عمرڪوٽ ويجهو زائرين جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي فوت

عمرڪوٽ ويجهو زائرين جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي فوت

عمرڪوٽ (ن س )عمرڪوٽ ويجهو زائرين جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي ويا، هڪ ڇوڪري سميت ٽن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.پوليس موجب حادثو ڍورنارو جي علائقي ڪلنڪر ڍنڍ ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن زائرين درگاه سحر فقير جي زيارت ڪري واپس وڃي رهيا هئا.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي ويا، ڇوڪري سميت ٽن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا. اونداهي سبب ريسڪيو ڪم ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.پوليس موجب فوت ٿيل سمورن ماڻهن جو تعلق ڳوٺ ڪنڌار سان آهي ۽ سندن تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو