن مڪمل ڪيائين ۔پر ڪي عورتون اڃان تائين به ظلم جي چڪي ۾ پيسجي رھيون آھن ۔ڪارو ڪاري ڪري ۽ ڀوتارڪي ظلم جبر ھيٺ اڄ به عورت انھي عتاب جو شڪار آھي جنھن کي وقت جا حڪمران انسانيت جا دشمن اڄ به ڏنگ ھڻن ٿا ۔عورت اڄ به پاڻ کي غير محفوظ سمجھي ٿي ۔امه رباب جھڙيون نياڻيون انصاف لاء ٻاڏائي رھيون آھن پر انصاف ڪونه ٿو ملي شيرين جوکيو جھڙيون ڪمزور عورتون جن کي سماجي ڍانچي ۾ قيد ڪري اظھار راء جي آزادي کان محروم ڪري ميڊيا کان پري ڪري باندي بنايو وڃي ٿو ۔اھا اڃان به مڪمل طرح آزاد ڪونھي ۔اڄوڪي سائنسي ۽ جديد ٽيڪنالاجي دور جنھن کي ڪمپيوٽر جو دور چون ٿا عورت آزاد نه ٿي سگھي آھي ۔ڪنھن نه ڪنھن نموني سان انھي کي رستي تان ھٽايو وڃي ٿو ۔جڏھن سماجي سائنس جي ترقي ۾ عورتن جو عالمي ۽ ملڪي تنظيمون ۽ ادارا به قائم ٿيا آھن زندگي جي ھر ڪاروبار ۾ عورت جي نمائندگي آھي وڏن ادارن ۽ حساس ادارن ۾ به عورتون خدمت سرانجام ڏيئي رھيون آھن ۔پر اھا آزادي اڌوري آھي ان کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آھي ۔ھو ان صورت ۾ ممڪن ٿيندو جڏھن اسان جي ھر عورت ٻاگھل ٻائي مائي بختاور مائي جندو ٿي ڪري نروار ٿينديون ۔اڄوڪي معاشري ۾ عورت انھي سماج ۾ پنھنجو پاڻ پتوڙي رھي آھي ۔سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۾ جتي اڄ به ڀوتارڪو نظام قائم آھي اتي ادي شھناز شيخ جھڙيون سورميون انھي ڏاڍ جبر سماجي ناانصافي خلاف مھاڏو اٽڪائي جنگ ڪري رھيون آھن سنڌ جون عورت ليکڪ پنھنجي لکڻي ذريعي عورت جي بي وسي ۽ ان تي ٿيندڙ ظلمن خلاف لکي رھيون آھن ۔ھاڻي عورت مسلسل جدوجھد جو اھڃاڻ بڻجي چڪي آھي ۔اڄوڪو ڏينھن انھن واقعن ۽ ڪردارن کي ياد ڪرڻ جي لاء ملھايو وڃي ٿو ۔شاه به گھڻو ڪري عورت کي ئي ڳايو آھي پنھنجن ستن سورمين وسيلي ھمت جرئت بھادري جو سبق ڏنو آھي ۔مختلف سورمين جي وسيلي سجاڳي جو پيغام ڏيئي ٿو ۔ڏونگر ڏکوين کي تپي ڪندي ڪوه ۔ھوجي پھڻ پٻ جا لڱ منھنجا لوه

پهنجو تبصرو موڪليو