ميرپور ماٿيلو(ن س) وفاقي محتسب اعليٰ پاڪستان جي ھدايت تي ايسوسيئيٽ ايڊوائيزر ريجنل آفيس سکر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ جي صدارت ھيٺ گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ميرپور ماٿيلو جي آڊيٽوريم ھال ۾ عوامي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ کلي ڪچهري منعقد ٿي گذري۔ جنهن ۾ نادرا، پاسپورٽ ۽ اميگريشن، سيپڪو، سوئي سدرن گيس ڪمپني سميت مختلف وفاقي ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔ کليل ڪچهري ۾ شھرين مختلف وفاقي ادارن بابت شڪايتون پيش ڪيون، جن کي موقعي تي ئي ٻڌو ويو ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا۔ ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وفاقي محتسب اعليٰ پاڪستان جي ھدايت موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کليل ڪچهريون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ٿي سگهي۔ ھن چيو ته عوام کي انصاف ۽ سهولتن جي فراهمي وفاقي محتسب اعلي جو بنيادي مقصد آھي، جيئن شھري سرڪاري آفيسن جا چڪر نه ڪاٽين ۽ کين تڪڙو انصاف ملي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ميرپور ماٿيلو ۾ کليل ڪچهري جو مقصد عوامي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آھي، داخل ٿيل سڀني شڪايتن بابت لاڳاپيل ادارن کي ھدايتون جاري ڪيون وينديون ۽ درخواستگذارن کي آگاهه ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ مهيني کان پوءِ ٻيهر کليل ڪچهري منعقد ڪئي ويندي. ايسوسئيٽ ايڊوائزر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ چيو ته شھري خاص طور تي وفاقي ادارن بابت پنهنجيون شڪايتون داخل ڪرائن، کليل ڪچهريون منعقد ڪرڻ سان عوام ۽ سرڪاري ادارن وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي۔ شهرين وفاقي محتسب اعليٰ پاڪستان جي قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته عوامي شڪايتن جي حل لاءِ ھي سلسلو جاري رهندو










